الله جي ذڪر جا فائدا
انسان جي دل لوهه جيان زنگ آلود ٿي ويندي آهي ۽ ان تان ڪس (ڪٽ) لاهڻ لاءِ الله تعاليٰ جي نيڪ ٻانهن کي هر وقت موت کي ياد رکڻ گهرجي ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ گهرجي.
الله تعاليٰ جي محبت جي نشاني ان جي ذڪر ڪرڻ وارن نيڪ ٻانهن مان ملي ٿي ۽ جيڪي ٻانها الله تعاليٰ کي پنهنجو دوست نه ٿا سمجهن اُهي انهن جي ذڪر کي به پسند نه ڪندا آهن.
الله تعاليٰ فرمائي ٿو جيڪو ٻانهو ذڪر ڪندو رهي ٿو، مان اسان ان وقت تائين گڏ رهندو آهيان.
الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته اي ٻانها! پنهنجو سمورو وقت عبادت ۾ گذار، مان تنهنجي هر ڳڻتي کي ختم ڪري ڇڏيندس. توکي سخي (سخاوت ڪندڙ) بڻائيندس ۽ جيڪڏهن تو ائين نه ڪيو ته توکي دنيا جي رنگينين ۾ مشغول (غرق) رکندس ۽ ڳڻتي (فڪر) کي توکان هرگز جدا نه ڪندس.
الله تعاليٰ ان نيڪ ٻانهي سان خوش ٿيندو آهي جيڪو کائڻ وقت الحمدالله چوي ٿو. (جيڪو ٻانهو الله تعاليٰ جي نعمتن جو شڪر ادا ڪندو رهي ٿو).
نماز پڙهڻ وارو ائين آهي جيئن ڪنهن بادشاهه جو در کڙڪايو وڃي ٿو ۽ جيڪڏهن اهو اهڙي ريت مسلسل دورازو کڙڪائيندو رهي ٿو ته ضرور هڪ ڏينهن اهو دروازو ان لاءِ کلي ويندو.