گلا
حضرت انس رضه فرمائين ٿا ته حضور نبي ڪريم ﷺ جن شب معراج تي ويندي ڪجهه ماڻهن کي ڏٺو ته پنهنجي نهن سان پنهنجي منهن ۽ سيني کي رهڙي رهيا هئا. پاڻ پڇا ڪرڻ فرمايائون ته اهي ڪير ماڻهو آهن؟ جبريل عرض ڪيو ته، هي اهي ماڻهو آهن جيڪي ماڻهن جو گوشت کائيندا هئا. (مطلب ماڻهن جي گلا ڪندا هئا). (ابوداؤد)
گلا ۽ چغل خوري ايمان کي اهڙي طرح ٻهاري ڇڏيندي آهي، جهڙي ريت مال چاريندڙ پنن واري ٽاري کي خالي ڪري ڇڏيندو آهي. (ابوداؤد)