حڪومت جو نظام
حضرت عمرو بن مره رضه کان روايت آهي ته ان حضرت معاويه کي چيو مون رسول اللهﷺ کان ٻڌو ته، پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمائين ٿا ته جيڪي حاڪم ضرورت مند ۽ ڪمزورن جي لاءِ پنهنجا دروازا بند ڪن ٿا ته الله تعاليٰ انهن جي ضرورت، ان (حاڪم) جي ضرورت ۽ ان جي مسڪيني جي وقت آسمان جا دروازا بند ڪري ڇڏيندو. (ترمذي)
حضور اڪرم ﷺ جن فرمايو: اوهان جي حاڪمن مان بهترين حاڪم اهو آهي، جنهن سان توهان محبت ڪريو ٿا ۽ اهو اوهان سان محبت ڪري ٿو ۽ اوهان لاءِ دعا ڪري ٿو ۽ بدترين حاڪم اهو آهي جنهن کان اوهان بغض رکو ٿا ۽ اهو اوهان سان بغض رکي ٿو، توهان ان تي لعنت وجهو ۽ اهو اوهان تي لعنت وجهي ٿو. اصحابن فرمايو ته ڇا اسان اهڙن حاڪمن کي معزول نه ڪريون؟ ۽ اهو واعدو جيڪو هن سان اسان ڪيو آهي اهو نه ٽوڙيون؟ پاڻ ڪريمﷺجن فرمايو “ان وقت تائين نه جيستائين اهو اوهان ۾ نماز قائم ڪري، خبردار، جيڪو شخص اوهان مٿان حاڪم بڻايو وڃي ۽ اوهان ان جي اهڙي فعل کي ڏسو جيڪو الله تعاليٰ جي نافرماني تي مبني هجي ٿو ته اوهان ان جي فعل کي خراب سمجهو، پر ان جي فرمانبرداري کان محروم نه ٿيو.” (روايت: عوف بن املڪ اشجعي رضه مسلم)
جڏهن الله تعاليٰ ڪنهن بادشاهه جي ڀلائي ڪرڻ چاهيندو آهي ته ان کي هڪ سچار وزير به ڏئي ڇڏيندو آهي، امير جيڪڏهن ڪا ڳالهه وساري ويهي ٿو ته اهو ياد ڏياري ڇڏيندو آهي، ۽ جيڪڏهن ياد رکندو هجي ته اهو مدد ڪري ٿو، ۽ جيڪڏهن ڪنهن بادشاهه جي ڀلائي مقصود نه هجي ته ان جي لاءِ هڪ خراب وزير پيدا ڪري ٿو جيڪو کيس ڀلجڻ وقت ڪجهه ياد نه ٿوڏياري ۽ ياد هجيس ته ڪا به مدد نه ڪندو اٿس. (روايت: حضرت عائشه صديقه رضه، داؤد، نسائي)