حقيقتون ۽ معرفت
(1) الله تعاليٰ ڪڏهن به غير مسلم کي مسلمان جي مقام (عظمت واري جاءِ) تي نه آڻيندو.
(2) الله تعاليٰ جنهن جو والي (ضمانت ڪندڙ) بڻجي وڃي ٿو، قيامت جي ڏينهن انهن ٻانهن کي ٻين جي حوالي نه ڪندو. انسان جنهن به ميڙ کي پسند ڪري ٿو، قيامت جي ڏينهن ان کي انهيءَ ميڙ (گروهه) سان اٿاريو ويندو ۽ چوٿين شيءَ به اوتري حقيقت واري آهي ته جيڪر آئون ان تي قسم کڻان ٿو ته گنهگار نه ٿيندس.
(3) الله تعاليٰ جنهن ٻانهي جي دنيا ۾ پرده پوشي ڪري ٿو، ان جي آخرت ۾ به پرده پوشي ڪئي ويندي.
ٽي شيون سچيون (حقيقي) آهن:
(1) الله تعاليٰ ان ٻانهي جا درجا بلند ڪري ٿو، جيڪو ڪنهن جي ڪيل ظلم ۽ زيادتي کي معاف ڪري ٿو.
(2) الله تعاليٰ ان ٻانهي کي وڌيڪ محتاج ڪري ٿو جيڪو ٻين (مخلوق) آڏو سوال ڪري ٿو.
(3) الله تعاليٰ ان کي مالا مال ڪري ٿو، جيڪو الله جي رضا لاءِ صدقو ڏئي ٿو.
ٽي شيون قيامت جي عذاب جو سبب بڻجن ٿيون:
(1) آبادين جو اجڙڻ
(2) ويران جاءِ آباد ٿيڻ
(3) نيڪي جو بد ٿيڻ ۽ بدي ڪرڻ واري جو ساٿي ٿيڻ
ماڻهو ويجهر ۾ امانت سان اهو سلوڪ ڪندا، جيڪو اٺ وڻن سان ڪندو آهي.
ٽن ماڻهن جي الله تعاليٰ مدد ڪري ٿو:
(1) في سبيل الله جهاد ڪرڻ وارو
(2) اُن غلام جي جيڪو پنهنجي آزاديءَ بابت ڄاڻايل رقم جو بندوبست ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو.
(3) اُن نڪاح ڪرڻ واري شاگرد جي جيڪو حفاظت عفلت لاءِ نڪاح ڪري ٿو.