کوهه جو بيان
سوال: کوهه ڪهڙين شين سان ناپاڪ ٿي وڃي ٿو؟
جواب: جيڪڏهن پليتي غليظه يا خفيفه کوهه ۾ ڪري پوي يا ڪو وهندڙ رت وارو جانور کوهه ۾ ڪري مري وڃي ته کوهه ناپاڪ ٿي ويندو.
سوال: جيڪڏهن کوهه ۾ ڪو جانور ڪري ۽ پوءِ جيئرو ڪڍيو وڃي ته کوهه پاڪ رهندو يا پليت ٿي پوندو؟
جواب: جيڪڏهن اهڙو جانور ڪري جو ان جو اوڀارو ناپاڪ آهي، يا اهو جانور ڪري جنهن جي بدن تي پليتي لڳل هجي ته کوهه ناپاڪ ٿي ويندو، اهو حلال يا حرام جانور جنهن جو اوڀارو ناپاڪ ناهي ۽ ان جي بدن تي پليتي به لڳل ناهي، پوءِ اهو ڪري ۽ جيئرو نڪري ته جيستائين ان جي پيشاب يا ڪاڪوس ڪرڻ جو يقين نه ٿئي، کوهه ناپاڪ نه ٿيندو.
سوال: کوهه جڏهن ناپاڪ ٿي پوي ته ان جي پاڪ ڪرڻ جو ڪهڙو طريقو آهي؟
جواب: کوهه جي پاڪ ڪرڻ جا پنج طريقا آهن:
(1) جڏهن کوهه ۾ پليتي ڪري ته ان جو سڀ پاڻي ڪڍڻ سان پاڪ ٿي ويندو. (2) جڏهن ماڻهو يا سُوئر يا ڪتو يا ٻلي يا انهن جيڏو جانور يا انهن کان ڪو ٻيو وڏو جانور ڪري مري وڃي ته سڀ پاڻي ڪڍڻو پوندو. (3) ۽ جڏهن ڪو وهندڙ رَت وارو جانور کوهه ۾ ڪري ۽ سُڄي يا ڦاٽي پوي ته سڀ پاڻي ڪڍڻو پوندو، پوءِ جانور ننڍو هجي يا وڏو. (4) ۽ جڏهن ڪبوتر يا ڪُڪڙ يا ٻلي يا ايترو ئي ڪو وڏو جانور ڪري مري ويو ليڪن سُڄيو نه آهي ته پوءِ چاليهه ڏول ڪڍڻا پوندا. (5) جيڪڏهن ڪُئو، جهرڪي يا ايترو ئي وڏو ڪو ٻيو جانور ڪري مري ويو ته ويهه ڏول ڪڍڻا پوندا. ويهن جي جاءِ تي ٽيهه ۽ چاليهن جي جاءِ تي سَٺ ڏول ڪڍڻ مُستحب آهي.
سوال: جيڪڏهن مُئل جانور کوهه ۾ ڪِري پوي ته ان جو ڇا حُڪم آهي؟
جواب: مري ويل جانور جي ڪري پوڻ جو اهو ئي حُڪم آهي جو کوهه ۾ ڪِري مري ويل جي باري ۾ بيان ٿيو. مثلاً ٻڪري مُئل ڪِري ته سمورو پاڻي ڪڍيو ويندو ۽ ٻلي مُئل ڪري ته چاليهه يا سٺ ڏول ۽ ڪُئو مُئل ڪريو ته ويهه يا ٽيهه ڏول ڪڍيا ويندا.
سوال: جيڪڏهن سُڄيل يا ڦاٽل جانور ڪري ته ان لاءِ ڇا حُڪم آهي؟
جواب: سڀ پاڻي ڪڍيو ويندو اهڙي طرح جو کوهه ۾ جانور ڪري مري، سُڄي يا ڦاٽي پوي.
سوال: جيڪڏهن کوهه مان مُئل جانور نڪري ۽ معلوم نه هجي ته ڪڏهن ڪريو آهي ته ڇا حُڪم آهي؟
جواب: جنهن وقت اهو ڏٺو وڃي ان وقت کان کوهه ناپاڪ سمجهيو ويندو.
سوال: ڏول مان ڪيتري انداز جو ڏول آهي؟
جواب: جنهن به کوهه تي جيڪو ڏول رکيل آهي اهو معتبر سمجهيو ويندو.
سوال: جيترا ڏول ڪڍڻا آهن، اهي هڪ ئي دفعي ڪڍڻ گهرجن يا ڪيترا به دفعا ڪري ڪڍڻ جائز آهي؟
جواب: ڪيترا ڀيرا ڪري ڪڍڻ به جائز آهي، مثلاً سٺ ڏول ڪڍڻا آهن، ويهه صُبح جو ڪڍيا ويا، ويهه ٻن پهرن جو ۽ ويهه شام جو ته اهو به جائز آهي.
سوال: جنهن ڏول ۽ رسيءَ سان ناپاڪ کوهه جو پاڻي ڪڍيو وڃي، اهي پاڪ آهن يا ناپاڪ؟
جواب: جڏهن ايترو پاڻي ڪڍيو وڃي جيترو ڪڍڻ گهرجي، تڏهن کوهه ۽ رسي سڀ پاڪ ٿي ويندا.