جُمعي نماز جو بيان
سوال: جمعي نماز فرض آهي يا واجب يا سُنت؟
جواب: جمعي نماز فرض آهي، بلڪه اڳين نماز کان ان جو تاڪيد وڌيڪ آهي، جمعي جي ڏينهن اڳين نماز نه آهي، جمعي نماز ان جي قائم مقام ڪئي ويئي آهي.
سوال: ڇا جمعي جي نماز هر مسلمان تي فرض آهي؟
جواب: جمعي جي نماز، آزاد، بالغ، سمجهدار، چڱن ڀلن ۽ مقيم مردن تي فرض آهي، باقي نابالغ ٻارن، ٻانهن، چرين، بيمارن، انڌن ۽ اپاهجن ۽ اهڙي طرح ٻين عذر وارن ۽ مسافرن ۽ عورتن تي جمعي جي نماز فرض نه آهي.
سوال: جيڪڏهن مسافر يا انڌو يا لولو يا لنگڙو يا بيمار يا عورتون نماز ۾ شريڪ ٿين ته انهن جي نماز صحيح ٿيندي يا نه؟
جواب: هائو! ٿي ويندي ۽ اڳين نماز انهن تان لهي ويندي.
سوال: جمعي جي نماز صحيح ٿيڻ جا ڪهڙا شرط آهن؟
جواب: جمعي جي نماز صحيح ٿيڻ جا ڪيترائي شرط آهن:
پهريون شرط: شهر يا شهر جو قائم مقام وڏو ڳوٺ هجي، اهڙي طرح شهر جي آسپاس جي اهڙي آبادي، جنهن سان شهر جون ضرورتون واسطو رکنديون هجن، مثلاً شهر جا ميت اتي دفن ٿيندا هجن، يا ڇاوڻي هجي ته اها به شهر جي حُڪم ۾ آهي ننڍي ڳوٺ ۾ جمعو درست ناهي.
ٻيو شرط: اڳين نماز جي وقت جو هجڻ.
ٽيون شرط: نماز کان اڳ ۾ خطبو پڙهڻ.
چوٿون شرط: جماعت.
پنجون شرط: عام اجازت هجي.
اهي پنج شرط پورا هجن تڏهن اتي جمعي جي نماز صحيح ٿيندي.
سوال: خطبي پڙهڻ جو مسنون طريقو ڪهڙو آهي؟
جواب: نماز کان اڳ ۾ امام منبر تي ويهي ۽ان جي اڳيان بانگو بانگ چوي، جڏهن بانگ پوري ٿئي، تڏهن امام نمازين ڏانهن منهن ڪري بيهي ۽ خطبو پڙهي. پهريون خطبو پڙهي ٿوري دير ويهي پوءِ وري اُٿي بيهي، ٻيو خطبو پڙهي جڏهن ٻيو خطبو ختم ٿئي، تڏهن امام منبر تان لهي محراب جي سامهون ٿي بيهي ۽ بانگو تڪبير چوي پوءِ حاضرين اُٿي بيهي امام سان گڏ نماز ادا ڪن.
سوال: خطبي جي بانگ ڪهڙي جاءِ تي هئڻ گهرجي؟
جواب: اها خطيب جي سامهون هئڻ گهرجي، پوءِ کڻي منبر وٽ هجي يا هڪ ٻن صفن کان پوءِ يا سڀني صفن کانپوءِ مسجد ۾ هجي يا ٻاهر هر طرح جائز آهي.
سوال: خطبو اردو يا سنڌي ٻولي ۾ پڙهڻ يا سنڌي ۽ ٻئي ڪنهن ٻولي جا بيت پڙهڻ ڪيئن آهن؟
جواب: عربي زبان کانسواءِ ٻي ڪنهن زبان ۾ خطبو مڪروهه آهي، پر خطبي جو فرض ادا ٿي وڃي ٿو، البته ثواب ۾ نقصان ٿئي ٿو.
سوال: خطبي جي وقت ڪهڙا ڪهڙا ڪم ناجائز آهن؟
جواب: (1) ڳالهيون ڪرڻ، (2) نماز سُنت يا نفل شروع ڪرڻ، (3) کائڻ، (4) پيئڻ، (5) ڪنهن ڳالهه جو جواب ڏيڻ، (6) قرآن شريف وغيره پڙهڻ مطلب ته جيڪي ڪم خطبي ٻُڌڻ ۾ رنڊڪ وجهن اهي سڀ مڪروهه آهن.
سوال: نماز جمعي لاءِ جماعت شرط آهي، ان مان ڇا مُراد آهي؟
جواب: جمعي جي نماز ۾ امام کانسواءِ گهٽ ۾ گهٽ ٽن ماڻهن جو هجڻ ضروري آهي، جيڪڏهن ٽي ماڻهو نه هوندا ته جمعي جي نماز صحيح نه ٿيندي.
سوال: اذنِ عام ۽ عام اجازت مان ڇا مراد آهي؟
جواب: اذنِ عام جي معنيٰ اجازت آهي، اذن عام جو مطلب هي آهي ته سڀني کي اجازت هجي، جنهن کي کپي اچي نماز ۾ شريڪ ٿي سگهي، اهڙي جاءِ تي جمعي جي نماز صحيح نٿي ٿئي جتي صرف خاص ماڻهو اچي سگهن ۽ هر ڪنهن کي اچڻ جي اجازت نه هجي.
سوال: جمعي جي فرض نماز جون گهڻيون رڪعتون آهن؟
جواب: ٻه رڪعتون آهن، پر کڻي شروع نماز ۾ شريڪ ٿئي يا کڻي هڪ رڪعت، يا آخري قعدي ۾ شريڪ ٿئي تڏهن به ٻه رڪعتون پوريون ڪري.