باقي گناهن جو بيان
سوال: ڪُفر، شرڪ ۽ بدعت کانسواءِ ٻيا ڪهڙا ڪم ڪرڻ گناهه آهن؟
جواب: ڪُفر، ۽ بدعت کانسواءِ ٻيا ڪيترائي گناهه آهن، جيئن ته ڪوڙ ڳالهائڻ، نماز نه پڙهڻ، روزا نه رکڻ، زڪوات نه ڏيڻ، مال ۽ طاقت هوندي به حج نه ڪرڻ، شراب پيئڻ، چوري ڪرڻ، بدڪاري ڪرڻ، گلا ڪرڻ، ڪُوڙي شاهدي ڏيڻ، ڪنهن کي ناحق مارڻ، ستائڻ، چُغلي هڻڻ، فريب ڏيڻ، ماءُ پيءُ ۽ استاد جي نافرماني ڪرڻ، پنهنجي گهرن ۽ ڪمرن ۾ تصويرون لڳائڻ، امانت ۾ خيانت ڪرڻ ماڻهن کي حقير ۽ ذليل سمجهڻ، جوا کيڏڻ، گاريون ڏيڻ، ناچ ڏسڻ، وياج وٺڻ ۽ ڏيڻ، ڏاڙهي ڪوڙائڻ، پيڏين کان هيٺ ڊگهي سُٿڻ پائڻ يا گوڏ ٻڌڻ، فضول خرچي ڪرڻ، کيل تماشي ناٽڪ ۽ ٿيٽرن ۾ وڃڻ، ان کانسواءِ ٻيا ڪيترائي گناهه آهن، جيڪي وڏن ڪتابن ۾ توهان پڙهندؤ!
سوال: گناهه ڪرڻ وارو ماڻهو مسلمان رهي ٿو يا نه؟
جواب: جيڪو ماڻهو اهڙو گناهه ڪري جنهن ۾ ڪُفر يا شرڪ هجي، اهو مسلمان رهي نٿو سگهي، بلڪ ڪافر ۽ مُشرڪ ٿي وڃي ٿو ۽ جيڪو بدعت وارو ڪم ڪري ٿو ته اهو مسلمان ته رهي ٿو ليڪن ان جو اسلام ۽ ايمان تمام ناقص ۽ ڪمزور ٿي وڃي ٿو، اهڙي شخص کي مُبتدع ۽ بدعتي چئبو آهي ۽ جيڪو ماڻهو ڪفر، شرڪ ۽ بدعت کانسواءِ ٻيو ڪو ڪبيرو گناهه ڪري اهو به مسلمان ته آهي ليڪن ناقص مسلمان آهي، ان کي فاسق چوندا آهن.
سوال: جيڪڏهن ڪنهن کان ڪو گناهه جو ڪم ٿي پيو ته عذاب کان بچڻ لاءِ ڪهڙي صورت آهي؟
جواب: توبهه ڪرڻ سان الله تعاليٰ گناهه معاف فرمائي ٿو، توبهه ان کي چوندا آهن ته پنهنجي گناهن تي شرمندو ۽ پشيمان ٿئي ۽ الله تعاليٰ جي اڳيان روئي زاري ڪري توبهه ڪري ته اي الله! منهنجا گناهه معاف ڪر! ۽ دل ۾ عهد ڪري ته آئون هاڻي ڪڏهن به گناهه نه ڪندس. ياد رکو! صرف زبان سان توبهه توبهه ڪرڻ اصلي توبهه نه آهي.
سوال: ڇا توبهه ڪرڻ سان هرڪنهن قسم جا گناهه معاف ٿي سگهن ٿا؟
جواب: جيڪي گناهه اهڙا آهن، جو ڪنهن به ٻانهي جو انهن ۾ واسطو نه آهي. صرف الله تعاليٰ جو حق آهي ته هو نافرماني ڪرڻ جي سبب کان سزا ڏئي ته اهڙا سڀ گناهه توبهه سان معاف ٿي سگهن ٿا، ايستائين جو ڪُفر ۽ شرڪ جو گناهه به سچي توبهه سان معاف ٿي وڃي ٿو، پر جيڪي گناهه اهڙا آهن جو انهن ۾ ڪنهن ٻانهي جو واسطو آهي، مثلاً ڪنهن يتيم جو مال کاڌائين يا ڪنهن تي تُهمت لڳايائين يا ظلم ڪيائين، اهڙن گناهن کي حقوق العباد چون ٿا، اهي صرف توبهه سان معاف نٿا ٿين، بلڪه انهن جي معافيءَ لاءِ ضروري آهي ته پهريائين ان شخص جو حق ادا ڪريو يا ان کان معاف ڪرايو، ان کانپوءِ الله تعاليٰ جي حضور ۾ توبهه ڪريو، تڏهن معافيءَ جي اُميد ٿي سگهي ٿي.
سوال: توبهه ڪهڙي وقت قبول ٿئي ٿي؟
جواب: جڏهن انسان مرڻ وارو هجي ۽ عذاب جا فرشتا ان جي روبرو اچن ۽ نڙيءَ ۾ ساهه گهٽجي ان وقت جي توبهه قبول ناهي ۽ ان حالت کان اڳ ۾ هر وقت جي توبهه قبول آهي.
سوال: جيڪڏهن گناهگار ماڻهو توبهه ڪرڻ کان سواءِ مري وڃي ته جنت ۾ ويندا يا نه؟
جواب: هائو! سواءِ ڪافر ۽ مُشرڪ جي باقي سڀ گنهگار پنهنجي گناهن جي سزا ڀوڳي جنت ۾ ويندا ۽ هي به ٿي سگهي ٿو ته الله تعاليٰ ڪُفر ۽ شرڪ کانسواءِ باقي گناهن کي سزا ڏيڻ کانسواءِ ڪنهن جي شفاعت سان يا بنا شفاعت جي بخش ڪري ڇڏي!
سوال: ميت کي دُنيا جا عزيز قريب، رشتيدار، دوست وغيره به ڪجهه فائدو پهچائي سگهن ٿا يا نه؟
جواب: هائو! ميت کي عبادت بدني ۽ ماليءَ جو ثواب پهچي ٿو، يعني جيئرا ماڻهون جيڪڏهن ڪو چڱو ڪم ڪن ٿا مثلاً قرآن شريف يا درود شريف پڙهڻ، الله جي رستي ۾ صدقو خيرات ڏيڻ، ڪنهن بکيءَ کي کاڌو کارائڻ ته انهن ڪمن جو ثواب الله تعاليٰ جي طرف کان انهن کي ملندو، پر الله تعاليٰ پنهنجي رحمت سان ايترو به اختيار ڏنو آهي ته جيڪڏهن اهي ڪم ڪرڻ وارو پنهنجو ثواب ڪنهن ميت کي پهچائڻ گهرن ته الله تعاليٰ ان ميت کي اهو ثواب پهچائي ٿو، اهڙو ثواب پهچائڻ لاءِ ڪنهن خاص شيءِ يا خاص وقت يا خاص صورت جي پنهنجي طرف کان تخصيص نه ڪرڻ گهرجي، بلڪه جيڪا شيءِ جنهن به وقت ميسر ٿئي، اها الله ڪارڻ ڪنهن به حقدار کي ڏئي ڪري ان جو ثواب بخشي ڇڏڻ گهرجي، رسم جي پابندي يا ڏيکاءُ خاطر نالي ڪڍائڻ ۽ مشهوريءَ جي لاءِ وڏيون وڏيون دعوتون ڪرڻ، يا پنهنجي طاقت کان وڌيڪ قرض کڻي رسم پوري ڪرڻ تمام خراب ڳالهه آهي.