روزي جي مفسدات جو بيان
سوال: مفسدات مان ڇا مراد آهي؟
جواب: مفسدات انهن شين کي چون ٿا جن سان روزو ڀڄي پوي ٿو، مفسدات جا ٻه قسم آهن:
هڪڙا اهي جن سان صرف قضا واجب ٿئي ٿي. ٻيا اهي جن سان قضا ۽ ڪفار و ٻئي واجب ٿين ٿا.
سوال: جن مفسدن سان صرف قضا واجب ٿئي ٿي اهي ڪهڙا آهن؟
جواب: (1) ڪنهن ماڻهوءَ زبردستي روزي دار جي منهن ۾ ڪا شيءِ وڌي ۽ اها نڙيءَ مان هيٺ هلي وئي، (2) روزو ياد هو ۽ گرڙي ڪرڻ وقت بنا ارادي پاڻي تارونءَ کان هيٺ لهي ويو، (3) اُلٽي آئي ۽ قصدًا نڙيءَ ۾ موٽي وئي، (4) ارادو ڪري وات ڀريل الٽي ڪيائين، (5) ريتي يا پٿر جو ٽڪڙو يا ککڙي يا مٽي يا ڪاغذ جو ٽڪڙو ارادي سان ڳهي ويو، (6) ڏندن ۾ رهيل ڪا شيءِ زبان سان ڇڏائي ڳهي ويو پوءِ کڻي چڻي کان به گهٽ هجي يا زياده ته روزو ڀڄي پوندو، (7) ڪن ۾ تيل وجهڻ (8) ناس ڏيڻ، (9) ڏندن مان نڪتل رت ڳهي وڃڻ، جڏهن ته رت ٿُڪ تي غالب هجي. (10) ڀُل ۾ ڪجهه کاڌائين، پيتائين ۽ پوءِ هيءُ سمجهي ته روزو ڀڄي پيو، پوءِ ارادي سان وري کاڌائين پيتائين، (11) اهو سمجهي ته اڃان صبح نه ٿيو آهي، سحري کاڌائين پوءِ معلوم ٿيس ته صبح ٿي چڪو هو، (12) رمضان شريف کانسواءِ ٻين ڏينهن ۾ ارادي سان ڪو روزو ڀڄي وڌائين. (13) جهڙ وغيره جي سبب هي سمجهي ته سج لهي ويو آهي، روزو افطار ڪيائين، حالانڪه ڏينهن اڃا باقي هو، انهن سڀني ۾ صرف ان روزي جي قضا ڪرڻي پوندي جنهن ۾ انهن ڳالهين مان ڪا پيش آئي آهي.
سوال: ڪهڙين صورتن ۾ قضا ۽ ڪفارو ٻئي واجب ٿين ٿا؟
جواب: رمضان شريف ۾ روزو رکي، (1) اهڙي شيءِ يا غذا يا دوا لذت جي طور استعمال ڪئي وڃي ٿي، اها ارادي سان کاڌائين پيتائين، (2) ارادي سان صحبت ڪيائين، (3) سير ڇوڙايائين يا سرمو لڳايائين پوءِ هي سمجهيائين ته روزو ڀڄي پيو ۽ ارادي سان کاڌائين پيتائين ته انهن صورتن قضا ۽ ڪفارو ٻئي واجب ٿيندا.
سوال: رمضان جي مهيني ۾ جيڪڏهن ڪنهن جو روزو ڀڄي پوي ته پوءِ ان کي کائڻ پيئڻ جائز آهي يا نه؟
جواب: نه! بلڪه ان تي لازم آهي ته شام تائين کائڻ پيئڻ وغيره کان پري رهي، اهڙي طرح جيڪڏهن ڪو مسافر ڏينهن جو پنهنجي گهر اچي وڃي يا نابالغ بالغ ٿي پوي يا حيض نفاس واري عورت پاڪ ٿي وڃي يا چريو صحيح ٿي پوي ته انهن ماڻهن کي به باقي ڏينهن ۾ شام تائين روزيدارن وانگر رهڻ واجب آهي.
سوال: رمضان شريف کانسواءِ ٻئي ڪنهن روزي ڀڃڻ سان ڪفارو واجب ٿئي ٿو يا نه؟
جواب: ڪفارو صرف رمضان شريف جي مهيني ۾ فرض روزي ڀڃڻ سان واجب ٿئي ٿو، رمضان شريف کانسواءِ ٻئي ڪنهن روزي جي ڀڃڻ سان پوءِ کڻي اهي رمضان جي قضا جا روزا هجن ڪفارو واجب نٿو ٿئي.