نمازِ تراويح جو بيان
سوال: تراويح نماز سُنت آهي يا نفل؟
جواب: تراويح نماز مردن ۽ عورتن ٻنهي جي لاءِ سُنت مؤڪده آهي ۽ جماعت سان پڙهڻ سُنت ڪفايه آهي. يعني جيڪڏهن پاڙي جي مسجد ۾ تراويح نماز جماعت سان پڙهي وڃي ۽ ڪو شخص گهر ۾ اڪيلو پڙهي ته گنهگار نه ٿيندو، پر جيڪڏهن سموري پاڙي وارا جماعت سان نه پڙهندا ته سڀ گنهگار ٿيندا.
سوال: نماز تراويح جو وقت ڪهڙو آهي؟
جواب: تراويح نماز جو وقت سُمهڻي نماز کانپوءِ فجر تائين آهي، وتر جي نماز کان اڳ ۾ به ۽ ان کانپوءِ به تراويح جو وقت آهي يعني جيڪڏهن ڪنهن شص جي تراويح جون ڪجهه رڪعتون رهجي ويون هجن ۽ امام وِتر پڙهڻ لڳو ته اهو شخص امام سان وتر ۾ شريڪ ٿي وڃي ۽ وِتر کانپوءِ پنهنجون تراويح جون رهيل رڪعتون پوريون ڪري ته جائز آهي.
سوال: تراويح جون ڪيتريون رڪعتون آهن، انهن جو تعداد ۽ ڪيفيت بيان ڪريو؟
جواب: ويهه رڪعتون ڏهن سلامن سان مسنون آهن، يعني ٻن ٻن رڪعتن جي نيت ڪري ۽ هر تراويح يعني (چئن رڪعتن) کانپوءِ ٿوري دير آرام ڪرڻ مُستحب آهي.
سوال: جيتري دير آرام ڪرڻ لاءِ ويهن ته ماٺ ۾ رهن يا ڪجهه پڙهن.
جواب: اهو پنهنجو اختيار آهي، چاهي خاموش رهجي يا قرآن مجيد آهستي پڙهجي يا تسبيح پڙهجي يا اڪيلي اڪيلي نفل نماز پڙهجي.
سوال: تراويح ۾ قرآن مجيد جو ختم پورو ڪرڻ ڪيئن آهي؟
جواب: پوري مهيني ۾ هڪ ڀيرو قرآن مجيد جو ختم ڪرڻ سُنت آهي ۽ ٻه ختم ڪڍڻ افضل آهن ۽ ٽي ختم پورا ڪرڻ ان کان وڌيڪ افضل آهي پر ٻه دفعا يا ٽي دفعا ختم ڪڍڻ جي فضيلت ان وقت آهي جو جماعتين کي تڪليف نه ٿئي. هائو! هڪ ڀيرو ختم ڪڍڻ ۾ ماڻهن جي سُستي جو خيال نه ڪيو ويندو.
سوال: تراويح نماز ويهي پڙهڻ ڪيئن آهي؟
جواب: بيهڻ جي طاقت هوندي به تراويح ويهي پڙهڻ مڪروهه آهي.
سوال: ڪي ماڻهو رڪعت جي شروع ٿيڻ سان نماز ۾ شريڪ نٿا ٿين، پر جڏهن امام رڪوع ۾ وڃڻ وارا ٿئي ٿو، تڏهن شروع ٿين ٿا، اهو ڪيئن آهي؟
جواب: اهو مڪروهه آهي، رڪعت جي شروعات منجهه ئي شامل ٿيڻ گهرجي.
سوال: جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي فرض جي نماز جماعت سان نه ملي ته ان کي فرض اڪيلو پڙهي تراويح جي جماعت ۾ شريڪ ٿيڻ جائز آهي يا نه؟
جواب: جائز آهي!