سَجده سَهو جو بيان
سوال: سجده سَهو ڇاکي چوندا آهن؟
جواب: سَهو جي معنيٰ آهي ڀُلجي وڃڻ، ڀُل کان ڪڏهن ڪڏهن نماز ۾ گهٽتائي يا زيادتيءَ سبب نقصان ٿئي ٿو، ڪي نقصان اهڙا آهن جو انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ نماز جي آخري قعدي ۾ ٻه سجدا ڪيا ويندا آهن، انهن کي سَهو جا سجدا چوندا آهن.
سوال: سجده سهو ڪهڙي طرح ڪيو ويندو آهي؟
جواب: آخري قعدي ۾ التحيات پڙهڻ کانپوءِ هڪ پاسي سلام ورائي تڪبير چئي سجدو ڪري سجدي ۾ ٽي ڀيرا تسبيح پڙهي پوءِ تڪبير چئي اُٿي ويهي، وري ٻيو سجدو ڪري پوءِ ٻيو ڀيرو التحيات ۽ درود شريف ۽ دُعا پڙهي پوءِ ٻنهي پاسن سلام ورائي.
سوال: جيڪڏهن سجدي سَهو جي سلام کان اڳ ۾ التحيات کانپوءِ درود شريف ۽ دعا به پڙهيائين ته پوءِ ڇا ڪري؟
جواب: ڪن عالمن ان کي احتياطاً پسند ڪيو آهي ته سجدي سَهو کان اڳ ۾ به التحيات ۽ درود ۽ دعا پڙهي ۽ سجدي سَهو کانپوءِ به ٽئي پڙهي، ان ڪري پڙهڻ بهتر آهي ۽ نه پڙهڻ ۾ ڪو به نقصان نه آهي؟
سوال: سجدو سَهو صرف فرض نماز ۾ واجب آهي يا سڀني نمازن ۾؟
جواب: سڀني نمازن ۾ سجدي سَهو جو حُڪم هڪجهڙو آهي.
سوال: جيڪڏهن هڪ طرف به سلام نه ورايائين ۽ سَهو جو سجدو ڪيائين ته ڇا حُڪم آهي؟
جواب: ايئن ڪرڻ مڪروهه تنزيهي آهي.
سوال: جيڪڏهن ٻنهي سلامن کانپوءِ سجدو سَهو ڪيائين ته ڇا حُڪم آهي؟
جواب: هڪ روايت جي مطابق جائز آهي، مگر قوي ڳالهه هي آهي ته هڪ ئي طرف سلام ورائي، جيڪڏهن ٻنهي طرف سلام ورايائين ته سجدو سهو نه ڪري بلڪه سڄي نماز موٽائي پڙهي.
سوال: سجدو سهو ڪهڙين حالتن ۾ واجب ٿئي ٿو؟
جواب: (1) ڪنهن واجب جي رهجي وڃڻ کان يا (2) واجب ۾ دير ٿيڻ سان (3) ڪنهن فرض ۾ دير ٿيڻ سان، (4) ڪنهن فرض کي اڳ ۾ ڪرڻ سان يا (5) ڪنهن فرض کي ٻيو دفعو ڪرڻ سان مثلاً نماز ۾ ٻه رڪوع ڪيائين، (6) ڪنهن واجب جي ڪيفيت بدلجي وڃڻ سان سجدو سَهو واجب ٿئي ٿو.
سوال: هي ڳالهيون جن جي ڀُلجي ڪرڻ سان سجدو سَهو واجب ٿئي ٿو، اهي جيڪڏهن ڄاڻي واڻي ڪيون وڃن ته ڇا حڪم آهي؟
جواب: ڄاڻي واڻي ڪرڻ سان، سجدي سَهو ادا ڪرڻ سان نقصان ختم نٿو ٿئي، بلڪه نماز جو موٽائي پڙهڻ واجب ٿئي ٿو.
سوال: جيڪڏهن هڪ نماز ۾ ڪئين ڳالهيون اهڙيون ٿي وڃن جن مان هر هڪ تي سجدو سَهو واجب ٿئي ٿو ته پوءِ گهڻا سجدا ڪري؟
جواب: صرف هڪ ڀيرو ٻه سجدا ڪرڻ ڪافي آهن.
سوال: قرأت ۾ ڪهڙي ڦير گهير ٿيڻ سان سجدو سَهو واجب ٿئي ٿو؟
جواب: (1) فرض نماز جي پهرين رڪعت يا ٻئي رڪعت يا انهن ٻنهي ۾ ۽ واجب يا سُنت يا نفل نماز جي ڪنهن هڪ يا وڌيڪ رڪعتن ۾ پوري سورت فاتحه رهجي وڃڻ سان، (2) انهن ٻنهي رڪعتن ۾ پوري سورت الحمد يا ان کان وڌيڪ حصي کي وري پڙهڻ سان، (3) سورة فاتحه کان اڳ ۾ ٻي ڪا سورت پڙهڻ سان، (4) فرض نماز جي ٽين ۽ چوٿين رڪعت کانسواءِ هر نماز جي (فرض هجي يا واجب يا سُنت يا نفل) ڪنهن رڪعت ۾ سورت نه پڙهڻ سان سجدو سَهو واجب ٿيندو آهي، پر شرط آهي ته اهي سڀ ڳالهيون ويسر ۾ ٿيل هجن.
سوال: جيڪڏهن تعديل ارڪان (نماز جي رڪنن کي) پوري طرح ادا ڪرڻ ڀُلجي وڃي ته سجدو سَهو واجب ٿيندو يا نه؟
جواب: سجده سَهو واجب ٿيندو.
سوال: جيڪڏهن پهريون قعدو ڀُلجي وڃي ته ڇا حُڪم آهي؟
جواب: جيڪڏهن ڀُل ۾ اُٿڻ لڳي ته جيستائين ويهڻ جي ويجهو هجي ته ويهي رهي ۽ سَهو جو سجدو نه ڪري پر جي بيهڻ جي ويجهو هجي ته پوءِ قعدو ڇڏي ڏي ۽ بيهي رهي ۽ آخر ۾ سجدو سَهو ڪري نماز ٿي ويندي.
سوال: ٻين ڪهڙين ڪهڙين ڳالهين سان سجدو سَهو واجب ٿئي ٿو؟
جواب: (1) رڪوع ٻه ڀيرا ڪري وڃڻ سان، (2) ٽي سجدا ڪري وڃڻ سان، (3) پهرئين قعدي يا آخري قعدي ۾ التحيات نه پڙهڻ سان، (4) پهرئين قعدي ۾ التحيات کانپوءِ درود شريف اللّٰھُمَّ صَلِّ عَلَٰی مُحَمَّدٍ جيترو پڙهڻ يا اوترو وقت خاموش ويهي رهڻ، (5) جهري نمازن ۾ امام جي آهستي قرأت پڙهڻ سان، (6) نمازن ۾ امام جي آواز سان قرأت پڙهڻ سان سجدو سَهو واجب ٿئي ٿو، مگر شرط هي آهي ته اهي سڀ ڳالهيون ويسر ۾ ٿيون هجن.
سوال: جيڪڏهن امام جي پٺيان مقتديءَ کي ڪجهه سَهو ٿي وڃي ته ڇا ڪري؟
جواب: مقتديءَ تي پنهنجي سَهو سان سجدو واجب نٿو ٿئي.
سوال: مسبوق کي پنهنجي باقي نماز پوري ڪرڻ ۾ سَهو ٿي وڃي ته ڇا ڪري؟
جواب: ان صورت ۾ مٿس پنهنجي نماز جي آخري قعدي ۾ سجدو سَهو ڪرڻ واجب آهي.