معجزه ۽ ڪرامت جو بيان
سوال: معجزه ڇاکي چون ٿا؟
جواب: الله تعاليٰ پنهنجي نبين جي هٿان ڪڏهن اهڙيون خلاف عادت ڳالهيون ظاهر ڪرائيندو آهي جن جي ڪرڻ سان دنيا جا ٻيا ماڻهو عاجز ٿين ٿا، تانته ماڻهو اهڙيون شيون ڏسي سمجهي وٺن ته هيءُ الله جا موڪليل آهن. اهڙين شين کي معجزه چون ٿا.
سوال: نبين ڪهڙا معجزه ڏيکاريا؟
جواب: نبين الله جي حُڪم سان بي شُمار معجزا ڏيکاريا، ڪجهه مشهور معجزا هي آهن:
حضرت موسيٰ عليه السلام جي عصا (هٿ ۾ کڻن جي لَٺ) نانگ جي شڪل ۾ ٿي وئي ۽ جادوگرن جي جادوءَ جي نانگن کي ڳهي ڇڏيندو هو ۽ سندس هٿ ۾ الله تعاليٰ اهڙي چمڪ پيدا ڪئي هئي، جنهن جي روشني سج جي روشني تي غالب ٿي ويندي هئي. حضرت موسيٰ عليه السلام جي لاءِ درياءَ نيل جي وچ ۾ سُڪا رستا ٺاهيا ۽ پاڻ پنهنجن ساٿين سان گڏ انهن رستن تان درياءَ مان لنگهي ويا. جڏهن فرعون جو لشڪر انهن رستن مان ٽپي وڃڻ جي ارادي سان درياءَ جي وچ ۾ پهتو ته پاڻي ملي ويو ۽ فرعون لشڪر سان گڏ ٻڏي ويو.
حضرت عيسيٰ عليه السلام الله تعاليٰ جي حُڪم سان مئلن کي جيئرو ڪندو هو، ماءُ جي پيٽان ڄاول انڌي کي سڄو ڪندو هو، مٽيءَ جي جهرڪي ٺاهي ان کي جيئرو ڪري اُڏائيندو هو.
اسان جي پيغمبر حضرت محمد مصطفيٰﷺ جو وڏو معجزو قرآن مجيد آهي جو جنهن کي اٽڪل ساڍن تيرهن سئو سالن جو عرصو گذري ويو پر اڄ تائين عربي زبان جا وڏا وڏا عالم ۽ فاضل پنهنجي ڪوشش جي باوجود قرآن مجيد جي ننڍي مان ننڍي سورة جهڙي ٺاهي نه سگهيا ۽ نه قيامت تائين ٺاهي سگهندا. ٻيو معجزو پاڻ ڪريمﷺ جو معراج آهي. ٽيون معجزو شق القمر (چنڊ چيرجڻ جو) آهي. چوٿون معجزو حضور اڪرمﷺ جو هيءُ آهي ته پاڻ الله تعاليٰ جي ٻڌائڻ سان گهڻين ڳالهين جي اڳي ئي خبر ڏني ۽ اهي اهڙيءَ طرح ٿيون. پنجون معجزو نبي اڪرمﷺ جو هيءُ آهي ته پاڻ سڳورن جي دعائن جي برڪت سان هڪ ٻن ماڻهن جي کاڌي سان سوين ماڻهو پيٽ ڀري کاڌو.
انهيءَ کانسواءِ حضور سرور عالمﷺ جا سوين معجزا آهن جن جو بيان تعليم الاسلام جي اڳيئين حصي ۾ ايندو. انشاءَ الله تعاليٰ.
سوال: معراج ڇاکي چون ٿا؟
جواب: الله تعاليٰ جي حُڪم سان حضورِ انورﷺ رات جو جاڳندي بُراق تي سوار ٿي مڪه معظمه کان بيت المقدس تائين ۽ اُتان ستين آسمان تائين ۽ پوءِ جيتري تائين الله تعاليٰ کي منظور هو ۽ اوتري تائين تشريف کڻي ويا، انهيءَ رات ۾ جنت ۽ دوزخ جو سير ڪيائون ۽ پوءِ پنهنجي جاءِ تي موٽي آيا، انهيءَ کي معراج چون ٿا.
سوال: شق القمر مان مُراد ڇا آهي؟
جواب: شق القمر مان مُراد هيءُ آهي ته هڪ دفعو مڪه جي ڪافرن حضورﷺ کي چيو ته اسان کي ڪو معجزو ڏيکار ته پاڻ ڪريمﷺ چنڊ کي آڱر جي اشاري سان ٻه ٽُڪر ڪيو، پوءِ اهي ٻئي ٽُڪرا پاڻ ۾ ملي ويا ۽ چنڊ جهڙو هو، اهڙو ئي ٿي ويو.
سوال: ڪرامت ڇاکي چون ٿا؟
جواب: الله تعاليٰ پنهنجي نيڪ ٻانهن جي عزت وڌائڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن انهن جي ذريعي سان اهڙيون شيون ظاهر ڪندو آهي جو عادت جي خلاف ۽ مُشڪل هونديون آهن جو ٻيا ماڻهو ڪري نه سگهندا، انهن شين کي ڪرامت چون ٿا. نيڪ ٻانهن ۽ اولياءَ الله کان ڪرامتن جو ظاهر ٿيڻ حق آهي.
سوال: معجزي ۽ ڪرامت ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
جواب: جيڪو ماڻهو نبوت ۽ پيغمبريءَ جي دعويٰ ڪري ٿو ۽ انهيءَ جي هٿن تي ڪا خلاف عادت ۽ مُشڪل ڳالهه ظاهر ٿئي ته انهيءَ کي معجزو چون ٿا ۽ جيڪو ماڻهو نبي هجڻ جي دعويٰ نٿو ڪري پر مُتقي ۽ پرهيزگار هجي ۽ انهيءَ جا سڀ ڪم شريعت جي مطابق هجن ۽ انهيءَ جي هٿ تي ڪا اهڙي ڳالهه ظاهر ٿئي ته انهيءَ کي ڪرامت چون ٿا ۽ جيڪڏهن خلاف شريعت ۽ بي دين ماڻهن کان ڪا خلاف عادت ڳالهه ظاهر ٿئي ته انهيءَ کي استدراج چون ٿا.
سوال: ڇا اولياءَ الله کان ڪرامتون ظاهر ٿيڻ ضروري آهن؟
جواب: نه! هيءَ ڪا ضروري ڳالهه نه آهي جو وليءَ کان ڪرامت ضرور ظاهر ٿئي، ممڪن آهي ته ڪو ماڻهو الله جو دوست ۽ ولي هجي ۽ سڄي عُمر انهيءَ کان ڪا ڪرامت ظاهر نه ٿئي.
سوال: ڪجهه خلاف شريعت فقيرن کان اهڙيون ڳالهيون ظاهر ٿين ٿيون جيڪي ٻيا ماڻهو نه ٿا ڪري سگهن. انهن کي ڇا سمجهڻ گهرجي؟
جواب: اهڙن ماڻهن کان جيڪي شريعت جي خلاف ڪم ڪن ۽ انهن کان جيڪڏهن ڪا اهڙي ڳالهه ظاهر ٿئي ته سمجهو ته جادو يا استدراج آهي. ڪرامت هرگز نٿي ٿي سگهي، اهڙن ماڻهن کي ولي سمجهڻ ۽ انهيءَ جي خلاف عادت ڳالهين کي ڪرامت سمجهڻ شيطاني دوکو آهي.