قضا نمازون پڙهڻ جو بيان
سوال: ”ادا“ ۽ ”قضا“ ڇاکي چوندا آهن؟
جواب: ”ادا“ ان کي چوندا آهن ته ڪنهن عبادت کي ان جي مقرره وقت تي ڪيو وڃي ۽ ”قضا“ ان کي چون ٿا ته ڪنهن فرض ۽ واجب کي ان جي مقرر وقت گذرڻ کانپوءِ ادا ڪيو وڃي.
مثلاً ظهر جي نماز ظهر جي وقت منجهه پڙهي وڃي ته ان کي ”ادا“ چئبو ۽ ظهر جي وقت گذري وڃڻ کانپوءِ پڙهبي ته ”قضا“ سمجهي ويندي.
سوال: قضا ڪهڙين نمازن جي واجب ٿئي ٿي؟
جواب: سڀني فرض نمازن جي قضا فرض ۽ واجب جي قضا واجب آهي ۽ ڪن سُنتن جي قضا سُنت آهي.
سوال: ڪنهن فرض يا واجب کي وقت تي ادا نه ڪرڻ ۽ قضا ڪرڻ ڪيئن آهي؟
جواب: ڄاڻي واڻي ارادي سان ۽ بنا ڪنهن عُذر جي فرض يا واجب، سُنت مؤڪده کي ان جي وقت تي ادا نه ڪرڻ گناهه آهي، فرض ۽ واجب کي وقت تي ادا نه ڪرڻ جو گناهه وڏو آهي، ان کانپوءِ سُنت جو. هائو! جيڪڏهن بنا ارادي جي قضا ٿي وڃي مثلاً نماز پڙهڻ وسري وئي يا نماز جي وقت اک نه کُلي ۽ سُتل رهيو ته گناهه نه آهي.
سوال: فرض يا واجب نماز قضا ٿي وڃي ته پوءِ اها ڪهڙي وقت پڙهڻ گهرجي؟
جواب: جنهن وقت ياد اچي وڃي يا جاڳي ته هڪدم پڙهي، دير ڪرڻ گناهه آهي، هائو! جيڪڏهن مڪروهه وقت ۾ ياد اچي وئي يا جاڳي ته ان وقت گذرڻ کان پوءِ پڙهي.
سوال: قضا نماز جي نيت ڪهڙي طرح ڪرڻ گهرجي؟
جواب: قضا نماز جي نيت هن طرح ڪرڻ گهرجي ته آئون فلاڻي ڏينهن جي فجر يا ظهر جي قضا نماز پڙهان ٿو، ڪافي آهي.
سوال: جيڪڏهن ڪنهن جي ذمي گهڻيون نمازون قضا هجن ۽ ڏينهن ياد نه اٿس، مثلاً انهيءَ مهينو يا ٻه مهينا بلڪل نماز نه پڙهي ۽ ان کي هيءُ معلوم آهي ته مون تي فجر جون ٽيهه نمازون ۽ ايتريون ظهر وغيره جون نمازون آهن، ليڪن ان کي مهينو ياد نه آهي ته ڪهڙي مهيني جون نمازون ڇڏيون اٿم ته هاڻي اهو نيت ڪهڙي طرح ڪري؟
جواب: اهڙي صورت ۾ جڏهن ڪنهن نماز مثلاً فجر جي قضا ڪري ته اهڙي طرح نيت ڪري ته منهنجي ذمي جيتري قدر فجر جون نمازون باقي آهن، انهن مان پهرين فجر جي نماز پڙهان ٿو يا انهن مان فجر جي آخري نماز پڙهان ٿو، اهڙي طرح جيڪا به نماز قضا ڪري ان جي نيت اهڙي طريقي سان ڪرڻ گهرجي.
سوال: قضا نماز مسجد ۾ پڙهڻ بهتر آهي يا گهر ۾؟
جواب: جيڪڏهن اڪيلي ماڻهوءَ جي نماز قضا هجي ته گهر ۾ پڙهڻ بهتر آهي ۽ جي مسجد ۾ پڙهي ته به ڪو حرج ناهي، پر ڪنهن به ماڻهوءَ سان اها ڳالهه نه ڪري ته آئون هي قضا نمازون پڙهي رهيو آهيان، ڇو ته پنهنجي قضا نمازن جو ٻين سان ذڪر ڪرڻ مڪروهه آهي.
سوال: اهي سُنتون ڪهڙيون آهن جن جي قضا ڪرڻ سُنت آهي؟
جواب: فجر جون سُنتون جيڪڏهن فرض سان گڏ قضا ٿيون هجن ته زوال يعني سج لڙڻ کان اڳ اهي به فرض جي قضا سان پڙهڻ گهرجن، پر جي زوال کانپوءِ پڙهي ته صرف فرض قضا ڪري ۽ جيڪڏهن صرف سُنتون رهجي وڃن ته سنتن جي قضا ڪو نه ٿيندي، سج اُڀرڻ کان اڳ ۾ ته مڪروهه آهي ۽ سج اُڀرڻ کانپوءِ مڪروهه ته نه آهي، پر اهي سُنتون نه ٿينديون نفل ٿي ويندا.
سوال: ظهر جون چار رڪعتون سُنت جيڪڏهن فرض کان اڳ ۾ نه پڙهيون ويون ته انهن جو ڇا حُڪم آهي؟
جواب: ظهر جون چار رڪعتون سُنت جيڪڏهن فرض کان اڳ ۾ نه پڙهيون ويون آهن ته فرض کانپوءِ پڙهجن ۽ فرض کانپوءِ ٻه رڪعتون سُنت کان اڳ ۾ يا ان کانپوءِ ٻنهي نمونن سان پڙهڻ جي اجازت آهي پر بهتر ايئن آهي ته ٻن رڪعتن سُنت کانپوءِ پڙهي.