رمضان شريف جي روزن جو بيان
سوال: رمضان شريف جي روزن جي ڪهڙي فضيلت آهي؟
جواب: رمضان شريف جي روزن جو تمام وڏو ثواب آهي ۽ انهن جون ڪيتريون ئي فضيلتون حديث شريف ۾ آيون آهن. مثلاً حضور اڪرمﷺ جن فرمايو آهي ته جيڪو شخص الله جي رضامندي جي لاءِ رمضان شريف جا روزا رکندو ته ان جا پويان سڀ گناهه معاف ٿي ويندا، ٻي حديث ۾ حضور اڪرمﷺ جن فرمايو ته روزيدار جي وات جي بوءِ خدا تعاليٰ وٽ مُشڪ جي خوشبوءَ کان به بهتر آهي، ٽين حديث ۾ آهي ته الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته روزو خاص منهنجي لاءِ آهي ۽ آئون خود ان جو بدلو، ڏيندس، اهڙي طرح ٻيون به ڪيتريون ئي فضيلتون حديثن سڳورين ۾ آيون آهن.
سوال: رمضان شريف جا روزا ڪهڙن ماڻهن تي فرض آهن؟
جواب: هر مسلمان عاقل، بالغ، مرد، عورت تي فرض آهن انهن جي فرضيت جو انڪار ڪرڻ وارو ڪافر ۽ بنا عذر ڇڏڻ وارو سخت گناهگار ۽ فاسق آهي. اگرچه نابالغ تي نماز، روزو فرض نه آهي، پر عادت وجهڻ لاءِ بلوغت کان اڳ ۾ ئي روزو رکائڻ ۽ نماز پڙهائڻ جو حُڪم ڪريو، حديث شريف ۾ آيو آهي ته جڏهن ٻار ستن سالن جو ٿئي ته ان کي نماز جو حڪم ڪريو ۽ جڏهن ڏهن سالن جو ٿي وڃي ته ان کي نماز جي لاءِ مارڻ به گهرجي، اهڙي طرح جڏهن روزي رکڻ جي طاقت ٿئي ته جيترا روزا رکي سگهي اوترا روزا ان کان رکائڻ گهرجن.
سوال: اهي ڪهڙا عذر آهن جن سان روزو نه رکڻ جائز ٿي وڃي ٿو؟
جواب: (1) سفر! يعني مسافر کي سفر جي حالت ۾ روزو نه رکڻ جائز آهي، پر جي سفر ۾ تڪليف نه هجي ته روزو رکڻ افضل آهي، (2) مرض يعني جيڪڏهن اهڙي بيماري آهي، جنهن ۾ روزي رکڻ جي طاقت ناهي يا بيماري وڌڻ جو انديشو آهي. (3) گهڻو پوڙهو ٿيڻ، (4) عورت جو پيٽ سان هجڻ، جڏهن عورتن جي حمل کي روزي مان نقصان پهچڻ جو گمان غالب هجي، (5) ٿڃ پيارڻ. جڏهن ته کير پيارڻ واري يا ٻار کي روزي مان نقصان پهچندو هجي، (6) روزي جي ڪري ايتري قدر بُک يا اُڃ جو غلبو ٿئي جو ساهه نڪرڻ جو انديشو هجي، (7) حيض ۽ نفاس جي حالتن ۾ روزو رکڻ جائز نه آهي.