اعتڪاف جو بيان
سوال: اعتڪاف ڇاکي چئبو آهي؟
جواب: اعتڪاف ان کي چوندا آهن ته انسان خدا جي گهر (يعني مسجد) ۾ رهڻ کي عبادت سمجهي ان جي نيت سان اهڙيءَ مسجد ۾ جنهن ۾ جماعت ٿيندڙ هجي، ان ۾ رهي.
سوال: صرف مسجد ۾ رهڻ ڇاجي ڪري عبادت آهي؟
جواب: جڏهن ته انسان پنهنجا سير، تفريح، گهمڻ ڦرڻ ۽ ڪم ڪار ڇڏي مسجد ۾ رهي پوي ۽ اتي رهڻ سان خدا تعاليٰ جو راضپو مقصود هجي ته ان جو عبادت هجڻ ظاهر آهي.
سوال: عورت ڪٿي اعتڪاف ۾ ويهي؟
جواب: پنهنجي گهر ۾ جنهن جاءِ تي نماز پڙهندي هجي، اعتڪاف جي نيت ڪري، انهيءَ جاءِ تي رهي، ڪاڪوس، پيشاب کانسواءِ ٻئي ڪنهن ڪم جي لاءِ ان جاءِ تان اُٿي گهرجي اڱڻ يا ڪنهن ٻئي حصي ۾ نه وڃي ۽ جي گهر ۾ نماز جي ڪا خاص جاءِ مقرر نه هجي ته اعتڪاف شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ اهڙي جاءِ ٺاهي پوءِ ان جاءِ تي اعتڪاف ۾ ويهي.
سوال: اعتڪاف جا ڪُجهه فائدا ٻڌايو؟
جواب: اعتڪاف ۾ هي فائدا آهن (1) اعتڪاف ڪرڻ وارو ڄڻ ته پنهنجو سڄو بدن ۽ سڄو وقت الله جي عبادت لاءِ وقف ڪري ٿو، (2) دنيا جي جهڳڙن ۽ ڪيترن ئي گناهن کان بچيل رهي ٿو، (3) اعتڪاف جي حالت ۾ ان کي هر وقت نماز جو ثواب ملي ٿو، ڇو ته اعتڪاف جو اصل مقصد ئي اهو آهي ته اعتڪاف وارو هر وقت نماز ۽ جماعت جي شوق ۾ ويٺو رهي، (4) اعتڪاف جي حالت ۾ ڏهي وارو ملائڪن جي مشابهت پيدا ڪري ٿو انهن وانگر هر وقت عبادت، تسبيح ۽ تقديس ۾ رهي ٿو، (5) مسجد جيئن ته الله تعاليٰ جو گهر آهي، ان جي لاءِ اعتڪاف ۾ ويهندڙ خدا تعاليٰ جو پاڙيسري بلڪه ان جي گهر ۾ مهمان ٿئي ٿو.
سوال: اعتڪاف جا گهڻا قسم آهن؟
جواب: ٽي قسم آهن: (1) واجب، (2) سُنت مؤڪده (3) مستحب.
سوال: اعتڪاف واجب ڪهڙو آهي؟
جواب: نذر جو اعتڪاف واجب آهي، مثلاً ڪنهن باس باسي ته آئون الله خاطر ٽن ڏينهن جو اعتڪاف ڪندس يا هن طرح چيائين ته جيڪڏهن منهنجو فلاڻو ڪم ٿيو ته الله جي لاءِ ٻن ڏينهن جو اعتڪاف ڪندس.
سوال: سُنت مؤڪده ڪهڙو اعتڪاف آهي؟
جواب: رمضان شريف جو پويون ڏهو يعني آخري ڏهه ڏينهن اعتڪاف ۾ ويهڻ سُنت مؤڪده آهي، ان جي شروعات ويهين تاريخ جي شام يعني سج لهڻ جي وقت کان ٿئي ٿي ۽ عيد جي چنڊ ڏسڻ سان ڏهو ختم ٿي وڃي ٿو، چنڊ کڻي اوڻٽيهين تاريخ جو هجي يا ٽيهين جو، ٻنهي صورتن ۾ سُنت ادا ٿي ويندي، هي اعتڪاف سُنت مؤڪده علي الڪفايه آهي، يعني ڪن ماڻهن جي ڏهي ۾ ويهڻ سان سڀني جي ذمي تان لهي وڃي ٿو.
سوال: مستحب ڪهڙو اعتڪاف آهي؟
جواب: واجب ۽ سُنت مؤڪده کانسواءِ ٻيا سڀ اعتڪاف مُستحب آهن ۽ سال جي سڀني ڏينهن ۾ اعتڪاف جائز آهي.
سوال: اعتڪاف صحيح ٿيڻ جا ڪهڙا شرط آهن؟
جواب: (1) مسلمان هجڻ، (2) حدث اڪبر ۽ حيض و نفاس کان پاڪ هجڻ، (3) عاقل هجڻ (4) نيت ڪرڻ، (5) مسجد ۾ اعتڪاف ڪرڻ اهي ڳالهيون ته هر قسم جي اعتڪاف جي لاءِ شرط آهن ۽ اعتڪاف واجب جي لاءِ روزو به شرط آهي.