سُنت ۽ نفل نمازن جو بيان
سوال: ڪيتريون نمازون سُنت مؤڪده آهن؟
جواب: ٻه رڪعتون نماز فجر جي فرض کان اڳ ۾ ۽ چار رڪعتون (هڪ سلام سان) اڳين نماز ۽ جمعه نماز جي فرض کان اڳ ۾ ۽ ٻه رڪعتون اڳين نماز جي فرض کانپوءِ، ٻه رڪعتون سومهڻي جي فرض کانپوءِ ۽ رمضان شريف ۾ تراويح نماز جون ويهه رڪعتون سُنت مؤڪده آهن.
سوال: ڪيتريون نمازون سُنت غير مؤڪده آهن؟
جواب: وچين نماز جون پهريون چار رڪعتون ۽ سومهڻي جي نماز سُنت مؤڪده کانپوءِ ٻه رڪعتون ۽ سانجهيءَ جي سُنت مؤڪده کانپوءِ ڇهه رڪعتون ۽ جمعي جي نماز کانپوءِ سُنت مؤڪده کان بعد ٻه رڪعتون ۽ تحية الوضوءَ جون ٻه رڪعتون، تحية المسجد جون ٻه رڪعتون، نماز چاشت جون چار يا اٺ رڪعتون، نماز وتر کانپوءِ ٻه رڪعتون، نماز تهجد جون چار يا ڇهه يا اٺ رڪعتون، صلواة التسبيح، نماز استخاره، نماز توبهه، نماز حاجت وغيره اهي سڀ نمازون سُنت غير مؤڪده آهن.
سوال: سُنتون مسجد ۾ پڙهڻ بهتر آهن يا گهر ۾؟
جواب: سڀ سُنتون ۽ نفل نمازون گهر ۾ پڙهڻ بهتر آهن، سواءِ انهن سُنتن ۽ نفلن جي جيڪي مسجد ۾ پڙهڻ افضل آهن، جيئن نماز تراويح، تحية المسجد، سج گرهڻ جي نماز وغيره.
سوال: نفل نماز ڪهڙي وقت پڙهڻ مڪروهه آهي؟
جواب: پرهه ڦٽڻ کانپوءِ فجر جي ٻن رڪعتن سُنت کانسواءِ فرض کان اڳ ۾ نفل نماز مڪروهه آهي، فجر جي فرض کانپوءِ سج نڪرڻ کان اڳ ۾ نفل نماز مڪروهه آهي، وچئين جي فرض کانپوءِ سج لهڻ کان اڳ به نفل نماز مڪروهه آهي، پر انهن ٽنهي وقتن ۾ فرض نماز جي قضاء، جنازي جي نماز ۽ تلاوت جا سجدا بنا ڪراهت جي جائز آهن ۽ سج نڪرڻ جي شروعات ٿيڻ کان اڳ ۾ هڪ نيزي جيترو ٿيڻ تائين ۽ ٺيڪ ٻن پهرن جي وقت ۽ سج جي متغير ۽ جهڪي ٿيڻ کان سج لهڻ تائين هر ڪا نماز مڪروهه آهي. هائو! جيڪڏهن ان ڏينهن جي وچئين نماز نه پڙهي اٿس ته اها سج لهڻ تائين ڪنهن به وقت پڙهي سگهجي ٿي.
اهڙي طرح خطبي مهل سُنت ۽ نفل نماز ٻئي مڪروهه آهن.
سوال: سج جي متغيّر ٿي وڃڻ مان ڇا مُراد آهي؟
جواب: جڏهن سج ڳاڙهيءَ ٽڪيءَ وانگر ٿي وڃي ۽ ان کي بنا تڪليف جي ڏسي سگهجي، تڏهن سمجهو ته سج متغير ٿي چڪو آهي.