نماز جو پنجون شرط (وقت) جو بيان
سوال: نماز جي لاءِ وقت شرط هُجڻ مان ڇا مُراد آهي؟
جواب: نماز کي ادا ڪرڻ جي لاءِ هيءُ شرط آهي ته جيڪو وقت انهيءَ جي لاءِ مُقرر ڪيو ويو آهي انهيءَ وقت ۾ پڙهي وڃي. انهيءَ وقت کان اڳي پڙهڻ سان ته بلڪل صحيح نه ٿيندي ۽ انهيءَ کانپوءِ پڙهڻ سان ادا نه بلڪه قضا ٿيندي.
سوال: نماز ڪيترن وقتن جي فرض آهي؟
جواب: ڏينهن رات ۾ پنجن وقتن جون پنج نمازون فرض آهن، انهن کانسواءِ نمازِ وتر واجب آهي.
سوال: فرض، واجب، سُنت ۽ نفل ڪنهن کي چون ٿا ۽ انهن ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
جواب: فرض انهيءَ کي چون ٿا جو قطعي دليل سان ثابت ٿئي، يعني انهيءَ جي ثبوت ۾ ڪو به شڪ شبهو نه هجي، انهيءَ جي فرضيت جو انڪار ڪندڙ ڪافر ٿي پوي ٿو ۽ بنا عُذر جي ڇڏيندڙ گنهگار ۽ عذاب جو مستحق ٿئي ٿو. واجب اهو آهي جو ظني (گُمان) دليل سان ثابت ٿئي، انهيءَ جو انڪار ڪندڙ ڪافر نٿو ٿئي، ها، عُذر کانسواءِ ڇڏيندڙ گنهگار ۽ عذاب جو مستحق ٿئي ٿو، سنت انهيءَ ڪم کي چون ٿا جنهن کي رسول اللهﷺ يا صحابه ڪرام رضوان الله عليهم اجمعين ڪيو هجي يا ڪرڻ جو حُڪم فرمايو هجي ۽ نفل انهن ڪمن کي چون ٿا جن جي فضيلت شريعت ۾ ثابت هجي، انهن جي ڪرڻ ۾ ثواب هجي ۽ ڇڏڻ ۾ عذاب نه هجي انهيءَ کي مستحب، مندوب ۽ تطوع به چون ٿا.
سوال: فرض جا ڪيترا قسم آهن؟
جواب: ٻه قسم آهن: (1) فرض عين، (2) فرض ڪفايه. فرض عين انهيءَ فرض کي چون ٿا جنهن جو ادا ڪرڻ هر ماڻهوءَ تي ضروري هجي ۽ عُذر کانسواءِ ڇڏيندڙ فاسق ۽ گنهگار ٿئي ۽ فرض ڪفايه اهو فرض آهي جو هڪ ٻن ماڻهن جي ادا ڪرڻ سان سڀني تان بار لهي پوي ۽ ڪو به ادا نه ڪري ته سڀئي گنهگار ٿين.
سوال: سُنت جا ڪيترا قسم آهن؟
جواب: ٻه قسم آهن: (1) سُنت مؤڪده (2) سُنت غير مؤڪده. سُنت مؤڪده انهيءَ کي چون ٿا جنهن کي حضور اڪرمﷺ هميشه ڪيو هجي يا ڪرڻ جو حڪم فرمايو هجي ۽ هميشه ڪيو ويو هجي، يعني عذر کانسواءِ ڪڏهن به نه ڇڏي ڏنو هجي، اهڙن سُنتن کي عذر کانسواءِ ڇڏڻ گناهه آهي ۽ سُنت غير مؤڪده انهيءَ کي چون ٿا، جنهن کي پاڻ سڳورنﷺ گهڻو ڪري ڪيو هجي پر ڪڏهن عذر کانسواءِ به ڇڏي ڏنو هجي. انهن سنتن جي ادا ڪرڻ ۾ مُستحب کان وڌيڪ ثواب آهي ۽ ڇڏڻ ۾ گناهه نه آهي، انهن سُنتن کي سُنن زوائد به چون ٿا.
سوال: حرام، مڪروهه تحريمي ۽ مڪروههِ تنزيهي مان ڇا مُراد آهي؟
جواب: حرام انهيءَ ڪم کي چون ٿا جنهن جي ممانعت (روڪڻ) دليل قطعي سان ثابت هجي ۽ انهيءَ کي ڪندڙ فاسق ۽ عذاب جو مستحق ٿئي ۽ انهيءَ جو مُنڪر ڪافر ٿئي ۽ مڪروهه تحريمي انهيءَ ڪم کي چون ٿا، جنهن جي ممانعت دليل ظنيءَ سان ثابت ٿئي، انهيءَ جو منڪر ڪافر نه آهي پر ڪندڙ انهيءَ جو به گنهگار ٿئي ٿو. مڪروهه تنزيهي انهيءَ ڪم کي چون ٿا جنهن جي ڇڏڻ ۾ ثواب آهي ۽ ڪرڻ ۾ عذاب ته نه آهي پر هڪ قسم جي بُرائي آهي.
سوال: مُباح ڇاکي چون ٿا؟
جواب: مُباح انهيءَ ڪم کي چون ٿا، جنهن جي ڪرڻ ۾ ثواب نه هجي ۽ نه ڪرڻ ۾ گناهه ۽ عذاب نه هجي.
سوال: نمازِ فجر جو وقت بيان ڪريو؟
جواب: سج نڪرڻ کان اٽڪل ڏيڍ ڪلاڪ اڳ ۾ اوڀر جي طرف آسمان جي ڪناري تي هڪ سفيدي (اڇاڻ) ظاهر ٿئي ٿي، اها اڇاڻ زمين کان اُٿي مٿئين طرف هڪ ٿنبي جي شڪل ۾ بلند ٿئي ٿي، انهيءَ کي صبح ڪاذب (ڪوڙو صبح) چون ٿا. ٿوري دير کانپوءِ هيءَ اڇاڻ غائب ٿي وڃي ٿي، انهيءَ کانپوءِ ٻي اڇاڻ ظاهر ٿئي ٿي جو اُڀرندي پاسي ساڄي کاٻي پکڙيل اُٿندي آهي يعني آسمان جي سڄي اُڀرندي ڪناري تي پکڙيل ٿئي ٿي مٿئين طرف ڊگهي نه ٿي ٿئي، انهيءَ کي صبح صادق (سچو صبح) چون ٿا، انهيءَ صبح صادق جي نڪرڻ سان نماز فجر جو وقت شروع ٿئي ٿو ۽ سج نڪرڻ کان اڳ تائين هوندو آهي، جڏهن سج جو ٿورڙو ڪنارو به نڪري آيو ته فجر جو وقت پورو ٿيو.
سوال: فجر جو مستحب وقت ڇا آهي؟
جواب: جڏهن روشني ٿي وڃي ۽ ايترو وقت هجي جو سُنت جي مواقف چڱيءَ طرح نماز ادا ڪئي وڃي ۽ نماز کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ ايترو وقت باقي هجي جو جيڪڏهن شايد هيءَ نماز ڪنهن سبب جي ڪري صحيح نه ٿي هجي ته سج اُڀرڻ کان اڳ ٻيهر سُنت جي موافق نماز پڙهي سگهجي، اهڙي وقت نماز پڙهڻ افضل آهي.
سوال: نماز ظهر (اڳئين) جو وقت بيان ڪريو؟
جواب: نماز ظهر جو وقت سج لڙڻ کانپوءِ شروع ٿئي ٿو ۽ ٺيڪ ٻن پهرن (منجهند) جي وقت هر شيءِ جو جيترو پاڇو هجي انهيءَ کانسواءِ هر شيءِ جو پاڇو انهيءَ شيءِ کان ٻيڻو ٿي وڃي ته ظهر جو وقت ختم ٿي وڃي ٿو.
سوال: ظهر جو مستحب وقت ڇا آهي؟
جواب: گرميءَ جي موسم ۾ ايتري دير ڪري پڙهڻ جو گرميءَ جي تيزي گهٽجي وڃي ۽ سياري جي موسم ۾ پهرئين وقت ۾ پڙهڻ مستحب آهي، پر هن جو خيال رکڻ گهرجي ته ظهر جي نماز بهرحال هڪ مثل جي اندر پڙهي وڃي.
سوال: نمازِ عصر (ٽپهري) جو وقت ٻُڌايو؟
جواب: جڏهن هر شيءِ جو پاڇو اصلي پاڇي کان سواءِ ٻه مثل ٿئي ته ٻيپهري جو وقت پورو ٿي ۽ ٽيپهڙي جو وقت شروع ٿئي ٿو ۽ سج لهڻ تائين رهي ٿو، پر جڏهن سج گهڻو هيٺ ٿي وڃي ۽ اُس ڪمزور ۽ ڦڪي ٿي وڃي ته انهيءَ وقت نماز مڪروهه ٿيندي آهي. انهيءَ کان اڳ ۾ ٽيپهري جي نماز پڙهي وٺڻ گهرجي.
سوال: سانجهيءَ جي نماز جو وقت بيان ڪريو؟
جواب: جڏهن سج لهي وڃي ته سانجهيءَ جو وقت شروع ٿئي ٿو ۽ شفق لهڻ تائين رهي ٿو.
سوال: شفق ڪنهن کي چوندا آهن؟
جواب: سج لهڻ کانپوءِ اولهه طرف آسمان تي جيڪا ڳاڙهاڻ رهي ٿي، انهيءَ کي شفق احمر (يعني ڳاڙهي شفق) چون ٿا ۽ ڳاڙهاڻ غائب ٿي وڃڻ کانپوءِ هڪ اڇاڻ باقي رهي ٿي، انهيءَ کي شفق ابيض چون ٿا، پوءِ اها اڇاڻ به غائب ٿي وڃي ۽ سڄو آسمان هڪ جهڙو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. انهيءَ شفق ابيض جي غائب ٿيڻ کان اڳ تائين سانجهيءَ جو وقت رهي ٿو.
سوال: سانجهيءَ جو مُستحب وقت ڇا آهي؟
جواب: پهريون وقت مُستحب آهي ۽ عُذر کان سواءِ دير ڪري نماز پڙهڻ مڪروهه آهي.
سوال: نماز سُمهڻي جو وقت ڇا آهي؟
جواب: اڇي شفق جي لهڻ کانپوءِ سمهڻي جو وقت شروع ٿئي ٿو ۽ صبح صادق (پرهه ڦٽي) کان اڳ تائين رهي ٿو.
سوال: سُمهڻي جو مُستحب وقت ڇا آهي؟
جواب: ٽئين حصي رات تائين مُستحب وقت آهي، انهيءَ کانپوءِ اڌ رات تائين مُباح (جائز) آهي ۽ انهيءَ کانپوءِ مڪروهه ٿئي ٿو.
سوال: نماز وِتر جو وقت ٻُڌايو؟
جواب: نماز وِتر جو وقت اهوئي آهي جو نماز سُمهڻي جو آهي، پر نماز وِتر سُمهڻي کان اڳ ۾ جائز نٿي ٿئي، ڇو ته سُمهڻي نماز کان پوءِ انهيءَ جو وقت ٿئي ٿو.
سوال: وِتر جو مُستحب وقت ڪهڙو آهي؟
جواب: جيڪڏهن ڪنهن کي پاڻ تي ڀروسو هجي ته رات جي پوئين حصي ۾ ضرور جاڳندس ته انهيءَ جي لاءِ آخري حصي رات جو وِتر پڙهڻ مُستحب آهي، پر جيڪڏهن جاڳڻ تي ڀروسو نه هجي ته سُمهڻ کان اڳ ۾ ئي وِتر پڙهڻ گهرجي.