جماعت ۽ امامت جو بيان
سوال: امامت مان ڇا مُراد آهي؟
جواب: امامت جي معنيٰ سردار هجڻ آهي، نماز ۾ جيڪو شخص سموري جماعت جو سردار هجي ۽ سب مقتدي ان جي تابعداري ڪن، ان کي امام چوندا آهن.
سوال: جماعت جي ڇا معنيٰ آهي؟
جواب: جماعت پاڻ ۾ گڏجي نماز پڙهڻ کي چوندا آهن، جنهن ۾ هڪ امام ٿيندو آهي ۽ ٻيا سڀ مقتدي ٿيندا آهن.
سوال: جماعت فرض آهي يا واجب يا سُنت؟
جواب: جماعت سنت مؤڪده آهي، ان جو گهڻو تاڪيد آهي، ڪن عُلمائن ته ان کي فرض ۽ ڪن واجب به چيو آهي هن ۾ شڪ ناهي ته جماعت ۾ گهڻا فائدا آهن.
سوال: جماعت سان نماز پڙهڻ ۾ ڪهڙا ڪهڙا فائدا آهن؟
جواب: (1) نماز جماعت سان پڙهڻ ۾ ستاويهن نمازن جو ثواب ملڻ، (2) پنج وقت مسلمانن جو پاڻ ۾ ملڻ، (3) ان جي ڪري پاڻ ۾ اتفاق ۽ محبت جو پيدا ٿيڻ، (4) ٻين کي ڏسي عبادت جو شوق ۽ رغبت پيدا ٿيڻ، (5) نماز ۾ دل لڳڻ، (6) جماعت ۾ بزرگ ۽ نيڪ ماڻهن جي برڪت سان گنهگارن جي نماز جو به قبول ٿيڻ، (7) ناواقفن کي واقف ماڻهن کان مسئلا پُڇڻ ۾ آساني ٿيڻ، (8) حاجتمندن ۽ غريبن جو حال معلوم ٿيندو رهڻ، (9) هڪ خاص عبادت يعني نماز جو شان ظاهر ٿيڻ، ان کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي فائدا آهن.
سوال: ڪهڙن ماڻهن کي جماعت ۾ نه اچڻ جي اجازت آهي؟
جواب: عورتون، نابالغ، ٻار، بيمار، بيمار جي خدمت ڪرڻ وارا، لولا لنگڙا، اپاهج، پير ڪٽيل تمام پوڙها جهور، انڌا انهن سڀني جي ذمي جماعت ۾ حاضر ٿيڻ ضروري نه آهي.
سوال: اهي ڪهڙا عذر آهن، جن جي ڪري چڱي ڀلي ماڻهو کي جماعت ۾ نه اچڻ جائز ٿئي ٿو؟
جواب: سخت مينهن، رستي ۾ تمام گهڻي گپ جو هجڻ، سخت سيءُ پوڻ، رات ۾ طوفان هجڻ، مسافري مثلاً ريل يا جهاز جي وڃڻ جو وقت ويجهو هجڻ، ڪاڪوس پيشاب جي حاجت هجڻ يا بُک تمام گهڻي لڳي هجڻ. انهيءَ حالت ۾ کاڌي جو سامهون اچڻ، انهن عذرن سبب جماعت جي حاضري جو تاڪيد ختم ٿي وڃي ٿو.
سوال: ڪهڙين نمازن ۾ جماعت سنت مؤڪده يا واجب آهي؟
جواب: سڀني نمازن ۾ جماعت سان پڙهڻ سُنت مؤڪده آهي، تراويح نماز جي جماعت سُنت ڪفايه آهي، رمضان شريف ۾ وِتر نماز جي جماعت مُستحب آهي.
سوال: گهٽ ۾ گهٽ ڪيترن ماڻهن جي جماعت ٿي سگهي ٿي؟
جواب: گهٽ ۾ گهٽ ٻه ماڻهو جماعت لاءِ ڪافي آهن، هڪ مقتدي هجي ۽ هڪ امام مگر ان حالت ۾ مقتدي امام جي ساڄي طرف بيهي ۽ جڏهن ٻه جماعتي هجن ته پوءِ امام کي اڳتي وڌي بيهڻ گهرجي.
پاڻ ۾ ملي صفون سڌيون ڪري بيهن وچ ۾ خالي جڳهه نه ڇڏين ٻارن کي پٺيان جدا صف ۾ بيهارين، وڏن ماڻهن جي صف ۾ ٻارن کي بيهارڻ مڪروهه آهي عورتن جي صف وري ٻارن جي پٺيان هئڻ گهرجي.
سوال: جيڪڏهن امام جي نماز فاسد ٿي وڃي ته مقتدين جي نماز صحيح ٿيندي يا نه؟
جواب: جڏهن امام جي نماز فاسد ٿي وڃي تڏهن مقتدين جي نماز به فاسد ٿي ويندي، انهن کي به پنهنجي نماز کي ورائي پڙهڻ ضروري ٿيندو.
سوال: امامت جو حقدار ڪهڙو شخص آهي؟
جواب: پهريان عالم، يعني اهو شخص جيڪو نماز جي مسئلن مان چڱي طرح واقف هجي بشرطيڪ ان جا عمل به ٺيڪ هجن، تنهن کانپوءِ جيڪو قرآن مجيد سٺو پڙهندو هجي. ان کانپوءِ زياده متقي ۽ پرهيزگار هجي. ان کانپوءِ جيڪو وڏي عمر وارو هجي. ان کانپوءِ جيڪو بااخلاق، سلڇڻو ۽ ذاتي شرافت وارو هجي، ان کانپوءِ جيڪو وڌيڪ خوبصورت ۽ عزت وارو هجي، ان کانپوءِ جيڪو نسبي شرافت رکندو هجي.
سوال: جيڪڏهن مسجد جو امام مقرر هجي ۽ جماعت جي وقت ان کان ڪو افضل شخص اچي وڃي ته امامت جو وڌيڪ حقدار ڪير آهي؟
جواب: مقرر ٿيل امام ان ڌارئين اچڻ واري کان وڌيڪ حقدار آهي، پوءِ کڻي اهو ڌاريو ماڻهو امام کان وڌيڪ افضل هجي.
سوال: ڪنهن ماڻهن جي پٺيان نماز پڙهڻ مڪروهه آهي؟
جواب: بدعتي ۽ فاسق، جاهل ۽ ٻانهي، جاهل ٻڪرار ۽ احتياط نه ڪرڻ واري انڌي ۽ ولدالزنا يعني حراميءَ جي پٺيان نماز مڪروهه آهي. پر جيڪڏهن ٻانهون ۽ ڳوٺ جي رهڻ وارو شخص عالم هجي ۽ انڌو احتياط رکندڙ هجي ۽ عالم هجي يا قرآن مجيد سٺو پڙهندو هجي ۽ ولدالزنا عالم ۽ نيڪ بخت هجي ۽ انهن کان افضل ڪو ٻيو شخص نه هجي ته پوءِ انهن جي امامت بنا ڪراهت جي جائز آهي.
سوال: ڪهڙن ماڻهن جي پٺيان نماز بلڪل نٿي ٿئي؟
جواب: چرئي ۽ نشي واري ۽ ڪافر يا مشرڪ جي پٺيان ته ڪنهن به شخص جي نماز صحيح نٿي ٿئي ۽ نابالغ جي پٺيان بالغن جي ۽ عورت جي پٺيان مردن جي نماز صحيح نٿي ٿئي ۽ جنهن باقاعده وضو يا غسل ڪيو آهي، ان جي نماز معذور جي پٺيان نٿي ٿئي ۽ جيڪو پوري طرح اگهڙ ڍڪي ان جي نماز اهڙي شخص جي پٺيان جنهن جو بدن کليل آهي صحيح نه ٿيندي ۽ جيڪو رڪوع ۽ سجدا ڪري ٿو، ان جي نماز رڪوع ۽ سجدا اشارن سان ڪرڻ واري جي پٺيان نٿي ٿئي، اهڙي طرح هڪ فرض (مثلاً ظهر) پڙهڻ واري جي نماز ٻئي فرض (مثلاً عصر) پڙهڻ واري جي پٺيان نٿي ٿئي.
سوال: نابالغ ڇوڪري جي پٺيان تراويح جائز آهي يا نه؟
جواب: تراويح به نابالغ جي پٺيان جائز نه آهي. هائو جڏهن ڇوڪرو پندرهن سالن جو ٿي وڃي، پوءِ کڻي ٻي ڪا بلوغت جي نشاني ظاهر نه هجي، ته ان جي پٺيان تراويح ۽ فرض نماز جائز آهي.