ٻه چار لفظ
سهڻيءَ سنڌ جا شهرَ ۽ ڳوٺَ، ماڳَ ۽ مَڪانَ، جبلَ ۽ جھنگَ، نديون ۽ نئِيون، ڍنڍون ۽ ڍورا؛ اسان سنڌ واسي بيحد پيارا رکندا آهيون، خاص ڪري ان شهر يا ڳوٺ سان ته اسان کي پنهنجي من اندرِ دلِي لڳاءُ محسوس ٿيندو آهي جتي اسان ڄاوا آهيون، ننڍن مان وڏا بڻيا آهيون، جتي علم ۽ ادب سکيو آهي، ڪچهريون ۽ ڪوڏُون ڪيون آهن ۽ پيارَ جا پيچ اڙايا آهن. انهن شهرن ۽ ڳوٺن، ماڳن ۽ مڪانن جا نانءَ پڻ ڪو نه ڪو پس منظر ۽ تاريخ سمايون ويٺا آهن جن جي مطالعي سان ڪيئي وڻندڙ ڪٿائون پڻ سلهاڙيل آهن. انهن شهرن ۽ ڳوٺن؛ ۽ انهن جي رهواسين سان منسوب پهاڪن ۽ چوڻين ۾ پڻ اهڙيون انيڪ ڪٿائون آهن جن ۾ الفتون ۽ ڪلفتون، اوچايُون ۽ هيٺايُون، اميريُون ۽ غريبيُون، طنزون ۽ ٽوڪون، سچَ ۽ ڪُوڙَ، گڻَ ۽ اوگڻَ، وغيره سانڍيل آهن. ڇا اسان اهي ڪٿائون پڙهڻ ۽ سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟ انهن ڪٿائن ۾ جيڪا سماجي، معاشي، ثقافتي ۽ سياسي تاريخ سمايل آهي، ڇا اسان ان جو اڀياس ڪيو آهي؟
هيءُ ڪتاب ”ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون“، لوڪ ڏاهپ جي تناظر ۾، اسان کي اهڙو مطالعو آڇي ٿو. ان موضوع تي، هيءُ پنهنجيءَ نوعيت جو پهريون سنڌي ڪتاب آهي جيڪو؛ پهاڪن، چوڻين ۽ ورجيسن کي ڪُل وقتي موضوع بڻائيندڙَ، انجنيئر عبدالوهاب سهتي صاحب تحقيق هيٺ آندو آهي ۽ پنهنجي مخصوص رنگ ۽ ڍنگ سان پيش ڪيو آهي. ذڪر هيٺ آندل چوڻيءَ يا پهاڪي سان منسوب ڪنهن به وضاحت يا تفصيل سان تحقيقي اختلاف رکي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان مان ئي پرک ۽ پروڙ جون نيون واٽون نڪرنديون آهن. پر، ان باوجود ههڙو بهترين ۽ ڪارگر ڪتاب لکي ڏيڻ تي سهتو صاحبُ جس پڻ لهڻي.
مهرباني.
رياضت ٻرڙو
پروفيسرس ڪالوني، لاڙڪاڻو، ۲۹-مئي ۲۰۱۶ع