106. ننگر
106.1 ننگر پھچي ڪينڪي، بنا پنڌ ڪئي. (لاڙ، چوڻي)
ننگر؛ ٺٽي شھر جو آڳاٽو نالو آھي، جيڪو ڪنھن سمي سنڌ جو گاديءَ وارو ھنڌ پڻ رھيو آھي. منجھس علمي درسگاھون ھيون، جتان علم جا پياسا علمي اڃ اجھائڻ ايندا ھيا. اتي پھچڻ لاءِ ڪشالا ڪرڻا پوندا ھيا. بنا ڪشالي ڪڍڻ جي، اتي پھچڻ ممڪن نه ھيو.
مطلب:
• تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھ، ڪانھي ويل ويھڻ جي.
• مسلسل پنڌ ڪرڻ سان، مفاصلو کٽي ٿو ۽ منزل آسان ٿئي ٿي.
106.2 ننگر جي آڌار، متان ويھجو ماڙهئا،
پراڻا پراڙ، نوان اڏجئو نجهرا. (لاڙ، چوڻي)
درياهه جي رخ موڙڻ ڪري، ماڻھن ننگر ٺٽي ڏانھن لڏ پلاڻ شروع ڪئي، جنھن تي کين نصيحت ڪئي وئي ته، اڄ درياھ ايڏانھن رخ رکيو آهي. سڀاڻي ٻئي پاسي موٽ ڪندو، تنھنڪري پراڻا پکا ڇڏي، اتي وڃي نوان نه اڏيو.
مطلب:
• غربت ۽ ڏڪر سبب، ديس نه ڇڏجي.
106.3 ننگر ڪيئن ڦٽو؟ چي؛ ”ڄڻو وڻو.“ (چوڻي)
ننگر؛ ٺٽي شھر جو پراڻو يا آڳاٽو نالو.
ٺٽو، سنڌ جي گاديءَ جو شھر رھيو آھي. ديبل بندر وغيرھ ويجھو ھيس، جنھنڪري وڏي رونق ھيس. علم ادب جو مرڪز پڻ رھيو. مڪلي ٽڪريءَ اندر ترخانن، ارغونن ۽ سمن بادشاھن جون قبرون، ڪينجھر ڍنڍ جا داستان ان ڳالھ جا شاھد آھن.
اھو شھر نيٺ ويران ٿيو. ھن وقت سندس اھو اوج ۽ موج ناھي. سندس ڦٽڻ جو سبب، منجھس رھندڙ ماڻھن جي دلين اندر فتور ۽ ڄڻو وڻو ٿي وڃڻ آھي. جڏھن پاڻ ۾ ٻڌي نه رھندي آھي، تڏھن ٻاھرين کي حملو ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي آھي. ان سببان وسنديون ويران ٿينديون آھن.
مطلب:
• ڇڙ ڇڙ گابڙا ٿيڻ سان نقصان ئي پرائبو.
• ڪڻو ڪڻو ٿيڻ سان، ٻاھرين جي سڌ وڌي وڃي ٿي.