14. ڀنڀور
14.1 بر هو ڀنڀور، آرياڻيءَ اجاريو. (شاهه، پھاڪو، حسيني)
جملي جي ظاھري معنيٰ ھڪڙي آھي ۽ مخفي معنيٰ ٻي آھي. لفظي ترجمو ته ھيءُ آھي؛ ”جنھن ھنڌ تي ڀنڀور شھر جا آثار مليا آھن، ان ماڳ تي آڳاٽو بر ۽ ويراني ھئي، جنھن بعد آرياڻيءَ اچي ان کي اجاريو يا آباد ڪيو.“
جڏھن ته ان جي اندروني معنيٰ، جيڪا صوفين ورتي آھي، سا ھيٺين طرح جي آھي:
هن دنيا ۾ نبي اڪرم، خاتم المرسلينﷺ جن جي اچڻ کان اڳ، گهڻي جھالت ۽ بي ديني ڦھليل هئي، جيڪا پاڻ سڳورنﷺ جن جي مبعوث ٿيڻ کان پوءِ ختم ٿي وئي ۽ جيڏانھن تيڏانھن روشني ڦھلجي وئي.
مطلب:
• دنيا ۾ جيڪي به سڌريل ماڳ آھن، تن تي آڳاٽن ماڻھن جي وڏي محنت ٿيل آھي.
14.2 ڀنڀوران جي ڀڳيون، سي ڇٽيون. (شاهه، پھاڪو)
جنھن هن دنيا/ ڀنڀور کي ڇڏيو، سو ئي آخر ۾ عذابن کان ڇٽي/ بچي ويو. سسئي به ڀنڀور شھر کي تياڳڻ بعد، دنيا جي طعنن تنڪن کان آجي ٿي ھئي.
مطلب:
• تياڳ ۾ ئي انند آھي.
• دنيا؛ نه رھي پوڻ جو ماڳ آھي ۽ نه ئي دائمي محبت جو مڪان آھي. انسان نيٺ منجھانئس ھلي ھلي بيزار ٿئي ٿو. آخرڪار کيس، دنيا ڇڏڻ ۾ ئي ڇوٽڪارو نظر ايندو آھي.
14.3 ڀنڀور کي باھ لڳي وئي. (اصطلاحي/ ورجيسي جملو)
اصطلاحي معنيٰ: تباھي ٿيڻ، واسطو ڇڄي وڃڻ، گڏوگڏ ڳالھ جو ملڪان ملڪ ڦھلجي وڃڻ.
جڏھن ڪنھن جي رٿا يا منصوبو، راز ۾ نه رھندو آھي ۽ ڦاٽُ ڦاٽي پوندو آھي ته وٺُ-پڪڙ شروع ٿي ويندي آھي. ان وٺُ-پاڄا ويل، ھر ڪنھن جي وات اھو جملو ھوندو آھي؛ ”ادا! ھاڻي ته ڀنڀور کي باھ لڳي وئي آھي.“ يا ائين چئبو آھي؛ ”ضرور ڪنھن ته ڀنڀور کي باھ ڏني آھي نه!؟“
مطلب:
• تمام گھڻي رُسوائي ٿيڻ.
14.4 پڄاڻان پرين، ڪجي بس ڀنڀور کان. (شاهه، سسئي، چوڻي)
محبوب کان سواءِ دنيا ڪنھن ڪم جي ناهي. ھن جملي جي ظاھري معنيٰ ته اھا آھي. جڏھن صوفين وٽ ان جي اندروني معنيٰ ٻي آھي. سندن خيال آھي ته؛ هن دنيا ۾، نبي آخر زمان، حضرت محمد ﷺ جن جي ٻڌايل واٽ تي نه هلڻ کان، دنيا ڇڏڻ بھتر آهي.
مطلب:
• پرينءَ کان سواءِ، دنيا جي ڪنھن چيز ۾ مزو ئي ناھي.
14.5 ڪونهي ڀنڀور ۾، ڌاران دوس ڌڻي، آءٌ ٿي ڇلان ڇپرين. (شاهه، سسئي، چوڻي)
هن دنيا ۾ خدا تعالى کان وڌيڪ ڪو به مھربان نه آهي. اھو ئي ڀرجھلو ۽ مھربان آھي. اگر اھو پنھنجي رحم جي نظر نه ڪري ته ماڻھو ڳوليو نه لڀي.
مطلب:
• محبوب کان سواءِ، دنيا جي ڪا به شيءِ مزو نه ڏيندي آھي.
• پڄاڻان پرين، ڪجي ڀنڀور کان بس.