لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون

ڪتاب”ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. لوڪ ادب جي سلسلي پهاڪن ۽ چوڻين بابت ڪتاب ”ماڳ مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون“ نامياري ليکڪ انجنيئر عبد الوهاب سهتي جو لکيل آهي.
Title Cover of book ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون

ڏاهپ جو ادب

ڏاهپ جو ادب
(Literature of Wisdom)

ڏاھپ جي ادب جي ھڪ وصف ’فري ڊڪشنري‘ منجھ ھن ريت آھي؛
The body of religious or philosophical writing that communicate wisdom by means of proverbs or parables
مذھب ۽ فلسفي جي اھڙي لکيت جنھن ۾ ڏاھپ کي پھاڪن ۽ آکاڻين جي ذريعي پيش ڪيو وڃي ٿو. ڏاھپ جي ادب جي حوالي سان، مذھب ۽ لوڪ ادب جو ڪردار پراچين دور کان وٺي اھم رھيو آھي. پر ھاڻي، ڏاھپ جي حوالي سان ثقافتي ۽ اخلاقي قدرن جو ڪرادر پڻ نمايان ٿي رھيو آھي. ڏاھپ جو ادب انساني مشاھدن ۽ تجربن جو نچوڙ ھوندو آھي. جنھن جي ذريعي، سماجي ضابطي (Social control) کي لاڳو ڪري سماج کي بھتر کان بھتر بڻائڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي ويندي آھي.
دنيا جي اندر، ڏاھپ جي ادب جي حوالي سان، پهريون ڪتاب، حضرت سليمان جا پهاڪا (Proverbs of Solomon) آهي، جنهن جي قدامت جو اندازو ۹۳۰ - ۹۷۰ ق م آهي، جنهن ۾ ۳۰۰۰ پهاڪا ۽ چوڻيون موجود آهن. ائين ناهي ته پهاڪا ۽ چوڻيون ان کان اڳ ۾ نه هيون. سميري، مصري، يوناني، سنسڪرت ۽ چيني ٻولين ۾ به پهاڪا ۽ چوڻيون موجود هيون، جن جو سلسلو سندن قديم ادب ۾ به موجود آهي، جيڪو لوح ( ڦرھي) ، پاپئرس ۽ ڪپڙي تي لکيل مليو آهي. پراچين سنڌ ۾ به پهاڪا ۽ چوڻيون ضرور موجود هوندا، ڇو ته سنڌو تهذيب اڃا به قديم آهي۔ پر جيئن ته اسان کي ايتري لکت نه ملي سگھي آهي، جيتري ٻين قديم ٻولين جي ملي آهي، ان ڪري ٿي سگھي ٿو ته ڪي پهاڪا ۽ چوڻيون ان دؤر جا به هجن جيڪي اڃا به اسان وٽ هلن ٿا. ان جي ڪٿ ڪرڻ لاءِ به پهاڪن ۽ چوڻين تي تحقيق ڪندڙن کي مٿا ڪٽ ڪرڻ پوندي. پر باقاعده ڪتاب يا صحيفي جي صورت ۾ سليمان بن دائودَ هي پهاڪا ۽ چوڻيون اسرائيل جي ماڻهن کي سمجھائڻ لاءِ ڏنا، ته جيئن اهي ڏاهپ جو گس وٺن ۽ پنهنجي زندگي سڦل ڪن. ان حوالي سان جيڪا ان صحيفي ۾ تمهيد ٻڌل آهي، ان ۾ باقاعده ان جو اظهار هن ريت آهي:
”اسرائيل جي بادشاه سليمان بن دائود جا پهاڪا.“
هي پهاڪا سمجھ ۽ سياڻپ کي حاصل ڪرڻ لاءِ آهن، ته جيئن اسرائيل جي ماڻهن ۾ ماڻهپو اچي. حق ۽ سچ جي راهه تي هلن، برائيءَ بڇڙائيءَ کان پاسو ڪن. ڪنهن سان بي انصافي نه ڪن. نوجوانن کي ڄاڻ حاصل ٿئي ۽ هو ان تي عمل ڪن. ڀل سياڻا ماڻهو سمجھن ۽ ان ۾ واڌارو ڪن. هي پهاڪا خدا ترسيءَ جو آغاز آهن، صرف بيوقوف ئي ان تي عمل ڪرڻ کان لهرائيندا.“
انهيءَ حوالي سان سندس هڪ گيت جو اختصار پيش خدمت آهي:
ڇا ڏاهپ رڙيون ڪري
سڏ نه ٿي ڪري ڇا؟
چؤ-واٽن تان، رستن تان،
اُتانهين جاين تان...
ٽڪرين جي چوٽين تان،
ڇا توهان کي نه ٿي چئي، ته:
منهنجا سڏ سُڻو!
منهنجا سڏ سڀن انسانن لاءِ آهن!
مان هيرن جواهرن کان وڌيڪ قيمتي آهيان!
جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو،
مان اُن جي آهيان!
جيڪو ڌڪاري ٿو،
تنهن جي ويجھو نه ٿي وڃان!
مان ماڻهن کي انصاف سيکاريان ٿي!
منهنجو وجود سراپا بهتري
۽ مڪمل خير....
مان هر ڪنهن کي سڏيندي آهيان
هر وقت، هر جاءِ تان،
جنهن به مون کي ٻُڌو
تنهن لڌو،
جنهن ٻڌو اڻ ٻڌو ڪيو،
تنهن کي ذلت ۽ رسوائي ملي.
حضرت سليمان جي ڪتاب، پھاڪا / چوڻيون ۾ آيل ڪجھ پھاڪا ۽ چوڻيون پيش خدمت آھن، جن جي خوبصورتيءَ ۽ آفاقي حيثيت جي ڀليءَ ڀت پروڙ پوي ٿي.
• اھا خوبصورت زال/عورت، جنھن کي تميز ڪونھي، سا ائين آھي جيئن سونو زيور سوئر جي نڪ ۾ ھجي.
• سچي زبان عمدي چانديءَ مثل آھي، شرير جي دل جو ڪو به مُلھ ڪونھي.
• انساني سماج ۾ ڪا پيڙھي اھڙي آھي، جنھن جا ڏند تلوارن جھڙا ۽ ڏاٺون ڪاتيءَ جھڙيون آھن، انھيءَ لاءِ ته جيئن غريبن ۽ محتاجن جو وجود ختم ڪري ڇڏين.
• جيڪو شخص طبيعت ۾ اڻ-موٽ ۽ اڻ-جھل آھي، سو ان شھر وانگر آھي، جنھن جو سموريون عالم-پناھون/ ڀتيون ڀڳل ھجن.
• جيئن ڪو ڪتو پنھنجي ڪيل قئه تي موٽي اچي ٿو، تيئن اھو بيعقل آھي جيڪو وري وري پنھنجي بيعقليءَ کي ظاھر ڪري ٿو.
سوال اھو آھي ته ڇا حضرت سليمان بن دائود عليہ السلام جي ڏنل پھاڪن کان اڳ ٻين پراچين تھذيبن ۾ اھي پھاڪا ۽ چوڻيون موجود نه ھيون؟
انھيءَ جو جواب آثار قديمہ جي ماھرن وٽ موجود آھي ته پھرين پھرين سوميري تھذيب جي پڪل مٽيءَ جي ڦرھين مان ان ڏاھپ واري ادب جو ڏس ملي ٿو. جيڪو اندازًا پوڻا چار ھزار سال قديم آھي. ان لڌل ڦرھين منجھان ھڪ ھزار کان وڌيڪ پھاڪا ۽ چوڻيون مليون آھن. انھن مان ڪجھ پھاڪن ۽ چوڻين کي ھتي نموني جي طور تي پيش ڪجي ٿو ته جيئن ھن ادب جي قدامت ۽ اھميت کي سمجھي سگھجي.
• غريب ماڻھوءَ جي زندگيءَ کان موت بھتر آھي، ڇو ته اٽو آھيس ته لوڻ ڪونھيس، لوڻ آھيس ته اٽو ڪونھيس.
• مان آھيان اصيل گھوڙو پر جوٽيل آھيان خچر سان.
• مون کي اھو نه ٻڌاءِ ته ڇا مليو اٿئي، اھو ٻڌاءِ ته ڇا وڃايو اٿئي.
• مٺي زبان سڀ جي دوست.
• محبت واري دل گھر ڪندي، نفرت واري دل گھر تباھ ڪندي.
• زال انسان جو مستقبل آھي، پٽ پناھ گاھ، ڌيءُ نجات ۽ نونھن بدنصيبي آھي.
• ھڪ دفعو ڪوڙ ڳالھاءِ، پوءِ جي سچ به ڳالھائيندين ته ڪوڙ سمجھيو ويندو.
• منھنجي شيءِ ڪو استعمال نه ڪري باقي مان ٻئي جي ڪندس.
• مان جھنگي سانَ کان بچي نڪتس ته جھنگلي ڳئونءَ سان واسطو پئجي ويو.
• جنھن شھر ۾ ڪتا ناھن ھوندا، ان شھر جا راکا لومڙ ھوندا آھن.
• ڇا مباشرت کان سواءِ به حمل ٿي سگھي ٿو؟
سوميري تھذيب جي پھاڪن ۽ چوڻين کان قديم تر پھاڪا ۽ چوڻيون مصر جي آثارن مان لڌا ويا آھن، جيڪي پائپارس (پني جو آڳاٽو قسم) ۽ پئرامڊ جي ديوارن تي لکيل آھن. ماھر آثار قديمہ جي چوڻ مطابق ته ڏاھپ جي ادب جي لکيت جو اندازو پنج ھزار سال يا ان کان به اڳ جو معلوم ٿئي ٿو. جيڪو مذھبي ادب سان گڏوگڏ تخليق ٿيل آھي، جنھن ۾ ھن وقت تائين ڏھ ھزار پھاڪن ۽ چوڻين کان به وڌيڪ مواد موصول ٿيو آھي. انھيءَ حوالي سان ڪجھ پھاڪا ۽ چوڻيون ھتي پيش ڪجن ٿا.
• بااثر کان رشوت قبول نه ڪر ۽ ان کي فائدي پھچائڻ لاءِ غريب تي ظلم نه ڪر.
• عياشي ته ھڪ خواب آھي، ان کان پوءِ موت آھي.
• پنھنجو پاڻ کي ملامت ڪر ۽ ان ڳالھ جو ڌيان رک ته ٻيو ڪو تو کي ملامت نه ڪري.
• سرڪاري عھديدار کي اھي ڏينھن ذھن ۾ رکڻ گھرجن، جيڪي مٿس اچڻا آھن.
• زبان انسان جي تلوار مثل آھي.
• لفظ تمام لڙاين کان زيادھ دلير ھوندا آھن.
• اھو شخص عظيم جنھن وٽ ماڻھو عظيم ھجن.
• اھو حڪمران طاقتور ھوندو، جنھن وٽ سٺا صلاحڪار ھوندا.
• ان پريشانيءَ ۾ رات نه گذار، ته سڀاڻي ڇا ٿيندو.
• خدا ڪاميابي آھي، انسان ناڪامي آھي.
• انسان، مٽيءَ ۽ ڪک مثل آھي.
• ماڻھو جو چون ٿا، اھو ٻيو ھوندو آھي، خدا جو ڪندو آھي، اھو ٻيو ھوندو آھي.
• تو سان سُلوڪ سٺو ٿئي ته ڪنھن سان بدسلوڪي نه ڪر، ائين نه ٿئي جو تو سان به ڪو بدسلوڪي ڪري.
• بيوقوف تي ڪڏھن ڀروسو نه ڪر.
• تنھنجو نشانو ڀلو ناھي ته ڀالو نه ھڻ.
• شھر جي دولت، منصف/ قاضي ھوندو آھي. گدام جي دولت، ذخيرو ھوندو آھي. فوج جي دولت، ان جو سپاھ سالار ھوندو آھي. ھنرمند جي دولت، ان جا اوزار ھوندا آھن.
• ڏاند، ڏاند کي جنم ناھي ڏيندو.
• چور، چوري رات جو ڪندو آھي، پڪڙبو ڏينھن جو آھي.
• جيڪو نانگ جو ڏنگيل ھوندو سو نوڙيءَ کان پيو ڊڄندو آھي.
• انسان پنھنجي بدقسمتي جي ڏينھن کان آگاھ ناھي ھوندو.
• تڪبر، وڏي ماڻھوءَ کي به تباھ ڪري ڇڏيندو آھي.
• ڪنجوسي نه ڪجي، ڇو جو دولت جي ڪا به ضمانت ڪانھي.
• ڏُکندڙ ڏند، پنھنجي جاءِ تي نه بيھندو آھي.
• پٿر جو مجسمو، احمق پٽ کان بھتر آھي.
• بري ڀاءُ کان ڀاءُ نه ھجڻ چڱو آھي.
• ڀڀڙ وسائي نه ٿو سگھين ته چوچڙي به نه ڏي.
• خاموشي، حماقت کي لڪائي ٿي.
• ڪلھ جي ڪيل شراب نوشي، اڄ جي ٻاڙ نه ماريندي.
• نوبا (پراڻي مصر اندر شھر جو نالو) جو ديسي، پنھنجو ويس نه ڇڏيندو.
• خدائي، اڪمل ۽ بي عيب آھي.
بنيادي طور تي پهاڪا ۽ چوڻيون، انسانن جي هزارين سالن جي تجربن ۽ مشاهدن جو نچوڙ آهن. ڪي پهاڪا ۽ چوڻيون انساني عقيدن، خيالن ۽ روين بابت هوندا آهن. ڪي انساني رشتن متعلق آهن. ڪي عمومي ۽ ڪي خصوصي واقعن بابت آهن. ڪي بنيادي محرڪات ۽ ڪي پوري انساني سماجي نفسيات جو احاطو ڪن ٿا. دنيا جي سڀني پهاڪن تي نظر ڦيرائجي ته ائين لڳندو، ڄڻ پهاڪا هزارن سالن کان وٺي هڪ انساني سماج مان ٻئي انساني سماج ۾ پيا ڦريا ۽ گھميا آهن. ڪهڙا پهاڪا، ڪهڙي خطي جا آهن، ان جو اندازو لڳائڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. پر جيڪي پهاڪا مخصوص ماڳن، مڪانن ۽ واقعن متعلق هوندا آهن، ان جي نشاندهي ڪرڻ آسان هوندي آهي.
عبدالوهاب سهتو، جنهن پهريائين ڪهاڻين لکڻ کان آغاز ڪيو ۽ هاڻي وري سنجيدگيءَ سان پهاڪن، چوڻين ۽ محاورن جھڙي موضوع تي ڪم ڪري رهيو آهي، ان حوالي سان جس لهڻي. هن وقت تائين انهن پهاڪن جي حوالي سان مختلف موضوعن تي عرق ريزي ڪري ۽ پنهنجا نتيجا ڪڍي، اسان آڏو اَٺ ڪتاب پيش ڪيان اَٿئين، جيڪي هڙئي قابلِ قدر آهن. پر سنڌ جي ماڳن ۽ مڪانن جي حوالي سان هن پورهيو ڪيو آهي، سو به ساراھ لائق آهي. هن ڪتاب ۾، هڪ ته اسان کي اها خبر پوي ٿي ته اهي پهاڪا نج نبار سنڌ جا ۽ سنڌي ٻوليءَ جا آهن. ٻي خبر اها به پوي ٿي، ته اندازن ڪهڙي دؤر جا آهن.
در حقيقت، ته ماڳ ۽ مڪان رڳو ڪن جاين جڳهن جا نانءَ ناهن هوندا، پر اهي اهڙا هنڌ هوندا آهن، جن سان پوري انساني سماجي تاريخ جڙيل هوندي آهي. ماڳن ۾ واهڻ وستيون، گام نگر، بر بحر، حجر شجر، محل ماڙيون، مندر مسجدون، نديون نالا، چنڊ ستارا ايستائين جو تصوراتي ماڳ يعني نرڳ سرڳ يا بهشت دوزخ به اچي وڃن ٿا. هر ماڳ ۽ مڪان کي پنهنجو پنهنجو پس منظر هوندو آهي. ڪن جي پٺيان مذهبي، ته ڪن جي پٺيان تاريخي حوالو هوندو آهي. ڪي اقتصادي حوالي سان، ته ڪي تفريحي حوالي سان سڃاتا ويندا آهن. ڪي خوبصورتي جي حوالي سان نشانبر، ته ڪي بدصورتي جي ڪري بدتر. ڪي برائي ۽ بڇڙائي جي ڪري بدنام، ته ڪي خير ۽ صلح جي علامت. انهن جا ماڻ ماپا پنهنجي جاءِ تي، پر پهاڪا ۽ چوڻيون وري اهو عام انساني اظهار هوندا آهن، جنهن مان انهن ماڳن متعلق عام ماڻهن جي مقبول راءِ جو اندازو ٿيندو آهي. ان جا ڪجھ مثال هيٺين ڏجن ٿا.
مثلًا ڪي شهر يا ماڳ، مذهبي حوالي سان ايڏا ته مقدس هوندا آهن، جو انهن سان ان عقيدي رکندڙ ماڻهن جو روحاني رشتو هوندو آهي. جيئن مسلمانن وٽ مڪي ۽ مديني جي حيثيت آهي. مڪي جي عظمت اها آهي، جو خدا به ان شهر جو قسم کنيو آهي. جيئن سورة والتين ۾ آيو آهي.
وهٰذَا البلد الامين. (قرآن)
قسم آهي امن واري شهر (مڪي) جو.
مڪي جي تقديس پنهنجي جاءِ تي، پر ان شهر جي حوالي سان عام ماڻهو پنهنجي پهاڪي ۾ جيئن اظهار ڪري ٿو، اهو ڪجھ وري ٻيو آهي. هڪ عربي پهاڪو آهي، ته ”جيڪڏهن تنهنجو پاڙيسري مڪي مان ٿي اچي، ته ان کان هوشياري ڪر. جي ٻيو دفعو وڃي موٽي، ته ملڻ کان پاسو ڪر ۽ جي ٽيون دفعو وڃي موٽي، ته ڏسندي ئي گھٽي مٽاءِ!“
مديني جي حوالي سان به ڪيئي پهاڪا ۽ چوڻيون آهن، جنهن ۾ سندس حيثيت ۽ قدر ڄاڻايو ويو آهي. پر عام ماڻهو جڏهن مڪي ۽ مديني جو تقابلي جائزو وٺي ٿو، ته اهو پهاڪو جڙي ٿو، ته:
المدينة افضل من مڪة
مدينو مڪي کان افضل آهي
يا
المدينة خير لهم لو ڪانوا يعلمون
مدينو ان لاءِ بهتر آهي، جيڪو ان کي سمجھي ٿو.
ان جو سبب گھڻو ڪري اهو آهي، ته مڪي جو ماڻهو سخت مزاج ۽ مديني جو ماڻهو نرم مزاج ٿئي ٿو. هتي عقيدت ۽ احترام کان وڌيڪ سماجي نفسيات ڪارفرما آهي.
اهڙيءَ طرح هندن جي عقيدي جي حوالي سان ڪاشي ۽ مٿرا سندن مقدس شهر آهن. ڪاشي جنهن کي بنارس، واراناسي به سڏيو ويندو آهي. اُتي وشوا ناٿ (شوَ جو قديمي جيوتي لنگم مندر) ٺهيل آهي. مٿرا وري ڪرشن ڀڳوان جي جنم ڀومي آهي. ان ڪري اهي ٻئي اسٿان پوتر سمجھيا ويندا آهن. انهن جو درشن ڪرڻ وارو تعظيم جي لائق سمجھيو ويندو آهي. پر عام لوڪ جڏهن محسوس ڪيو ته جي ماڻهوءَ جي اندر ۾ سچائي موجود آهي، ته مٿرا ۽ ڪاشي وڃڻ جي به ڪا ضرورت ناهي، جنهن تي پراڪرت ۾ اهو پهاڪو جڙيو:
کرم تيرے اچھے ہيں تو قسمت تيری داسی ہے
نيت تيري اچھی ہے تو گھر میں متھرا کاشی ہے
شهرن جي سونهن سوڀيا لاءِ به ڪي پهاڪا جڙيل آهن، جيئن فارسيءَ ۾ اصفهان شهر جي لاءِ چيو ويو آهي:
اصفهان نصف جھان است
اصفهان اڌ جهان آهي. اصفهان پنهنجي خوبصورت ماڙين، محلاتن، مذهبي جاين ۽ انتظامي ۽ واپاري مرڪز هئڻ جي ڪري اڌ جھان سڏجڻ لڳو. خاص ڪري صفوي حڪمرانن (1501-1736) ۾ جڏهن اصفهان کي ايران جي گاديءَ جو هنڌ قرار ڏنو ويو. ان دؤر ۾ اصفهان ۾ دنيا جو شهري حوالي سان وڏي ۾ وڏو چونڪ قائم ٿيو، جنهن کي ميدانِ نقش جھان سڏيو وڃي ٿو، جنهن کي اقوام متحده جي اداري ’يونيسڪو‘ دنيا جو ورثو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
هالينڊ جي شهر ’ايمسٽرڊم‘ جي حوالي سان اهو پهاڪو مشهور آهي، ته:
”ايمسٽرڊم گناهن جو گھر آهي.“
ڇو ته ان شهر ۾ جنسي بي راھ روي تمام گھڻي آهي، پر ان لاءِ اهو پهاڪو به مشهور آهي، ته:
”ايمسٽرڊم گناهن جو گھر ته آهي، پر حقيقت ۾ آزاد شهر آهي.“
ڇو ته اتي نه صرف جنسي آزادي آهي، پر اظهار جي آزادي به تمام گھڻي آهي. ان ڪري ايمسٽرڊم ۾ آرٽ ۽ ادب کي گھڻو فروغ ملي ٿو.
اٿينس جي حوالي سان به مشهور پهاڪو آهي:
اٿينس ۾ ڏاها ڏاهپ جو ڏس ڏيندا آهن ۽ جاهل انهيءَ کي رد ڪندا آهن.
اهو پهاڪو ان تاريخي واقعي طرف اشارو ڪري ٿو، جڏهن اٿينس ۾ سقراط جي تنقيد تي ان دؤر جا جھموريت پسند ڪاوڙجي پيا ۽ مٿانئس نوجوانن کي کاري خراب ڪرڻ وارو الزام مڙهي، کيس زهر جو پيالو پياريو ويو. اڄ تائين اهو پهاڪو هلندو اچي ٿو.
ائين سنڌ ۾ به هر شهر، هر گام جي حوالي سان ماڻهن پهاڪا ٺاهيا. جيئن اسان وٽ ڪنهن زماني ۾ قمبر شهر لاءِ چيو ويندو هيو ته؛ ”قمبر؛ امبر آ“. انگريزن جي دؤر ۾ پنهنجي شاهوڪاري ۽ صفائي جي ڪري سنڌ جو صاف سٿرو شهر ليکيو ويندو هو. شاهوڪاريءَ جو اندازو ان مان لڳايو، ته ڪنهن زماني ۾ قمبر ميونسپالٽيءَ ڪراچي ميونسپالٽي کي قرض ڏنو هيو. تعليم، تربيت ۽ حسن جي حوالي سان هي ننڍو شهر، لاڙڪاڻي جو حيثي هيو. ڪامريڊ سوڀو گيان چنداڻي ۽ سندس وڏو ڀاءُ مکي ڪيول رام قمبر هاءِ اسڪول ۾ پڙهيا. پر اڄ اهو قمبر امبر نه پر ڌوڙ ۽ ڇائي ٿي ويو آهي. چڱو ڀلو ماڻهو شهر مان مَٽي ٿو، ته مٽي منهن تان نه ٿي لهيس. جي لاڙڪاڻي ۾ ماهتاب هئي، ته قمبر ۾ هاج هئي. اسان جي پيشرو، علم وادب جي نيڪ نام شخصيت ’جناب حسام الدين راشدي‘ هاج جي پنهنجي ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ ۾ جيڪا تعريف ڪئي آهي، اڄ به جيڪڏهن سندس حسن ۾ ڪارا ٿيل ڪو نوَ صفحا پڙهي، ته ٿڌا ساھ ڀري.
اهڙيءَ طرح قنبر جي ماڻهن ۽ شهر جي اسان جي قومي شاعر ’ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي‘ جيڪا پنھنجي شاعريءَ جي ڪتاب منجھ تعريف ڪئي آهي، اها پڙهجي ته قنبر شهر جو اهو پهاڪو سمجھ ۾ اچي ويندو، ته قنبر عنبر ڪيئن هيو:
شاھ و گدا ڪري ٿو، تنھنجو سلام قنبر،
رحمت وسي ٿي تو تي، ھر صبح شام قنبر.

ھر طرف کان، تلائن لاتي آھي بھاري،
آبِ حيات پيئن ٿا، خاص عام قنبر.

ھر ھڪ تلاءُ بيشڪ، آئينه ھو بھو آ،
آھي ڪيو سڪندر، شايد قيام قنبر.

ڪھڙا نمڪ ڀريا ھن، قنبر جا آدمي سڀ،
پاڻي نمڪ ڀريو ٿا پيئن، مدام قنبر.

پائن سفيد ڪپڙا، چھرا ھميشه چھرا،
ڪھڙو ڪلر جو آھي، تاثير تام قنبر.

بي نون نه سمجھو قنبر، آھي او مشڪ ۽ عنبر،
خوشبو ۾ تازه تر آ، ھر ھڪ مشام قنبر.

سڳداسي سندي سنھڙا، چانديءَ مثل ٿا چلڪن،
ھٻڪار ۾ معطر، ڪن ٿا تمام قنبر.

مٺڙيون پٻڻ جون ڏوڏيون، بِھَ بيشمار آھن،
کائن وڏا ننڍا ٿا، سڀ عام جام قنبر.

اعلى دماغ ماڻھن لاءِ، خوب ھي جڳھ آھ،
آھي ٻڌل دڙي تي، عالي مقام قنبر.

ڪھڙا حسين ماڻھو، قنبر جي شھر ۾ ھِن،
حق تي ڪيو سَوَن آ، بيت الحرام قنبر.

ماڻھن جو آھي وس ڇا، آھن پکي پريشان،
ڪاٿان پکين کي آڻي، ماري ٿو دامِ قنبر.

آڙيون بدڪ ۽ ڪارڙا، ھر ھر مٿان وڃن ٿا،
گھورن ٿا جان پنھنجي، ھر ھر بنام قنبر.

ڍنڍن ۾ کائي کائي کانا، ٿلھا ٿين ٿا،
آخر ڪري ٿو تن کي، پنھنجو طعام قنبر.

حيدر جو ٿي سپاھي، قنبر ٿيو شھنشه،
اي دل! حياتي ساري، ٿي رھ غلامِ قنبر.

اهڙيءَ طرح مٽياريءَ متعلق هڪ پهاڪو آهي، ”مٽيارين ۾ موت، ويندي جي ويرم“. اهو ميرن جي دؤر جو پهاڪو آهي ۽ سنڌ جي مذهبي اقليت جي هڪ دانهن آهي، ڇو ته مٽيارين جا سيد، عمومًا واڻين کي زوريءَ مسلمان ڪري، ثواب کٽندا هيا. ان ڪري هندو واڻيا، مٽياريءَ وڃڻ کان ائين لهرائيندا هيا، جيئن ڪانءُ ڀڄي ڪمان کان.
لاڙڪاڻي جو اهو پهاڪو؛ ”هجئي ناڻو، ته گھم لاڙڪاڻو“، لاڙڪاڻي جي ان دؤر جو تعين ڪري ٿو، جڏهن لاڙڪاڻو اؤج تي رسيو. اهو دؤر، غالبًا ڪلهوڙن جو دؤر هيو، جڏهن لاڙڪاڻو خوشحال ۽ فارغ البال هيو. پر اهو ئي لاڙڪاڻو، جڏهن بدامني ۽ ٻين مسئلن جو شڪار ٿيو آهي، ته هڪ ٻيو پهاڪو هاڻي زبانِ زد ٿي ويو آهي؛ ”هجئي ناڻو ته ڇڏ لاڙڪاڻو.“
بنيادي طور تي پهاڪا ۽ چوڻيون، انساني سماج جي مجموعي ڏاهپ جو اظهار آهن، ته جيئن ماڻهو سچائي ۽ حقيقت کي سمجھن ۽ اياڻپ ڇڏي، سياڻپ وارو رستو اختيار ڪن.
عبدالوهاب سهتي سنڌ جي ماڳن مڪانن جي حوالي سان جيڪا اوک ڊوک ڪئي آهي، سا نه صرف سنڌ جي سماجي تاريخ آهي، پر ٻوليءَ جي سگھ ۽ سمجھ کي به ظاهر ڪري ٿي. هن ماڻهوءَ کي شابس آهي، جو سول انجنيئر ٿي ڪري، ٻوليءَ جي ان دقيق موضوع تي ڪم ڪندو اچي ٿو. اڃا ٿڪيو ناهي. لاڙڪاڻي ۾ جيئن ٿڌ تيئن وڌ وارو مثال نه ٿو ڏئي سگھجي. البت، لاڙڪاڻي ۾ جيئن گرميءَ جو تؤ اچيس ٿو، تيئن مڙس مچي ٿو. فطرت ماڪوڙي واري اٿس، جاڏانهون جھل اوڏانهون منهن ڪندو. حاسدن جي حسد کان بچڻ لاءِ سورة قل اعوذ برب الفلق پڙهندو رهي ٿو. الله کٽائيندس.
ڏاهپ جي ڳالھ، ڪنھن کي وڻي نه وڻي، پر پرپٺ ھر ڪو اهو اعتراف ڪري ٿو، ته هن سنڌ جي ڏاهپ جي ادب کي (Literature of Wisdom) سهيڙڻ ۾ ’هڏئون ڏئي هڻاءِ، ته مالڪ ڏيني مذرا‘ وارو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. نه ته اسان وٽ حالت اها آهي، ته وڏا وڏا نام نهاد صاحبِ علم و عقل ڪُل، علمي ادبي ۽ ثقافتي ادارن (چيئرس) کي پيراڻيون گاديون سمجھي ويٺا آهن، اُٿن ئي نه ٿا. ادبي، علمي ۽ ثقافتي ادارن جي حالت وڃي اها بيٺي آهي، جو جيڪو علمي حوالي سان نااهل ۽ نابين آهي، سو ’انڌو ماڻهو، کوٽو پئسو؛ ڌو ٽڪاڻي ۾‘، جي مصداق ادارن ۾ پيو ٿو هٿوراڙيون ڏئي ۽ هٿڙي هڻي. صاحبِ اقتدار ۽ صاحبِ سياست اهڙن انڌن کان اهو ئي ڪم وٺن ٿا، جيڪي انڌا ئي ڪري سگھن ٿا. صاحبِ بصيرت ماڻهو وڃي ته ڪاڏي وڃي. ويچاري کي نه سنهي ڪرڻ اچي ۽ نه قصيدا چوڻ اچن. سموري صورت حال ڏسندي، بس محسن ڀوپالي جو اهو شعر ٿو ورجائجي:
جاہل کو اگر جہل کا، انعام ديا جائے،
اس حادثہ وقت کو کيا نام ديا جائے۔
رندون کی ہے توہين، ميخانے کی ہتک ہے،
کم ظرف کے ہاتھوں ميں، اگر جام ديا جائے۔






مددي ڪتاب

۱. جتوئي، حيدر بخش، جيئي سنڌ جيئي سنڌ (شاعري)، ٻيو ايڊيشن، اپريل ۲۰۰۹ع، باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي اڪيڊمي، حيدرآباد.
۲. ابن حنيف مصر کا قديم ادب (تيسری جلد) بار اول، ۱۹۹۲ع، ناشر بيکن بکس گل گشت ملتان.
۳. ابن حنيف دنيا کا قديم ترين ادب (جلد دوم) تيسرا ايڈيشن، ۱۹۹۸ع، ناشر بيکن بکس گل گشت ملتان.
4. Holy Bible (New International version) 18th impression July 1991 AD, published by International Bible Society, Colorodo Springs, USA.
5. Free Dictionery, (Internet)
6. Admiration and Virtues of Madina Munawwarah, International Islamic Web.

منظور ڪوهيار
لاھوري محلو، لاڙڪاڻو