99. ملتان
99.1 ٺٽي جا ٺاٺ ھيا، جو ملتان پئي اَڏيو. (لاڙ، چوڻي)
ننگر ٺٽو، ملتان شھر کان اڳي جو آباد ۽ قديمي آهي. جڏهن ٺٽو تعميرات ۽ جلوي جي حساب سان پُور-جوانيءَ ۾ هيو ۽ ٺاٺ باٺ هيس، تڏهن ملتان اڃا مس اَڏيو/ ٺھيو پئي.
مطلب:
• علم ۽ عالم، ملتان کان اڳي، ٺٽي ۾ هيا.
99.2 انڌن ملتان لڌو آهي. (سنڌ، پھاڪو)
ملتان، آڳاٽي دور ۾ سنڌ جو گاديءَ جو ھنڌ رھيو آھي. اتي گھڻن ئي بزرگن جون مزارون آھن، جن تي باسون لاھڻ لاءِ ڪيئي قافلا روان دوان ھوندا ھيا. مفاصلو لاشڪ ڊگھو ھيو پر واٽ وھندڙ ھئي، جنھن تي ھلندي ماڻھو نيٺ وڃي ملتان پڄندو ھيو. اتان وري ڪشالا ڪندو پنھنجي ڳوٺ به موٽي ايندو ھيو. اڻ سونھان ۽ اکين کان انڌا پڻ رستي جون پڇائون ڪري اتي وڃي پھچندا ھيا ۽ سکائون لاھي، ساڳين رندن تي، ماڳين موٽندا ھيا.
مطلب:
• دنيا ۾ ڪو به ڪم ڏکيو ناھي.
• پڇي پڇي ھر ڪو واٽ وٺي ٿو.
99.3 جنهن بڪيرا نه ڀيٽيا، تنهن جو ملتان به نه ٿيو. (لاڙ، چوڻي)
وضاحت لاءِ ڏسو؛ ”بڪيرا“.
99.4 جنھن نه ڏٺو ملتان؛ نه سو ھندو، نه سو مسلمان. (چوڻي)
اسلام جي اچڻ کان به اڳي ملتان ھڪ علمي، تھذيبي، ثقافتي ۽ مذھبي مرڪز رھندو آيو آھي. اسلام کان اڳي، ملتان ھندن جو مرڪز ھيو. منجھس سندن پوڄا جو مرڪز، ”پرھلاد مندر“ موجود ھيو. سورج ڪنڊ ۾ سج ديوتا جي پوڄا ٿيندي ھئي. ھندو، ملتان کي برڪت وارو شھر سڏيندا آھن. اسلام جي اچڻ کان پوءِ، ھيءُ اسلام جو قلعو بڻجي ويو. مسلمان بزرگ ۽ ولي به ھتي گھڻا آيا. ڪجھ ھتان ھليا ويا، منجھانئن گھڻا ھتي ترسي پيا. ھتي ئي رحلت فرمايائون، ھتي ئي سندن مدفن ٿيو.
مطلب:
• ملتان شھر جي زيارت ضرور ڪجي. جنھن مذھبي حساب سان گھمي نه ڏٺو، سو ڄڻ نه ھندو آ ۽ نه وري مسلمان آ.
99.5 ڪابل ڪنو چڙھيو، باھ لڳي ملتان،
دھليءَ ڦوڪون ڏنيون، سڙي ويو ھندستان. (سرائيڪي، چوڻي)
وضاحت لاءِ ڏسو؛ ”دھلي“.
99.6 ملتان، پيرن جو اسٿان. (چوڻي)
گورستان ۽ گرمي، گرد ۽ گداگرن واري شهر ملتان ۾، پيرن فقيرن جي پڻ ججهائي آهي. غوث بھاؤالدين زڪريا، شاھ رڪن عالم ۽ شمس تبريز جهڙن بزرگن/ اوليائن جو مدفن هئڻ سبب، اتي گهڻن ئي درويشن جا ڦيرا/ مدفن رهيا آهن. سنڌ جا تنيا فقير ۽ سندن ٻيا عقيدتمند ته گهٽا وٺي، پيرين پنڌ پڄائي، اتي بخشرائيندا هئا.
مطلب:
• ملتان، پيرن سان ڀريل.
• چار چيز است تحفات ملتان؛ گرد، گدا، گرم و گورستان.
99.7 ملتاني گهيتلو. (سرائيڪي، ورجيس)
ملتاني گهيتلي جا ٻئي پادر، ساڄو ۽ کاٻو، جڙاوت ۾ هڪجھڙا هوندا آهن. پھرئين ڏينھن پائڻ واري کي ساڄي کاٻي جي خبر نه ھوندي آھي. آھستي آھستي انھن جي شڪل ڦرندي ويندي آھي. اهڙيءَ طرح جنھن ماڻھوءَ جو رويو، دوست ۽ دشمن سان هڪجھڙو هجي، ان کي به ملتاني گهيتلي سان مشابھت آهي.
مطلب:
• منافق يا دوغلي پاليسي رکندڙ ماڻھو.