52. ساڪرو
52.1 ايتري ٻڌو، جو ساڪرو سٽ جهلي. (لاڙ، پھاڪو)
ميرن جي دؤرِ حڪومت ۾، مقرر ڪيل ٻاڌارا، ٻنيون/ پوکون گھمي، محصول جو حصو ٻڌندا هيا. هڪ سال ٻاڌارن، ساڪري طرف سخت ٻَڌَ ڪئي، تنھن تي هڪڙي هاريءَ رڙ ڪري ائين چيو.
مطلب:
• زيادتي، چڱي ڳالهه نه آهي.
• اهڙي ڪر، جو ساڪرو سٽ سھي. (لاڙ)
52.2 ساڪرو؛ آڪرو. (لاڙ، چوڻي)
ساڪرو، اٺ جو قسم آهي. اھو هلڻ جو ڇوهو ۽ قد جو هلڪو آهي. ميرپورساڪري طرف ٿئي ٿو. ان ڪري علائقي جي نسبت سان، اھو مٿس نالو پيل آهي.
مطلب:
• ساڪرائي اٺ، بيھڪ مان پڌرو ھوندو آھي.
52.3 سنگت ساڪري ۾، سست آسري ۾. (لاڙ، پھاڪو)
ھڪڙي ھمراھ پنھنجي سنگتين سان، ساڪري شھر گھمڻ جو پروگرام رٿيو ھيو. پروگرام مطابق کين ھلڻ کان اڳ ھڪ ھنڌ ڪٺو ٿيڻو ھيو، جتان کان پوءِ سفر جي شروعات ڪرڻي ھين. مقرر وقت تي پاڻ ته طئي ٿيل ھنڌ تي پھتو پر سنگت منجھان ڪو به ڪو نه پھتو. ٿيو ائين ھيو جو ملڻ جو وقت آخري وقت ۾ تبديل ٿيو ھيو، جنھن جي ڄاڻ ھن کي نه ھئي. سنگت ان وقت تي پڳي ۽ راھي ٿي وئي. جڏھن ته ھيءُ ھمراھ، طئي ٿيل ھنڌ تي سندن ڪٺي ٿيڻ جو آسرو ڪندو رھيو. تيستائين سنگت وڃي ساڪري شھر پھتي ھئي. ساڪري کان موٽندڙ مسافرن/واقفڪارن جڏھن کيس انتظار ۾ ڏٺو ته سبب پڇيائونس. ھن جي جواب تي کلندي کيس ٽوڪيائونس؛ ”سنگت ساڪري، سست آسري ۾.
مطلب:
• واعدو ڪري، ڀڄي وڃڻ واري کي ٽوڪ طور ايئن چيو ويندو آھي.
• آسري يار جي، سيءَ سڪائي کل.
• سنگت ساڪري ۾، ھمراھ آسري ۾.