لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون

ڪتاب”ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. لوڪ ادب جي سلسلي پهاڪن ۽ چوڻين بابت ڪتاب ”ماڳ مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون“ نامياري ليکڪ انجنيئر عبد الوهاب سهتي جو لکيل آهي.
Title Cover of book ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون

84. ڳِٺو

84. ڳِٺو
84.1 پِرمان ڀلي پرڻي، جڏهن ڳِٺي جا وڻ اڪري. (لاڙ، چوڻي)
ڳٺو ڍورو؛ بدين ضلعي ۾ تاجهيري کان الهندي طرف آهي.
ڳٺي جا وڻ؛ ڳٺي ڍوري جا وڻ.
پِرمان جو پيءُ غريب هو، پر پنهنجي ڳالھ ڳت وارو هو، سو جڏهن تاجن ٻاهر ويل هو تڏهن هن پرمان پرڻائي ڇڏي. ڇاڪاڻ ته تاجن جي هوندي، تاجن جي اجازت کان سواءِ ڪنهن جي به شادي ٿي نه سگهندي هئي.
چوڌاري ڳالھ هُلي وئي ته پرمان پرڻجي وئي! چيائون ته، ”نيکٽي ڪيئن ٿيندي!؟ پرمان کي ڳوٺ مان وٺي ڪيئن ويندا، جو تاجن جي موڪل کان سواءِ پرمان جي شادي ٿي آهي!“
تاجن جو ڏهڪاءُ ويٺل هيو. هر ڪنھن کي ڊپ هيو ته تاجن جي اچڻ کان پوءِ، پرمان نيکٽيءَ لاءِ به نڪري نه سگهندي. هر ڪنھن ائين پئي چيو ته؛ ”پِرمان جو اصل پرڻو تڏهن ٿيندو، جڏهن ڳوٺان نڪري.
مطلب:
• ٻاھر ڏنل ڇوڪريءَ جو پرڻو، تڏھن مڃبو جڏھن اھا پالڪيءَ چڙھي ساھرين پھچندي.

84.2 پِرمان تڏهن پسندين، جڏهن ڳِٺي جا وڻ ڏسندين. (لاڙ، چوڻي)
تاجن، تاجهيري جو چڱو مڙس ۽ جانٺو جوان هيو. سندس منشا کان سواءِ ڪنھن جي به شادي نه ٿيندي هئي. ڳٺي جي ڳوٺ جي حسين ڇوڪري پرمان، وهيءَ چڙهي ته ملڪان ملڪ سندس حسن جي هاڪَ هُلي هئي. تڏهن اهو مشھور ٿيو ته؛ ”پِرمان ان کي ملندي، جيڪو تاجن سان مقابلو ڪري، ڳٺي جي ڳوٺ ۾ اچي.“
ميان غلام شاھ ڪلھوڙي جي چڙهاين دوران، منڌرن جي قبيلي مان ٻه جوڌا جوان سندس مقابلي لاءِ سينو سپر ڪري بيٺا. هڪ هئو راڌڻ، ٻيو هئو تاجن منڌرو. راڌڻ جو مرڪزي ماڳ، مالهين جو دڙو هئو، جيڪو سيراڻي کان ڇھ ميل کن اتر اوڀر طرف آهي. تاجن جو مرڪز ڳٺو هو، جيڪو تاجهيري واري علائقي ۾ هو- اتي سندس تاجن ڪوٽ هو، جيڪو سيراڻي کان پنج ميل کن اولھ طرف آهي. تاجن منڌرو، اهڙو ته ارڏو ۽ اڙٻنگ ساماڻو جو چڙهي چوڌاري هلائون پيو ڪري! رڳو پاڻ تي نظر هئس، باقي ٻئي تي مڇ ئي نه پيو ڇنڊي.
تاجن جي طاقت جڏهن اوج تي هئي تڏهن سندس ڳوٺ ڳٺي ۾ توڙي چوڌاري ڪک پن به سندس رضا کان سواءِ چري نٿي سگهيا. مجال آهي جو سندس موڪل کان سواءِ ڪو پرڻجي ۽ ڪنهن جي شادي ٿئي!
ڳٺي جي ڳوٺ اندر، هڪ غريب گهر ۾، پرمان نالي ڇوڪري سامائي، جيڪا جيئن پئي وڏي ٿي، تيئن پئي سونهن ۾ سرس ٿي. سندس حسن جي هاڪ هُلي وئي ۽ سڀڪو پيو پرمان پرمان ڪري!
تڏهن پهاڪو هليو ته؛
”پرمان تڏهن پسندين، جڏهن ڳٺي جا وڻ ڏسندين.“
مطلب:
• تمام ڏکئي ڪم لاءِ ائين چيو ويندو آهي.
• پِرمان سو پسي، جو ڳٺي جا وڻ ڏسي. (پھاڪو)