43. دهلي/ پالم
43.1 اڃا دهلي دور آهي. (فارسي، چوڻي)
سلطان غياث الدين کي حضرت نظام الدين اولياءَ لا دل ۾ ڪوسائي ھئي. ھڪ دفعي بنگال جي مسافريءَ تان موٽندي، رستي تان ئي کين نياپو ڪيائين؛ ”منھنجي پھچڻ کان اڳي دھلي ڇڏي وڃو ۽ غياثپور واري رھڻ واري جا تان به ھٿ کڻي وڃو.“
”اڃا دھلي دور آھي!“ نياپي آڻيندڙ کي حضرت نظام الدين اولياءَ موٽ ۾ چيو.
انھيءَ پاراتي بعد، غياث الدين، دھليءَ کان ڪجھ ميل پري، ساڳيءَ رات افغانپور ۾ جنھن جا ۾ ترسيل ھيو، تنھنجي ڇت ڪرڻ سبب، منجھس دٻجي مري ويو.
مطلب:
• هنوز، دلي دور است. (فارسي)
• دھلي، اڃا دور آھي.
• ٽوٽي، سست ۽ ڪاهل ماڻھو جيڪو ڪم کان لنوائيندو وتي ۽ بھانا ٺاهي ڀڄي وڃي، ان لاءِ ٽوڪ طور ائين مثال ڏبو آهي
• خرار مان اڃا پاٽي نه پيٺي آھي.
43.2 شيخ عالم، از دهلي تا پالم. (چوڻي)
شيخ عالم؛ مغل شهنشاھ، شيخ عالم ثاني (۱۸۰۶- ۱۷۵۹) سندس حڪومت وقت، مغل شهنشاهيت جو شيرازو وکري ويو، جنھن سببان، مغلن جي حڪومت پوري بر اعظم تان گھٽجي، اچي دھليءَ کان پالم جي علائقي تي محدود ٿي.
مطلب:
• شيخ عالم، ڪمزور شھنشاھ ھيو، جنھن جي راڄڌانيءَ جون حدون گھٽجي ويون ھيون.
43.3 دهليءَ جو لڏو؛ کائبو ته به پڇتائبو، نه کائبو ته به پڇتائبو. (هندي، پھاڪو)
دهليءَ جا لڏون، ڏسڻ جا سھڻا، پر هاضمو خراب ڪندڙ آهن. سونھن اهڙي اٿن، جو کائڻ لاءِ نه ملي ته اهو سور سڄي عمر نه وڃي. بدهاضم وري اهڙا آهن جو، هڪ دفعو کائجي ته پيٽ جي تڪليف سڄي عمر نه وڃي.
مطلب:
• سھڻا ٽوھ، پٽن تي پيا آھن.
• شادي؛ جيڪو ڪري سو به پڇتائي، جيڪو نه ڪري سو به پڇتائي.
43.4 دهليءَ جو ٺڳ. (ورجيس)
دهليءَ جا ٺڳ وڏا ڳنڍيڇوڙ ۽ چالاڪ هيا. ويٺي ويٺي، ماڻھوءَ جي کيسي ۾ پيل پئسن جو تعداد به ٻڌائي سگهندا هيا، جنھن تان ائين مشھور ٿيو.
مطلب:
• تمام وڏو ٺڳ.
• بنارس جا ٺڳ به بنارسي ٺڳ جي طور مشھور آهن.
43.5 ڪابل ڪنو چڙھيو، باھ لڳي ملتان،
دھليءَ ڦوڪون ڏنيون، سڙي ويو ھندستان. (سرائيڪي، چوڻي)
ھيءَ تاريخي ڪھاوت آھي، جنھن منجھ انھن حڪومتن ڏانھن اشارو آھي، جيڪي افغانين جي تسلط ھيٺ رھيون. ملتان/ سنڌ يا دھليءَ مٿان جيڪي به ڪاھون ٿيون، تن جو مرڪز ۽ محور ڪابل ئي رھيو آھي.
آڳاٽي دور ۾ ملتان پڻ سنڌ جي گاديءَ جو ھنڌ رھيو آھي. اگر گاديءَ جو ھنڌ نه رھيو آھي تڏھن به سنڌ اندر ننڍين رياستن جي حڪومتن تي، ملتان حڪومت جو اثر رسوخ ضرور رھيو آھي.
تاريخ ٻڌائي ٿي ته ملتان، ڪابل جو ھڪڙو صوبو رھيو آھي. جيئن ئي ڪابل جي سياسي ڦيرگھير جو اثر ملتان تائين پڄندو ھيو، تيئن وري انھيءَ جا اثرات اتان ٿيندا، وڃي دھليءَ پڄندا ھيا، جنھن سببان، سڄي ھندستان جو سياسي نظام ۽ حڪومت متاثر ٿي ويندا ھيا. تڏھن ائين مشھور ٿيو؛ ”جنھن جو ملتان مضبوط، تنھن جي دھلي مضبوط“. اڄ به ملتان جي سياست جو اثر، اسلام آباد تائين پھچي ٿو.
مطلب:
• جنھن جو ملتان مضبوط، تنھن جو اسلام آباد مضبوط.