لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون

ڪتاب”ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. لوڪ ادب جي سلسلي پهاڪن ۽ چوڻين بابت ڪتاب ”ماڳ مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون“ نامياري ليکڪ انجنيئر عبد الوهاب سهتي جو لکيل آهي.
Title Cover of book ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون

31. جاتي/ ڇڇ

31. جاتي/ ڇڇ
31.1 جاتي، قرب جي ڪاتي. (لاڙ، پھاڪو)
ڪاتي، ڪھڻ جي ڪم ايندي آھي، جنھن سان اڳلي جو سر کڄندو آھي ۽ ٻئي جو پيٽ ڀربو آھي. ڪڏھن ڪي ڪاتي ڦيرائڻ وارا اھڙو ته مٺڙي نموني سان ڪاتي ڦيري ويندا آھن جو ڪسڻ واري کي ڪسجي وڃڻ تائين لکا ئي نه پوندي آھي. اھڙن ڪھڻن کي، مٺي ڇريءَ سان تشبيھ ڏني ويندي آھي.
جاتي شھر جي رهاڪن منجھ جيڪا محبت، قرب ۽ پاٻوهه آھي، تنھن بابت اشارتًا ائين چيو ويندو آهي. جاتي شھر جي ماڻھن جي محبت، پاٻوهه سبب اهو پھاڪو مشھور ٿيو آهي.
مطلب:
• چاچي به ڪوٺڻ، چھنڊڙي به پائڻ.

31.2 جاتي ڪل جت، ماڃر ڪل مي. (لاڙ، پھاڪو)
مي؛ مئي، ملاح.
جاتي شھر، جتن جي نالي پويان سڏجي ٿو. اتي آباد به جت آهن. ٻين لفظن ۾ ھيئن چئجي ته جاتي شھر، خالصتًا جتن جو اڏايل آھي. جڏهن ته ماڃر ۾ مي/ مئي/ ملاح برادريءَ جا ماڻھو آباد آهن. اھو شھر وري، انھيءَ برادريءَ آباد ڪيو آھي.
مطلب:
• جاتي شھر، جتن جو ۽ ماڃر مھاڻن جو ٻڌايل آھي.

31.3 جاتيءَ جا جت/ جوان، پيرين اگهاڙا. (لاڙ، چوڻي)
مغل ڀين اولياءَ (شيخ سلامت ‡ متوفي ۶۱۰ هه)، اٽڪل اٺ صديون اڳ، ۱۲ صدي عيسوي ۾، جنهن جاءِ تي اچي ديرو لڳايو، ان کي آڳاٽو ”مغل ڀين“ سڏيندا هئا. موجودھ وقت ۾ ساڳئي ھنڌ/ ماڳ/ شهر کي ”جاتي“ سڏين ٿا.
هڪ روايت مطابق ٻه بزرگ؛ پيءُ ۽ پٽ، سندن نالا مغل ۽ ڀين، هتي دفن ٿيل آهن. پڃاري واھ تي اڏيل هن درگاھ جا عقيدتمند، درگاھ جي حدن ۾ داخل ٿيڻ وقت، احترامًا جتيون لاهي هٿ ۾ کڻندا آهن ۽ پيرن اگهاڙا درگاھ ۾ داخل ٿيندا آهن. ان ڳالھ تان ماڻھن ۾ ائين مشهور ٿي ويو آھي.
مطلب:
• جاتيءَ جا جت، مغلڀين جي ادب ڪري، جتي لاهي، پيرن-اگهاڙا گهمندا آهن.
• جنين ادب، تنين عجب.

31.4 جاتيءَ جو جت ته ڪو نه آهين؟ (لاڙ، چوڻي)
جاتيءَ جو جت، وضع قطع ۾، جتڪي ٻوليءَ ۽ پيرن اگهاڙي هئڻ سبب، مغلڀينءَ جي مڙني زيارتين ۾ پڌرو هوندو آهي.
اگر ڪو سادو ماڻھو به حد درجي جو ادب ۽ لحاظ ڪندي، ملندو آھي ته زبان مان بي اختيار نڪري ويندو آھي؛ ”جاتيءَ جو جت ته ڪو نه آھين؟“
مطلب:
• ادب ڪرڻ وارو ماڻھو، پري کان پڌرو.

31.5 ڇڇ مڙيوئي ڇوڪريون، جاتي مڙيوئي جوءِ. (لاڙ، پھاڪو)
ڇوري؛ نوخيز، الھڙ، اڻ پرڻيل ڇوڪري، ڪنواري. جوءِ؛ زال، مڙس واري، پرڻيل.
ڇڇ جھان خان واري علائقي ۾، ملاح قوم اندر، ڇوڪريون گهڻيون هونديون ھيون. جنھن سببان، اهي سڱابنديون/ مٽيون مائٽيون وڃي جاتيءَ وارن جتن سان ڳنڍيندا هيا. نتيجي طور، ڇوڪريون ڇڇ جون، جويون وڃي جاتيءَ ۾ ٿينديون ھيون.
مطلب:
• ڇوڪري ڇڇ جي، جاتيءَ ۾ جوءِ/ زال ٿي وئي.

31.6 سنڊو ڦٽو، جاتي وٺي. (لاڙ، پھاڪو)
جاتيءَ جي ڏکڻ ۾، ڪجهه ميلن تي سنڊو بندر، جيڪو ۱۸۱۹ع ۾ جوار ڀاٽا سبب تباهه ٿيو. اتان لڏپلاڻ سبب، جاتي شھر وڌيڪ وڏو ٿي ويو.
مطلب:
• ھڪڙن جي ڦٽڻ سان، ٻيا شھر آباد ٿيو وڃن.

31.7 ڪارو بوٽ هٿ ۾، جت جاتي ٿو وڃي. (لاڙ، پھاڪو)
ٻھراڙيءَ ۾ يا ڪچن رستن تي، بوٽ پائڻ سان بوٽ جي چمڪ دمڪ به گهٽجي ٿي ۽ اندر مٽيءَ جي دز پوڻ سبب هلڻ ۾ به هلاکي ٿئي ٿي، جنھن سببان ٻھراڙيءَ جا ماڻھو ۽ خاص طور تي جت، شھرن ڏانھن پيرين اگهاڙا ايندا آهن. شھر ۾ پھچي، ڪنھن واھيءَ يا نلڪي تان پير ڌوئي، پوءِ بوٽ پائي شھر ۾ گھمندا ڦرندا آهن.
مطلب:
• ڳوٺاڻا، راھ ۾ بوٽ نه پائيندا آھن. اھا سندن ڳوٺاڻي ھئڻ جي نشاني آھي.