لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون

ڪتاب”ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. لوڪ ادب جي سلسلي پهاڪن ۽ چوڻين بابت ڪتاب ”ماڳ مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون“ نامياري ليکڪ انجنيئر عبد الوهاب سهتي جو لکيل آهي.
Title Cover of book ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون

54. سنڌ

54. سنڌ
54.1 جڏهن تڏهن سنڌ کي، قنڌارئون جوکو. (سنڌ، چوڻي)
سنڌ تي جيڪي به حملا ٿيا آھن سي يا ته ايران کان ايندڙن ڪيا آھن يا ڪابل/ قنڌار کان آيلن/ موٽ کاڌلن ڪيا آھن. ڇو جو سنڌ تي حمله آور، گھڻا تڻا قنڌار جي رستي کان آيا آھن، جن اچي سنڌ منجھ ٻائيتال ۽ رڻ ٻاري ڏنو. انگريزن ۱۸۴۳ع ڌاري ڪابل/ قنڌار کان شڪست کائي، واپسيءَ تي، سنڌ مٿان ڪاھ ڪئي، جنھنڪري، سنڌ لاءِ ائين مشھور ٿيو آھي.
مطلب:
• سنڌ هميشه، قنڌار کان آيل حمله آورن جو شڪار پئي رهي آهي.
• جڏھن ڪڏھن سنڌ کي، قنڌار کان جوکو.
• لڳندي لڙائي، سونچو سري کان ٿيندو، جڏهن ڪڏهن، سنڌڙي تو کي قنڌاران جوکو.

54.2 سنڌ؛ ڇورا پال. (سبي، پھاڪو)
سبي خطي جا بروهي ۽ ٻروچ خاندان، اونھاري جي موسم ۾ لڏ پلاڻ ڪري، ڪمائڻ ۽ گذر سفر ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ اچن ٿا. اونھارو ڪمائي، سياري لاءِ پاڇي ڪن ٿا. سياري ۾ هو واپس جابلو علائقن اندر پنھنجن گھرن ۾ وڃي آباد ٿين ٿا. ان روزگار ۽ گذر ڪرڻ سبب، هن علائقي ۾ سنڌ بابت ائين چون ٿا.
مطلب:
• سنڌ علائقي کي، منجھس ڄاولن/ ٻاھران آيلن جي پالڻ جي سگھ آھي.

54.3 سنڌ سمون، ڪڇ چنون، ڀاٽي جيسلمير،
چوٿون چغدو، جنھن جي پيڙهيءَ مٿي پير. (ٿر، چوڻي)
وڌيڪ تشريح لاءِ ڏسو: جيسلمير.

54.4 سنڌ سنئين، وڻ ڏنگا، ماڻھو خام،
ڏنڊو جنھن جي هٿ ۾، تنھن کي ڪن سلام. (سرو، چوڻي)
سنڌ خِطي جي زمين جابلو ناھي. منجھس ھيٺ-مٿانھيون به ايڏيون ناھن. بلڪ سنئين سڌي زمين آھي، جيڪا زراعت ۽ ڪاشتڪاريءَ جي ڪارج ھيٺ گھڻي رھي ٿي. پاڻ ايتري سنئين ۽ سڌي آھي، جو مٿس ٿيندڙ وڻ جي ڏنگائي به جلد نظر اچيو وڃي. اھڙي زرعي زمين تي ھر ھاري ناري، محنتي مزور، فقير فقرو، لالچي لوڀي ڇڪجي اچي ٿو، جيڪو پنھنجي پيٽ قوتَ ھٿ ڪرڻ لاءِ ڏينھن رات ڪوشان رھي ٿو. يا ٻين جي مال تڳائڻ جي جُوھ ۾ رھي ٿو. جنھن سببان سندس خام خيالي نروار ٿيو پوي. ٻين جي ڏنڊي کي ڏسي، کين نِوڙي سلام ڪندو رھي ٿو.
مطلب:
• جڏهن ماڻھو نصيحت سان نه سڌري ۽ پادرن سان سڌو ٿي هلي، تڏهن کيس ٽوڪ طور ايئن چيو ويندو آھي.
• سنڌي ماڻھو، ڏاڍي سان سينو ساھي نه سگھندا آھن ۽ پيا کيس اٿندي ويھندي سلام ڪندا آھن.

54.5 سنڌ کَلي/ موچڙي سان سڌي آهي. (ساهتي/ سرو، چوڻي)
موچڙي ۾ سوڀ آهي. ان سان هر هڪ سڌو آهي. اهڙو مثال آڳاٽي دور جي تاريخ ۾ به ملي ٿو. جيئن، حضرت موسى عليہ السلام کي لٺ وارو معجزو ڏنو ويو ھيو.
مطلب:
• سنڌ جا ماڻھو، ھيٺانھين ڪرڻ واري تي فلڪ ئي نه آڻيندا آھن. ڏاڍي سان سڌا ھوندا آھن.
• عرشان لٿيان چار ڪتابان، پنجوان لٿا ڏنڊا،
ڪتابان اوه نه ڪيتا، جو ڪيتا ڏنڊا. (پنجابي)

54.6 سنڌ گدڙن ڪو نه کاڌي آهي. (ساهتي، چوڻي)
سنڌ جي ماڻھن جي نفسيات آھي ته؛ پاڻ ۾ نه ٺھندا آھن. ٻاھران آيل کي ائين لڳندو ته پاڻ ۾ وڙھيل آھن. کين پاڻ ۾ وڌيڪ ويڙھائڻ جي ضرورت ناھي. بس فقط مٿن حڪمراني ڪرڻي آھي. جڏھن ته ٻاھران آيل آپدا کي ڏسي، سنڌين کان پنھنجيون ڪدورتون وسري وينديون آھن ۽ ٻاھران آيل حمله آور سان مقابلو ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ يڪدم يڪمشت ٿي ويندا آھن. جنھنڪري سنڌ جي ماڻھن کي ڌاريا ۽ ڪمزور ماڻھو، ڪو به نقصان نه ڏئي سگهندا آھن.
مطلب:
• ڪير به ڪنھن کي نقصان نه ٿو ڏئي سگهي، جيستائين خدا نه چاهي.

54.7 سنڌ ۾ آهي ڪڻ تي، ٿر ۾ آهي ٿڻ تي. (ٿر، چوڻي)
ڪڻ تي؛ ڪڻڪ تي گذران. ٿڻ تي؛ مال جي ٿڻ تي، مال جي کير تي، ڍڳن ڍورن تي.
مطلب:
واڌو تشريح لاءِ ڏسو: ”ٿر.“

54.8 سنڌ ۾ ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻي. (سنڌ، چوڻي)
هر علائقي جي ماڻھن جو پنھنجو پنھنجو لھجو ۽ پنھنجي پنھنجي ٻولي آهي. اھو عام خيال آھي ۽ مشاھدي سان به معلوم ٿيو آھي ته پنجويھن ٽيھن ميلن کان پوءِ، ماڻھن جي لھجي ۽ لفظي محاوري ۽ معنيٰ ۾ فرق اچي ويندو آھي.
مطلب:
• سنڌ ۾ ويھين ڪوهين، ٻولي ٻي.

54.9 سنڌ ۾ پڇي به ڪو ڪو نه، ڪڇ ۾ ڪنورٻائي. (لاڙ، پھاڪو)
وضاحت لاءِ ڏسو؛ ”ٿر“

54.10 ڪڇ ڦريو جوڳين، سنڌ ڦري ٺوڳين. (ٿر، چوڻي)
ڪڇ علائقي جا ماڻھو، جوڳين ۽ سنياسين ۾ انڌو اعتقاد ٿا رکن، جنھنڪري کانئن پاڻ ڦرائين ٿا. جڏهن ته سنڌ جي ماڻھن کي اٻوجهائپ سبب، ٺڳ ٺڳي ٿا وڃن.
مطلب:
• ڏيھاڙي ڦرجن ته گھڻا ئي ٿا پر بدنام فقط سنڌي ئي آھن.