89. لاڙڪاڻو
89.1 لاڙڪاڻو، ساه سيباڻو. (سرو، چوڻي)
لاڙڪاڻو شھر، درياھ جي ڪنڌيءَ تي ھئڻ سبب، واپار وڙي، اناج جي جنسن خاص طور تي سڳداسي چانورن ۽ ميون خاص طور تي زيتونن جو مرڪز رھيو آھي. خوش ۽ شاداب شھرن منجھان آھي، جنھن جو زير زمين پاڻي مٺو رھيو آھي. موھن جي دڙي جھڙو قديمي ماڳ سندس ارھ ۾ رھيو آھي ۽ ملڪي سياست تي پڻ سندس وڏو اثر رھيو آھي.
مطلب:
• لاڙڪاڻي جو شھر، روح پرور ۽ پر ڪشش شھر آھي.
89.2 لڄ وئي لاڙڪاڻي، شرم ويو شڪارپور. (سرو، چوڻي)
وضاحت لاءِ ڏسو؛ ”شڪارپور“
89.3 گهوڙي جي ڦٽي؛ وهي ٽانگي ۾،
ڏاند جي ڦٽي؛ وهي گهاڻي ۾،
ڪاموري جي ڦٽي؛ نوڪري ڪري لاڙڪاڻي ۾. (سرو، چوڻي)
لاڙڪاڻي شھر منجھ نوڪري ڪرڻ ڏاڍي ڏکي آھي. جيڪو آفيسر/ ڪامورو اتي بدلي ٿي ايندو آھي ته روئندو ايندو آھي. اھا ٻي ڳالھ آھي ته اتان وڃڻ وارو به روئندو ويندو آھي. ان ڪري جنھن جي بدلي لاڙڪاڻي ڏي ٿيندي آھي، تنھن کي ائين چئي آٿت ڏبو آھي ته؛ تنھنجي طاقت ۽ مڙسي، بيشڪ ڏاند ۽ گھوڙي جھڙي آھي، پر جڏھن انھن جي ڦٽندي آھي ته سخت محنت اندر ڦاسندا آھن ۽ تو تي به اھڙي قسم جي آزمائش آئي آھي. ھاڻي ان کي مٺو ڄاڻي، رب تي رکي، ويٺو سھ.
مطلب:
• مھلون؛ مڙسن تي اينديون آھن.
89.4 هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو، نه ته وت ويڳاڻو. (سرو، چوڻي)
هيءَ تاريخي ڪھاوت، ڪلهوڙا دور جي پيدائش آهي، جڏهن ميان شاهل محمد ڪلهوڙي، ۱۰۲۵هه مطابق ۱۶۷۵ع ۾ گهاڙ واهه کڻايو هو، تڏهن درياهه کان ويندي، گهاڙ واهه جي ڇوڙ تائين، لاڙڪاڻو هڪڙو ئي مشهور شهر ۽ بندر هو. واپاري، ايران ۽ ڪوهستان کان ڪَهي، هتي اچي واپار ڪندا هئا ۽ لاڙڪاڻي کي ٻيڙين جي رستي، ٻين شهرن سان ملائي، گويا مرڪزي حيثيت ڏني ويئي هئي، جتي اناج ۽ ٻين شين جا قافلا اچي، منزل انداز ٿيندا هئا. انهيءَ هنڌ کي ”قافلا سراءِ“ سڏيندا هئا. گهاڙ واهه جي ڏائي ڪپ تي، اڄ به ساڳئي نالي سان مشهور محلو، انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهي.
ڪلهوڙن طرفان پنھنجي دور حڪومت ۾ ٺھرايل رستن ۽ واهن سبب، لاڙڪاڻو ساوڪ ۽ گلزاريءَ ۾ ايترو ته وڌي ويو، جو ڪيترا سياح ان کي ”سنڌ جو عدن“ سڏڻ لڳا.
جنهن جاءِ تي ٻيڙيون، مختلف طرفن کان اچي لَنگَرُ هڻنديون هيون، اُتي رات ڏينهن ماڻهن جا ميلا لڳا پيا هوندا هيا. خشڪيءَ جي رستي، ڪيترا ئي قافلا ۽ گهاڙ واهه جي رستي، سنڌو درياهه کان، مال سان ڀريل ٻيڙا ايندا ۽ ويندا هئا. واپار سبب، ڏيهي خواهه پرڏيهي واپارين کي ججهو فائدو ٿيو ٿئي، جنهنڪري کين، پئسن سان راند ڪرڻ سولي ٿي پيئي.
وڏي واپار سبب، شھر جي رونق، تمام گهڻي ۽ ملڪان ملڪ مشھور هئي. اڄ به ساڳئي نالي سان موجود، بندر روڊ ۽ قافله سراءِ جا علائقا، ان وقت ڏاڍا متل هوندا هيا. ان کان علاوه حسن جي به بازار هئي. جتي شوقين ۽ پئسي وارن جو کيل هوندو هو. انھيءَ تان اها چوڻي وجود ۾ آئي آهي.
مطلب:
• پئسي سان ھيءُ جھان آھي.
• پئسي سان جھان جون رونقون قائم آھن.
• هجئي ناڻو ته ڇڏ لاڙڪاڻو.
• ڳنڍ ۾ کڻي تون ناڻو، گهم خان لاڙڪاڻو. (سرو)
• هجئي ناڻو ته گھم لاڙڪاڻو، نه ته ڏس رحيم ڏنو ڪاڻو. (لاڙ)
89.5 هو قوم لاڙڪن جو هتڙي قديم ٿاڻو،
پيو نانءَ هن تي، لاڙڪ تان لاڙڪاڻو. (سرو، چوڻي)
لاڙڪاڻو شھر، لاڙڪ قوم جي نالي پويان ٺھيل آهي. ھاڻي لاڙڪ، ڄڻ اتان لڏي ويا آھن.
مطلب:
• ھر شھر ڪنھن نه ڪنھن قوم/ذات جو ٻڌايل آھي.