لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون

ڪتاب”ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. لوڪ ادب جي سلسلي پهاڪن ۽ چوڻين بابت ڪتاب ”ماڳ مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون“ نامياري ليکڪ انجنيئر عبد الوهاب سهتي جو لکيل آهي.
Title Cover of book ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون

57. سيوهڻ

57. سيوهڻ
57.1 سيوهاڻي چريا، ته به پٿر گھر ڏانھن ڍوئين. (سرو، پھاڪو)
سيوھڻ، روھڙيءَ وانگر، پٿريلي علائقي ۾ واقع آھي. درياھ جي ساڄي ڪنڌيءَ تي اڏيل ھن شھر ۾ قلندر جي مزار آھي، جتي ڏيھاڙي سوين بلڪ ھزارين زيارتي اچن ٿا. ان شھر جي اڏاوت ۾ آڳاٽن ماڻھن، پٿرن جو استعمال ڪيو، جنھن لاءِ ھو پٿر ٻين کي چُٽڻ/ ھڻڻ بجاءِ گھر ڏانھن ھڻڻ/ اڇلڻ کي ترجيح ڏيندا ھيا، ته جيئن اھو پٿر وري به گھر جي ڪنھن اڏاوتي ڪارج ۾ ڪتب اچي سگھي.
مطلب:
• چرين کي به پنھنجن پراون جي ۽ نفعي نقصان جي خبر پوندي آهي.
• ھر ڪو ڪسر مڙيو ئي پاڻ کي ڏيڻ چاھيندو آهي.
• سيوهاڻي چريو، ته به پٿر پنھنجن ڏانھن اڇلي. (ساهتي)
• چريو سيوهاڻي، ڀتر اُڇلي پنهنجي گهر. (لاڙ)
• ڀيٽيو؛ روھڙائي روھ تي، ننڍا وڏا ڊوھ تي. (سرو)

57.2 سيوهاڻي؛ نه اَنُ، نه پاڻي. (لاڙ، چوڻي)
اڳئين دور ۾ حاڪمن جا فوجي/ ڪارندا، گهوڙن تي چڙهي ايندا هيا ۽ غريبَ-مار ڪندا هيا، تن کي گهل سڏيو ويندو هيو. اهي به سکين ستابن کي تنگ ڪري مال ڦريندا هيا. سڃن بکين ماڻھن کي هوندو ئي ڪجهه نه هيو، تن کان ڪجهه نه ڦريندا هيا. سيوھڻ منجھان کين ڪجھ نه ملندو ھيو ته سندس سڃائيءَ کي، ائين لوئيندا ھيا.
مطلب:
• سڃي کي سرڪار ڇا ڪندي.
• چور به ڀريل ڀڪيل گھر ۾ ئي کاٽ ھڻندو آھي.
• سڃو ماڻھو سرڪار کان به ڏاڍو.

57.3 سيوهڻ؛ ڏي ته وڻ، نه ته ٽپڙ کڻ. (لاڙ، چوڻي)
قلندر لال شهبار جي مزار، ماڻهو زندگيءَ ۾ هڪ ڀيرو ڏسي ته به ڪافي آهي. هڪ ته اتي لُڙُ بغاغو ۽ ھُڙُ ڇُڙُ يا گوڙُ گھمسان ايڏو هوندو آهي جو بس ئي ڀلي. ٻيو وري فقيرن جي پن ۽ پچر اھڙي ڇتي، جو ڄڻ آزار. هڪ دفعو وڃڻ وارو ته وري ڏسڻ کان توبہ ڪري ڇڏي ٿو. سيوهڻ منجھ جيتري آدمشماري آھي، اوترا وري پينو فقير ۽ ڦرڻا ماڻھو به گھڻا آهن، جن کي ڪجھ ڏيڻ کان سواءِ اتي رھڻ اھنجو ٿيو پوي.
مطلب:
• ڀيٽيو: سيوهاڻي؛ نه انُ، نه پاڻي.

57.4 سيوهڻ کي گَهلِ ڇا ڪندي؟ (لاڙ، پھاڪو)
گهل: پوليس، گهوڙن تي چڙهي ايندڙ هٿياربند لٽيرا.
سيوھڻ: الله لوڪ فقير، دنيا کي تياڳيندڙ.
اڳي، لٽيرا گھوڙن تي چڙھي ھلائون ڪندا ھيا، جن کي گھل يا پوليس سڏيو ويندو ھيو. اھي جڏھن آبادين منجھ گھڙندا ھيا، ته انھن کي تھس نحس ڪري ڇڏيندا ھيا. ماڻھو ماڻھن کي ڦريندا ۽ ڪھندا ھيا، انھن جا وھٽ ٻنين ۽ آبادين جو ستياناس ڪندا ھيا.
اھڙي قسم جا لٽيرا به انھن کي ڦريندا ھيا، جن منجھان ڪجھ ملڻ جو آسرو ھجين. سيوھاڻي، جتي ان نه پاڻي، تتان کين ملڻ جو ڪو آسرو نه ھيو، تنھن کي گھل ڇا ڪري؟
مطلب:
• مستانڙن کي، لٽيرا ڇا لٽيندا؟
• سڃي ماڻھوءَ کي؛ نه ھيٺين واٽ ڀؤ، نه مٿينءَ واٽ ڀؤ.
• نه ڍڳو، نه ڍور؛ ڇا ڪاهيندو چور؟
• جنھن کي ڍڳو نه ڍور، تنھن جو ڇا ڪاھيندو چور.