لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق

ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون

ڪتاب”ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. لوڪ ادب جي سلسلي پهاڪن ۽ چوڻين بابت ڪتاب ”ماڳ مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون“ نامياري ليکڪ انجنيئر عبد الوهاب سهتي جو لکيل آهي.
Title Cover of book ماڳن مڪانن جي نالن تي مشتمل پهاڪا ۽ چوڻيون

17. ٿــر

17. ٿــر
17.1 اڀي ڳئون ٿر گابا، چي؛ ”ڌايا ڙي ڌايا!“ (سرو، پھاڪو)
ھڪڙي گھر-ڌڻيءَ، گھر پھچي، زال کان پڇيو؛ ”مينھن ڏڌوَ؟“ سست زالس، ستت جواب ڏنس؛ ”مينھن ته ڌاپي وئي.“ گھر-ڌڻيءَ ڏٺو ته ڳئون گھر جي اوڀر ۾ بيٺل آهي ته گابو اتر ۾. ڌاتو ڪٿان ھوندائين؟ يڪدم چيائينس؛ ”اڙي ڳئون آھي ٿر ته گابو آھي اڀي! اھو ڌائيندو ڪٿان؟“ چلھ تي ويٺل ننھن مانيءَ جو ويليل لولو اڌ ۾ ڇڏي چوڻ لڳي؛ ”چاچا! چشڪا مين به ٻڌيا!“ گھر-ڌڻيءَ يڪدم چپ ڪرائڻ لاءِ چيس: ”ڪوڙن گھپٽي! پري کان گابو ڪيئن ڌائيندو.“
مطلب:
• جيڪو ظاهري ڪوڙ هڻي، تنھن لاءِ ٽوڪ طور، ائين چيو ويندو آهي.

17.2 ٿر آهي ٿڻ تي، نه ڪڻ تي. (ٿر، چوڻي)
ٿري ماڻھن جو گذران، مال متاع تي آهي. ٿر اندر ڦٽندڙ پاڻ-مرادو گاھ پٺي تي، مال متارو ٿئي ۽ کير مکڻ ججها ٿين. اناج، ٿر اندر گھٽ ٿين، جنھنڪري ٿرين جو خاص جياپو ان تي نه بلڪ کير مکڻ تي آهي.
مطلب:
• ٿرين جو گذر سفر، مال جي کير مکڻ تي آھي.

17.3 ٿر جا وسَ، جھول جا گس. (ٿر، چوڻي)
جھول؛ ضلعي سانگھڙ اندر شھر جو نالو، جيڪو تعلقي ھيڊ ڪوارٽر پڻ آھي.
جيترو گاھ، ٿر اندر مينھن جي وسڻ تي ٿئي ٿو، اوترو گاھ، جھول جي گسن/واٽن تي ٿئي ٿو. ڇو جو منجھس ساڱرو درياھ يا نيلوفري وھي اچي ڍنڍ کي ڀريندي ھئي، جنھن تي سٺي آبادي ٿيندي ھئي.
مطلب:
• جھول؛ وڏي آباديءَ وارو شھر آھي. ٿر جي ڀيٽ ۾ ھتي برسات جام پوي ٿي.
• ٿر جا وس، گاگاڻ جا گس.

17.4 ٿر ڏلهي ته سنڌ جهلي، سنڌ ڏلهي ته ڪير جهلي؟ (چوڻي/پهاڪو)
ٿر جو علائقو، وُٺي تي آباد ٿئي ٿو. جڏهن ته سنڌ جو سنئون سڌو علائقو، نهري ۽ زميني آبي ذخيرن تي آباد ٿئي ٿو. برساتن نه پوڻ جي صورت ۾، ٿر ۾ قحط پوندو آهي ۽ اتان جا اصلي باشندا به سنڌ ڏانهن رخ رکندا آهن. اتي کين پنهنجي سِرَ بچائڻ لاءِ انّ پاڻي ۽ مال لاءِ چارو ملي ويندو آهي. سنڌ جي علائقي ۽ وسيلن ۾، ايتري ڪشادگي آهي جو قحط دوران، ٿرين جي سَٽَ سهي سگهندا آهن.
جيڪڏهن سنڌ ۾ به قحط پوي ته پوءِ آفت سٽيل ٿري ته ٺهيو پر سنڌ جا اصل باشندا به ان جي لپيٽ ۾ اچي وڃن. سڀني لاءِ پنهنجي جان بچائڻ به موراڳو مشڪل ٿيو وڃي. ان صورت ۾ اهي لاچار ڪيڏانهن وڃن؟!
مطلب:
• ننڍن کي وڏا پالين، وڏن کي ڪير پالي؟
• ننڍن کي پيل نقصان، وڏا برداشت ڪن. وڏن کي پيل نقصان، ڪير برداشت ڪري؟!

17.5 جہ سين لوڙائو ٿيا، جنين ڌار رهن،
مارو منجهه ٿرن، رهي رهندا ڪيترو. (شاهه مارئي چوڻي)
جنھن جي آسري تي ٿر جھڙي ملڪ ۾ رهجي، سو ئي ڦورو ٿي پوي ته پوءِ مارو ماڻھو ملير ۾ ڪيترو رهندا؟
مطلب:
• حاڪم پيا رعيت جون لڄون لٽين ته ٻيا ڌاريا ڪيتري لڄ رکندا!
• پيھر پيو پوک کي کائي ته واهي ڪيترو واهت ڪندا؟

17.6 راڳ پنجاب ۾ ڄائو، سنڌ ۾ پَليو ۽ ٿر ۾ مئو. (سنڌ، چوڻي)
راڳ جا اصل گائڪ صوبي پنجاب وارا آھن. ان نسبت سان راڳ جو جنم ڄڻ پنجاب ۾ ٿيو آھي. سنڌ وارن کيس پسند ڪيو ۽ گائڪن جي خاطر تواضع ڪيائون. قدرداني ڪندي مٿس لک لٽايائون، جنھن سببان سندس ڳائڻا باقي رھيا. ان نسبت سان ڄڻ سندس پاليندڙ سنڌ وارا آھن. اھڙيءَ طرح ٿر وارن غربت سببان نه ڳائڻن جي خدمت ڪئي ۽ نه قدرداني، جنھن سببان راڳ ڄڻ ٿر ۾ پھتو ئي نه. جيڪڏھن پھتو نه ته ڄڻ اھو اتي نه پليو ۽ نه پروان چڙھيو. ان نسبت سان ڄڻ راڳ ٿر ۾ وڃي مري ويو.
مطلب:
• راڳ پنجاب وارن ايجاد ڪيو، وڌيو ويجهيو سنڌ ۾، ٿري منجهانئس مور نه ڄاڻن.

17.7 سنڌ ۾ آهي ڪڻ تي، ٿر ۾ آهي ٿڻ تي. (ٿر، چوڻي)
ڪڻ؛ ڪڻڪ، اناج. ٿڻ؛ جنھن مان کير ڏڀي، کيريات ڍور.
اناج پوکيءَ راھيءَ سان زرعي زمينن اندر ٿين ٿا. سنڌ جون زمينون، بيراجي علائقن ۾ ھئڻ سبب، ان لائق آھن جو مٿن زراعت يا ڪاشتڪاري ڪري اناج اپائجن، جنھن ڪري مٿس رھندڙن جو گذر وڃي ان اناج تي ٿيندو.
ان جي ڀيٽ ۾ ٿر اندر ڏھرن ۾ به جيڪا ڪاشتڪاري ٿئي ٿي سا وٺي تي آھي. ان جي حيثيت بيراجي زمينن جھڙي ناھي. ٿري ماڻھن جو ڦري گھري گذر سفر وري به وڃي کير مکڻ ۽ مال متاع تي بيھي ٿو. غرض ته ٿر وارن جو گذرسفر، مينھن جي وسڻ کان پوءِ وارن گاهن تي آهي.
مطلب:
• ڀيٽيو؛ ٿر آھي ٿڻ تي، نه ڪڻ تي.

17.8 سنڌ ۾ پڇيس ڪو ڪو نه، ٿر ۾ ڪنور ٻائي. (سنڌ، پھاڪو)
ٿر ۾ راڳ جا ڄاڻو ڪونھن. اتي سيکڙاٽ کي به پيا مھا راڳي سمجھندا. سنڌ ۾ راڳ جا ڳائيندڙ ۽ ڄاڻيندڙ گهڻا آهن، اتي بي سري کي گهٽ عزت ملندي.
مطلب:
• جتي وڻ ناهي، اتي ڪانڊيرو به درخت.

17.9 عمر نيئي نيئي مارئي نيندو، ٿرئون ته ڪين ٿيلھيندو! (سنڌ، پھاڪو)
وڏي ماڻھوءَ وٽ ڪم لاءِ وڃڻ ۾ نه گھٻرائجي. وڌ ۾ وڌ ڪم نه ڪندو. ملڪ مان لڏائي ڪين ڇڏيندو. ڪنھن وهنوار ۾ ڊڄندڙ کي، دل ٻڌرائڻ لاءِ ائين چيو ويندو آهي.
مطلب:
• پير پٽ نه ڏيندو، ته زال ته نه کسيندو.

17.10 وٺو ته ٿر، نه ته بر ئي بر. (ٿر، چوڻي)
ٿر، واريءَ جي دڙن تي مشتمل علائقو آهي، جنھن جي آباديءَ جو دارومدار، مينھن جي پاڻيءَ تي آهي. مينھن پيو ته ٿر ۾ کير/ مکڻ جام ٿيندو. ٻيءَ صورت ۾ قحط کان ماڻھو ۽ مال متاع به لڏي ويندا.
مطلب:
• وسي ته آهي ٿر، نه وسي ته آهي بر.
• برسات رب جي مھر جي نشاني آھي. سڄي جڳ ۾ ان سان ئي اوڀڙ اڀري ٿي.