36. جيڪب آباد
36.1 جيڪب آباد؛ دل آباد. (چوڻي)
جيڪب آباد واسين جي، پنھنجي دل کي آٿت ڏيڻ لاءِ، پنھنجي شھر جي تعريف ۾ جوڙيل ڪھاوت آھي. سواءِ ڪوڙي تعريف ۽ تڪبند ھئڻ جي منجھانئس ٻي ڪا معنيٰ نه ٿي نڪري، ڇو جو جيڪب آباد شھر جي جر جو پاڻي ٻاڙو بلڪ کارو آھي، پيئڻ ۽ وھنجڻ جي قابل ناھي. زمينون سم ڪلر جي ڪري آبادي ۽ اپت گھٽ ڏين ٿيون. ڍنڍن ڍورن ۾ ٿيندڙ مڇي به ايڏي سوادي ۽ قيمتي ناھي، جنھن سان ماڻھن جي معيشت سڌري. ماڻھو سادڙا ۽ ٿوري تي قناعت ڪرڻ وارا آھن، جيڪي پاڻ کي اھڙي قسم جا آٿت ڏئي پيا وقت جو گذارو ڪندا آھن.
مطلب:
• ڀيٽيو: دادو؛ جادو.
• ڀيٽيو: مورو، ناھي ٿورو.
36.2 جيڪب آبادي؛ نه نر، نه مادي. (اتر، چوڻي)
جيڪب آباد جي ماڻهن ڏانهن اشارو آهي؛ اھي طبيعت جا سادڙا آھن. گهٽ پڙهيل ۽ معاملي فهميءَ جي گهٽ ڄاڻ رکڻ سبب، نه بحث ڀلو ڪري سگهندا آهن ۽ نه ئي وري سٽائتي نموني سان ڪنهن کان ڪم وٺي سگهندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو مٿن، اهڙيون چٿرون به ٺهيل آهن. جڏهن ته ان تڪبند چوڻيءَ جو حقيقت سان تعلق گهٽ آهي. جيئن شڪارپور بابت هن چوڻيءَ جو تعلق گهٽ آهي؛ ”شڪارپور شهزادي؛ اچي نر، وڃي مادي.“
مطلب:
• جيڪب آباد جا ماڻهو نه ماين وانگر زبان سان جهيڙو ڳائي ڄاڻن، نه ئي نشانبر ٿي مردن وانگر لٺ يا ڌُڪي سان وڙهي ڄاڻڻ.
• انهيءَ ٽوڪ جي موٽ ۾، جيڪب آباد وارن به جواب ٺاهيو آهي؛ ”جيڪب آبادي؛ نه ڇڏن نر، نه ڇڏن مادي.“