شاعري

صحرا مون ۾ ساھہ کڻي ٿو

’’صحرا مون ۾ ساهه کڻي ٿو‘‘ جديد سنڌي شاعريءَ جي رنگن جي عڪاسي ڪندڙ اهڙو مجموعو آهي، جنهن جي فڪر تي ڪنهن جي ڇاپ ناهي بلڪه امر ساهڙ جي ٻوليءَ جي ٻه رنگي ڍنگ سبب منفرد اسلوب طور ڏسجي ٿو. هُو گهٽ لکيو پر سٺو لکيو جي پيروي ڪندڙ شاعر آهي، جنهن جي هر هڪ تخليقَ پنهنجي جوهر ۾ سگهاري ۽ وڻندڙ آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5489
  • 1082
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر ساھڙ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book صحرا مون ۾ ساھہ کڻي ٿو

امر ساهڙ هِڪُ غير معمولي شاعر

هڪ نوجوان عِرفان لُنڊ جڏهن نئين ڪويتا ۾ ايئن ٿو لکي ته،
هُن چيو:
تنهنجا اڪثر نظم
غير مُسلم ڇو آهن؟
مون چيو مانس،
موهن جي دڙي جي مٽي،
اڃان ڪلمو ناهي ڀريو..!
هي مڪمل نثر ناهي ڇا؟ پر اهو نثر سنڌ ۾ هزارين ماڻهن کي زباني ياد آهي. ڪهڙي ڳالهه آهي، جيڪا ڪنهن شعر کي زبان زد عام ڪندي آهي؟ ڇا هن جو عروض يا ڇند؟ يا ان جو ويچار، جيڪو اسان جي دل کي انتهائي ويجهو هجي. شاهه لطيف جي هزارين بيتن مان ”سائيم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سُڪار“ وارو بيت اسين بار بار ڇو ٿا دهرايون؟ هي ويچار جا ئي ڪرشما آهن. لُطافت جي حس تي پورو لهڻ کانپوءِ ڪيتري ئي شاعري پاڻهي مري ويندي آهي. پر ويچار جيترو مضبوط هوندو اُن جي طويل عُمر ايتري گهڻي ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ به هُوندي آهي. سڀ کان پهرين ته پاڻ کي انساني احساس جي شڪل، حالت ۽ حرڪت کي واضح ڪرڻو پوندو ته احساس مادو آهن به يا ناهن؟ ماڻهوءَ جا احساس به غير مادي آهن ۽ فلسفو به هڪ مادي قوت يعني دماغ جو غير مادي رفليڪشن آهي. شعور، وجدان، تخيل، اهي سڀ ڪنهن نه ڪنهن مادي قوت جو اولڙو آهن. بنيادي طور هر شاعر فلاسفر ئي هوندو آهي. پو اُن جي احساس جي طاقت آهي ته هُو مادي شين جو غير مادي اظهار ڪيئن ٿو ڪري ۽ غير مادي شين يعني احساسن کي شڪليون، شباهتون ۽ حرڪتون ڪئين ٿو ڏي. فلسفو خود تخليق آهي، اُن جو مون وٽ دليل اِهو آهي ته تخليق جي بنيادي تعريف اها آهي ته هر تخليق ٻئي تخليق کان جدا هوندي آهي. تخليق جي هڪجهڙائي تخليق کي تخليق نه رهڻ ڏيندي آهي. اُن کي پو اسين مينوفيڪچرنگ چوندا آهيون. ائين ئي فلسفي ۾ هر احساس جا پنهنجا پنهنجا الڳ خاڪا ۽ زاويا آهن. فلسفو جيترو وڌيڪ سمجهه ۾ ايندو، شاعر ايترو ئي تخليقي ٿي ويندو آهي. دوستن سان ڪچهريون ڪندي، جڏهن شاعريءَ کي ڪنهن سنياسي واري اک سان ڏسجي ٿو ته هڪ اڇوتي ۽ نئين سٽ، اُن ٻوُٽي وانگي محسوس ٿئي ٿي، جنهن کي ڳوليندي، ڳوليندي عُمر ڳري ويندي آهي. مون کي جڏهن امر ساهڙ جي شاعريءَ تي لکڻ لاءِ چيو ويو ته، مون سڀ کان پهرين سنياسي وانگر هڪ اڻ لڀ ٻوٽي جهڙي ڪا سِٽ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي ته، حيرتن جي حد ئي نه رهي. سندس شاعري جي جلايل جُهونا ڳڙهه جي وسيع ميدانن ۾ انيڪ اهڙيون اڻ لڀ سٽون مليون، جن کي ڇُهڻ سان ئي دل شفاياب ٿيو وڃي. رُوح آسودو، اکيون پُرنور ۽ احساسن جي طبيعت هشاش بشاش ٿيو وڃي. گيت، بيت ۽ وائي جهڙين صنفن کان ويندي غزل ۽ نظم تائين ته مون وٽ امر ساهڙ جو تعارف اڳي به هو، پر هي ڇا؟ امر ساهڙ ته نئين ڪويتا جو به لاجواب شاعر آهي. نتيجي طور مون اِهو طئه ڪيو ته امر ساهڙ جي ٻيئن شين تي پهرين ۽ سندس نئين ڪويتا تي سڀ کان آخر ۾ ڳالهائبو.
امر ساهڙ پنهنجي نظم ’’ٻيهر ڪوئي ٻار نه ڄڻجان‘‘ ۾ چئي ٿو ته؛
آءٌ مٽيءَ جو رانديڪو هان،
واريءَ تي ڄڻ ليڪو آهيان،
جيڪو واءُ مٽائي ويندو،
مون وٽ پيلي پينٽ ڪٿي آ؟
مون وٽ سائي شرٽ به ناهي،
آيل! آءٌ اڪيلو آهيان،
ٻرندڙ ڪوئي ٻيلو آهيان،
جنهن جي آڳ اُجهائڻ خاطر،
صحرا ۾ ته سُتي ڀي ناهي.
ايلان ڪردي، جنهن جي ڦِڪي رنگ واري پينٽ ۽ سائي رنگ واري شرٽ واري فوٽوءَ دُنيا جي مُئل ضمير کي هڪ دفعو جاڳايو ضرور هو، پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا ايلان ڪردي جي اُنهي تصوير تي جيڪي تبصرا ڪيا، شايد ئي ڪا ٻي خبر انهن ڏينهن ۾ ائين بريڪ ٿي هُجي. دنيا جي ڪا به ٻولي اهڙي نه رهي هُئي، جنهن ۾ ايلان ڪردي تي لکيو نه ويو هُجي، سنڌي ٻوليءَ ۾ به ايلان جو موت ۽ خود ايلان هڪ استعاري طور پيش ٿيا. ڪيترن شاعرن ايلان کي ۽ سندس موت کي نظمن ۾ بيان ڪيو. اُنهن ئي ڏينهن ۾ امر ساهڙ وري هي نظم لکي رهيو هو. جنهن ۾ ٿر جي هڪڙي ايلان جي دانهن سمايل آهي.
ليڪن مون لئه مقدس آهي،
تنهنجي هنج حياتيءَ جهڙي،
جنهن جي ٿڃ سُڪي وئي ماتا.
هِي ڪرب جي انيڪ جارح لمحن جي ڪهاڻي آهي، جيڪا ٻُڌڻ ۽ ٻُڌي برداشت ڪرڻ انتهائي ڏکي آهي. هڪ ٻار جي ماءُ جي سُڪي ويل ڇاتي، مصور وانگر لفظن ۾ چٽيندڙ هِن شاعر وٽ اُنهي درد جو ذائقو هيئن به محسوس ڪري سگهجي ٿو ته،
آيل! ساهه اُڌارا آڻي،
وينٽي ليٽر تي نه تڳائي.
مون کي دل سان موڪل ڏي تون،
آئون هلان ٿو هاڻ هِتان کان،
هڪڙو وچن وٺان ٿو توکان،
ٻيهر ڪوئي ٻار نه ڄڻجان،
غربت جهڙي گار نه ڄڻجان.
ڇا ته انهن سٽن ۾ درد آهي، تخليق جو درد هميشه تخليقڪار کان ڳُجهو هوندو آهي. هڪ مرندڙ ٻار جو پيغام، ان نام نهاد عالمي ڪٺ جي ضمير کي جنجهوڙيندو نه ته ٻيو ڇا ڪندو؟ جيڪو هر سال ڇهه ارب انساني آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ لئه سٺ ارب ڊالر خرچ ڪري ٿو. اُڌارن ساهن جي مدد سان پوري ٿر جي وينٽي ليٽر تي لڳل زندگي جو اهم مسئلو ئي هن وقت بُک آهي. جنهن جو ردعمل اُهي ڪمزور ٻار آهن، جيڪي پنهنجي پيئرن ۽ مائرن کان يقين وڌيڪ سُجاڳ پڻ آهن. پنهنجي ڪمزور وجود سان دنيا جي انهي اهم مسئلي جي حل لئه نه صرف اهي ان احتجاج ۾ شامل آهن، پر شهادتون به ماڻي رهيا آهن. بک خلاف وڙهندڙ اُهي معصوم ٻار اهو به ڄاڻن ٿا ته کين بک سان وڙهندي مرڻو آهي، يا بُک وگهي مرڻو آهي؟
امر ساهڙ هن نظم ۾ شروع کان وٺي آخر تائين سُجاگ ئي رهيو آهي. هو ڄاڻي ٿو ته هي بُک جي بدمعاش روش جيڪا پيڙهين کان وٺي اسان جا آنڊا برداشت پيا ڪن، ٿر ۾ مرندڙ ٻار هُجن يا مور هُجن، ٻنهي جي موت جا سائنسي سبب ڳولڻ ۽ اُنهن کي پڌرو ڪرڻ کان وس واريون ڌريون لنوائي رهيون آهن. هُو هِن نظم ۾ اڻ اظهاريل طور به اهو چئي ويو آهي ته؛ اُن ٿر جي ڀاڳ سان ڪير ريس ڪري جتي اڄ به انُ ايمان آهي، جتي تؤڪل پنهنجا ٻيڙا ڀري جڏهن لهندي آهي ته ڏک وسري ۽ سُک نِسري پون ٿا. امر ساهڙ جي هِن نظم ۾ موجود درد جي نغمگي ۽ ڏک جي لئي هر پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ ضرور وڄايو هُوندو.
امر ساهڙ پنهنجي نظم ’’پنڪيءَ جي پيءُ کي چئجان‘‘ ۾ جيڪا هيٺين سِٽن ۾ منظر نگاري ڪئي آهي، اها به ڪمال جي آهي.
ستاويهين ڊسمبر تي،
اُڏندي ڍنڍ تي آڙي،
پنڊيءَ جي توبچي تاڙي،
لڳي گولي گهٽائن کي،
اُتر جي ڄڻ هوائن کي.
انهي نظم ۾ ڪونڀٽ جي ڏارن جو ڪرڻ، جهور پوڙهي وڻ جو خودڪشي ڪري ڇڏڻ، هيرڻ ۽ هُرٻي جو ذڪر ڪرڻ، ڀٽن جو ڀُڻڪڻ، بدين کي بديڻو چئي ان جي چُوڙن جو ذڪر ڪرڻ، هي حوالا انهي نظم جي خوبصورتي چئي سگهجن ٿا. نظرياتي طور انهي نظم ۽ اُن جي غير ادبي واڌ تي اختلاف به ڪري سگهجن ٿا. پر امر ساهڙ جي پنهنجي محسوس ڪيل غم جي پيش ڪيل تصوير، جيڪا نج اُنهن لقائن، ڏيکن ۽ منظرن تي آڌاريل آهي. جيڪي امر ساهڙ کي انتهائي ويجها آهن. ٿري عورتون بدين مان چُوڙا گهرائڻ کي فخر سمجهنديون آهن. پر جي اها خبر ڪنهن لوڪ گيت کان رهجي ويئي آهي ته ان لئه امر ساهڙ ڏي ئي اِها پهرين شاهدي ويندي ۽ شاعري ۾ اِهو سندس ادا ڪيل ڪردار ۽ حصو ئي ڳڻيو ويندو. جيتوڻيڪ امر ساهڙ سنڌي جديد شاعري جي لڳ ڀڳ سڀني مُروج صنفن ۾ لکيو آهي، پر سندس خاص سُڃاڻپ نظم ئي آهي. سندس ڪيترائي نظم نه صرف حوالي طور ڪوٽ ٿين ٿا، پر اُنهن مان ڪيترن نون لکندڙن اُتساهه پڻ ورتو آهي. سندس اهڙو ئي هڪ نظم آهي ”صحرا مون ۾ ساهه کڻي ٿو“ سندس هِي نظم ٿر جي هر اُنهي نياڻيءَ جي ڳالهه آهي، جيڪا پنهنجي خانداني ريتن، رسمن جو ٻارڻ بڻجي، ليڪي جي پرئِين پاسي پرڻجي ٿي وڃي. ٿر بابت جيڪي دوست علم رکن ٿا، اُنهن کي خبر هوندي ته ٿر جي تقريبن سڀني ذاتين جون مِٽيون، مائٽيون ليڪي جي پرئين پاسي به آهن. چوڏهن سالن جون پرڻايل ٻارڙيون پنجاهه سالن جي وٿيءَ کانپوءِ به پنهنجي اباڻن ڪکن کي ڏسي نه سگهنديون آهن. هِتي پرڻجي آيل يا هُتي پرڻجي ويل عورت کان غير مشروط طور تي اهو مڃرايو ويندو آهي ته، توکي پُٺتي مُڙي ناهي ڏِسڻو، توکي ياد ناهي رکڻو، تنهنجو نڪاح هڪ ويسر سان پڙهايو پيو وڃي. تون هڪڙي سڀ ڪجهه ڀُلائڻ واري رسم سان گڏ چونريءَ چڙهي رهي آهين. توکي ڪو به پيءَ ناهي، ماءُ ناهي، تنهنجي آندل ڄڃ تي ته لکين خرچ ٿي سگهن ٿا. پر توکي تنهنجي مري ويل ماءُ جو مُنهن ڏسڻ لئه پنهنجي ور جي غربت کي ڌيان ۾ رکڻو پوندو. ويرانين جي ور چڙهيل هن سڄي خطي جون شاديون، مُراديون، مرڻا، پرڻا، انتهائي دلچسپ آهن. امر ساهڙ جو هي نظم هڪ ڌيءَ جي پنهنجي پيءَ سان ڳالهه ٻولهه آهي. جيڪا ڪٿي، ڪٿي وري اُنهي ڇوڪري جي خودڪلامي به محسوس ٿئي ٿي. هِن نظم جون هِي سٽون ته صفا احساس کي چُهنڊڙيون ٿيون ڀرين.
هڪڙي تنهنجي حڪم اُجاڙي
ڪڙڪي ڄڻ ڪا تيز ڪهاڙي
ڌرتيءَ کان هڪ ڌيءَ جدا ٿي
هيءَ قيامت ڪيئن خدا ٿي؟
يا
سگريٽن جي ٽوٽن وانگر،
ائش - ٽِريءَ ۾ روز اُجهان ٿي،
تيليءَ وانگر طنز لڳي ٿي،
ٻيهر ڀڙڪي آئون ٻَران ٿي.
هِن نظم ۾ اها ڇوڪري جيڪي رڙيون ڪري ٿي، اها جماليات پنهنجي چنبن ۾ کڻي ايئن اُڏامي ٿي ۽ سندس اباڻي ديس ٿي پهچي، جنهن لئه هُوءَ چوي ٿي ته؛
ڪجلاسر جي شام ڪُنواري،
سُرمي جيئن سَجي ٿي مون ۾،
مون ۾ مور ڪلنگيءَ وارو،
روز نيارو رقص ڪري ٿو،
حُب الوطنيءَ جو هيئن اظهار به صرف امر ساهڙ جهڙن غير معمولي شاعرن جو ئي ڪمال هوندو آهي. جيڪي لفظن کي زندگي بخشين ٿا ۽ تاريخي ڪردارن کي قبرن مان اُٿاري خيال جون پڳون پارائي هٿ ۾ واڳون ڏيئي، اڙل وڇيرا ٻيهر هڪلڻ جو انتظام ڪن ٿا. آريسر سائين جي نثر ۾ ته رتن سنگهه جي گهوڙي جا کُر، امرڪوٽ جي قلعي کي آڳاٽو ڇُهي چُڪا آهن. پر ڪنهن نظم ۾ اُن گهوڙي جو هِڻڪڻ، اُن جا پيرا سڀاڻي امر ساهڙ ڏي ئي ويندا.
حُب وطن جي مون ۾ هڻڪي،
رتن سنگهه جي گهوڙيءَ وانگر،
۽ پنهنجي اباڻي ملڪ لئه اِها نياڻي، هيئن به سوچي ٿي،
آزاديءَ سان اُڏري آئون،
ڏيئاري جي ڏينهن اچان ها،
هوليءَ رات هوائن ڀيڙي،
هڪڙي ياد اچي ٿي اڪثر،
ويساکيءَ جي ويل اچي ٿي،
راجا واري ريل اچي ٿي.
نظم جو ڪلائمڪس به نهايت ئي جاندار آهي، جيڪو نظم جي پُڄاڻي لُڙڪن تي ٿو ڪرائي ۽ پڙهندڙ پاران هڪ سرد آهه ٿي اُڀري، جيڪا اهڙين سڀني اڀاڳڻين لئه فضا ۾ وکري ٿي وڃي.
امر ساهڙ جو هڪ نظم آهي ”مقي سان ڳوٺ جو منظر“ هِن نظم ۾ جيڪا جمالياتي اُپٽار آهي ۽ اُن جو اهڙو ته جاندار نموني سان اظهار ڪيو ويو آهي، جو پوري طويل نظم ۾ هڪ به سٽ اهڙي ڪين ٿي ڏسڻ ۾ اچي جنهن ۾ ڪا ٿڪاوٽ هُجي يا ڪمزور اميجري جو ڪمزور استعمال ٿيل هُجي، پوري نظم جي خاص ڳالهه اها به آهي ته هي نظم هڪ ڳوٺ جو واقعي به اڇي ۽ ڳاڙهي مُقي سان ڀريل هڪ منظر نه پر انيڪ منظرن جو ميڙ آهي.
مٿي کي ميٽ سان ڌوئي
ڪئي هر چيز چوٽي هُئي.
جهڙين سٽن سان گڏوگڏ، ڪجل جي ريک وانگر ماڪ جي ڦُڙي جو ڪرڻ، صبحءُ جي سُرخ چولي، نينهن جي نيري نظاري، گج جي ڀرت ۾ ڀٽائي کي ڀرڻ ۽ ڀِٽن تان شام جي پاڇي جو ترڪي پوڻ، جهڙيون شاعراڻيون ترڪيبون استعمال ڪري امر ساهڙ اِهو ثابت ڪيو آهي ته روائتي فني گهاڙيٽي ۾ رهندي به شاعري کي پنهنجي پاران گهڻو ڪجهه ارپي سگهجي ٿو .
پُڄائي اوڙ ڇيڙي تي،
ڪنڊيءَ جي ڇانَو ۾ ڇوڙي،
اڳئين جو اُٺِ کي هاريءَ،
دُکائي پن جي ٻيڙي،

يا
ڏِٺائين واٽ تي ڏاچي،
ولر کان ڌار پي وڙڪي،
چڙي جي لار سان ڀيڙي،
ڌنيءَ جي دل پي ڌڙڪي.
هي هڪ اهڙي سماج جا معاشي عڪس آهن، جنهن جون کيڙيون ميڙيون سڀئي سانوڻ جي آسري آهن. ٿر جي ماڻهو معاشي ۽ سماجي طور تي به جام ڀوڳيو آهي. پر هِن نفسياتي طور به وڏيون جُٺيون سٺيون آهن. ٿر جي ماڻهو لئه اُٺ، گهر جو ڀاتي تصور ڪيو ويندو آهي. ٿر ۽ بئراج جي زرعي وصفن ۾ تمام گهڻو فرق هُجڻ باوجود به صدين کان ٿر جو ماڻهو ڏڪار جي ڏينهن ۾ بئراجي ڀاڱي ۾ رهندي، جيڪو ٻن الڳ الڳ سماجن جو زرعي نفسياتي جبر برداشت ڪري رهيو آهي، اُن تي گهڻو ڪُجهه لکي سگهجي ٿو. هي نظم منظرن کان ٿيندو حياتيءَ بچائڻ جي حيلي جي ڳالهه تي پُڄاڻي تي پهچي ٿو. جتان اها خبر پوي ٿي ته، شاعري زندگي کي ئي ويجهي آهي، يا ائين کڻي چئجي ته دُنيا ۾ شايد اِها شاعري ئي آهي جيڪا موت خلاف احتجاج ڪري ٿي، ۽ پوءِ اُن ۾ هر جاندار ۽ غير جاندار شامل ٿي پنهنجو پنهنجو آواز ڳولڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. هِن نظم جي سِٽ سِٽ مان هڪ، هڪ ڪردار، هڪ هڪ استعارو ۽ هڪ هڪ تشبيهه کڻي ٿر جي ادبي وايو منڊل ۾ ڪُجهه ٻيا به نظم لکجي چُڪا آهن. اِها ئي هن نظم جي ڪاميابي ۽ هِن نظم جي شاعر امر ساهڙ جي مڃتا چئبي.
”چُمي جي بي حُرمتي“ امر ساهڙ جو هي نظم فني لحاظ کان هڪ آزاد نظم ئي چئي سگهجي ٿو. هِي نظم هڪ ئي دائري ۾ ٻن فاعلن جي گرد ڦري ٿو. توڙ ي جو هن نظم ۾ امر ساهڙ طرفان ڪا به خود ساخته فني ڪاوش ته نظر نه پئي اچي، پر تنهن هوندي به هن نظم جو ردم ڪمال جو آهي ۽ اِهو ئي هڪ شاعر جو فڪري اثاثو هُوندو آهي. ٻاروتڻ جي يادگيرين کي دُهرائيندي هِن نظم جي ٿيم جو تاجي پيٽو ائين ٻڌل آهي ته
’’ڄڻ ته ڪا ڄارڙِي هُئين،
پيلوءَ جيئن پچڻ کان اڳ ئي
اچانڪ تون وڏي ٿي وئين،
تنهنجي تراکڙي ڇاتي مٿان
قلندر جي قبي جهڙا
ٻه اڇا ڪبوتر اچي ويٺا‘‘
هِن نظم ۾ هڪ وڃايل چُميءَ جو الميو آهي. هڪ پُراڻي پيار جي ڳالهه آهي جيڪي صرف ڳالهيون ئي رهجي ويون آهن. هڪ وڃايل چُميءَ جي وارتا ۽ اُن کي ڳولڻ جي جستجو آهي. نظم جون نگاهون نيريون محسوس پيون ٿين، ۽ اُن نظم جي شاعر بابت نج رُومانوي شاعر جهڙي راءِ قائم ڪرڻ ۾ اِهو نظم پنهنجي سموري توانائي سميت پڌرو بيٺو آهي.
’’نيٺ نا اُميد ٿي مون تنهنجي چُميءَ جو تڏو وڇايو‘‘
جهڙا انيڪ احساس آهن، جيڪي هن نظم جي شاعر جي اندر جو سرمايو ٿيندي، پڙهندڙ کي پڻ مالامال ڪري ٿا وجهن.
اِهو لکڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نٿو سمجهان ته امر ساهڙ نه صرف نظم ۾ نڀايو آهي، پر سندس غزل واري سُڃاڻپ به اهميت لائق آهي. امر ساهڙ جي پهتل ڪجهه غزلن کي پڙهڻ کانپوءِ مون انيڪ شعر ڳالهائڻ لئه چُونڊي نشانبر ڪيا هُئا، پر پوءِ انهي خيال ڪر کنيو ته، غزل اهڙي صنف آهي، جنهن ۾ نه شاعر ڊوڙي، ڊُڪي ۽ ڀڄي سگهي ٿو، نه وري غزل جي خيال تي ڳالهائي سگهجي ٿو. اُن ڪري امر ساهڙ جي هڪ غزل جي هِن بند مان لُطف وٺندي سندس غزلن وارا پنا ٻيڻا ڪري پاڻ اڳتي ٿا وڌون.
ڏينهن ڪوئل سَندي ڪُوڪَ جا،
باغ جي بادشاهي هُيا.
غزل وانگر وري امر ساهڙ بيت جهڙي ڪلاسيڪل صنف ۾ تمام جاندار نموني سان نڀايو آهي. سندس هيٺان بيت سندس ڳُوڙهي مُشاهدي جو اُهڃاڻ آهن.
ورت جيئن ويڙهي ڀاڳيو رکي ڀُوڻ تي،
مون کي تيئن ميڙي، مُجب وِهاريو من ۾.
يا وري؛
ويڙهي وينڍ لاهُون، جئين ڪا جتڻ نينگري،
اديون! ايئن آئون، وڇوڙين ويڙهي وتان.
آئون مٿي لکي آيو آهيان ته، مون کي امر ساهڙ جي نئين ڪويتا تي سڀ کان آخر ۾ ڳالهائڻو پوندو. سندس نظمن تي ڳالهائڻ کان پهرين هِي چند ڳالهيون ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان. اِهو الميو ئي چئجي ته ڪجهه سالن کان سنڌي شاعريءَ تي رُڳو اخباري مالڪن، ايڊيٽرن، صحافين ۽ ڪالم نگارن ئي ڳالهايو آهي. جڏهن ڪو ڪالم نگار سنڌي شاعريءَ جون صديون ورهائي ٿو ته اُن تي ڪير به احتجاج نٿو ڪري ته بابا! تون شاعريءَ جو ماڻهو ئي ناهين، تو کي ڪهڙي خبر ته ڪهڙي صدي ۾ شاعريءَ جون ڪهڙيون گهرجون آهن. تون جو اِها ونڊ ورڇ ڪري رهيو آهين، اهِا جذباتي وابستگي ٿي سگهي ٿي، پر اِها تقسيم ڪيترو جٽاءُ ڪندي، ان بابت ڪا به اڳڪٿي نٿي ڪري سگهجي. ڇو ته صدي يا دؤر جو وڏو شاعر توهان ڀٽائي کي چئو ٿا. جڏهن اُن صدي جي ميَن شاهه عنايت رضوي کي گُربخشاڻي جهڙو هڪ به شارح مليو ته ڳالهه ڳاٽي کان چڙهي ويندي. گريوٿي ويووز جي هيءَ صدي، جنهن جو هرپل تبديلي جا انيڪ سبب کڻي نمودار ٿي گذري رهيو آهي. پر جي ڪو ان پوري صدي جي اثرن کي نظر انداز ڪندي سڄي صدي هڪ اهڙي شاعر کي دان ڪري ڇڏي جنهن جي شاعري جي ڪيترن سٽن کي انيڪ چيئلينجز سامهون هُجن. اُن صورتحال ۾ باقي پوري صدي کي اوهان هٿ سان جُنوني ٿيڻ جو موقعو فراهم ڪيو ٿا. اڳي شاعري رُڳو رجعت پسند ۽ ترقي پسندن جي وچ ۾ ڦاٿل هُئي. هڪڙا روايت جا حامي، ۽ ٻيا تخليق جي نون لاڙن تي ڌيان ڏيڻ جي حق ۾ هُئا. هڪڙن وٽ اِها ئي ساڳي روايت آهي ته ٻين وٽ جدت پسندي. هڪڙا چون ٿا ته شاعريءَ ۾ فن جي ڪا به اهميت ڪانهي. ٻيا چون ٿا ته دُنيا جو ڪو به آرٽ فن کانسواءِ مڪمل ڪونهي. هڪڙا چون ٿا ته اِها شاعري ئي حب الوطني ۽ قومپرستي آهي، جنهن ۾ لفظ سنڌ جو جام استعمال هُجي. ٻيا چون ٿا ته سنڌ جي نالي وٺڻ کان سواءِ به سنڌ محسوس ڪرائي سگهجي ٿي. هڪڙا چون ٿا ته شاعري رُڳو پنهنجي وطن جي محاڪاتن ۾ ئي سُونهي ٿي، ٻيا چون ٿا ته شاعر ڪائناتي ٿيندا آهن. ڪٿان جي به ڳالهه ڪري سگهن ٿا. هڪڙا چون ٿا ته سنڌي شاعري دم خم ختم ڪري چُڪي آهي ٻيا چون ٿا ته پئي کڻي پساهه پسڻ ڪارڻ پرين جي. هڪڙا چون ٿا شاعري اها جيڪا سمجهه ۾ اچي، تاڙيون وڄن ۽ ياد ٿي وڃي، ٻيا چون ٿا ته شاعري اها جيڪا معنيٰ جا در بند رکي سوچڻ تي مجبور ڪري. هڪڙا چون ٿا ته رومانس اسان جو اسڪول آف ٿاٽ آهي. ٻيا چون ٿا ته اسين فلسفي جي مدرسي جا شاگرد آهيون، جتي رومانس سميت هزارين شاگرد به اسان سان گڏ پڙهي رهيا آهن. ان سڄي وايو منڊل ۾ هڪ نئون بحث به سنڌي شاعريءَ جو نصيب بڻيو، نئين ڪويتا جا چوٻول اُٿيا، هڪ نئين گُهر جو اضافو ٿيو. مون جهڙن نون شاعرن به انهي نئين لهر ۾ پاڻ کي ترندي محسوس ڪيو ته امر ساهڙ جهڙا سگهارا ۽ تجربيڪار شاعر به نئين ڪويتا کي اظهار جو سئولو گس سمجهي ان ۾ لکي رهيا آهن.
”ظرف ۽ ضمير“ نئين ڪويتا ۾ امر ساهڙ جو اهڙو نظم آهي جنهن جي بنياد تي امر ساهڙ کي شاعريءَ جو آبادگار چئي سگهجي ٿو. ”اوهين سڀ آڱوٺي ڇاپ آهيو“ هِن نظم تي ڳالهائڻ کان بهتر آهي ته اُنهي نظم جون چند سٽون ورجائي امر ساهڙ جي تجربن مان سکجي ۽ مزو وٺجي.
دنيا جو هر ماڻهو مون کي سُڃاڻي ٿو،
پوءِ اِهو پڙهيل هُجي يا اڻپڙهيل،
آئون آڱوٺي جي نالي سان سُڃاتو وڃان ٿو،
ته ٺُٺيو به مون کي ئي چوندا آهن،
آئون هر فرد جي هٿن پيرن ۾ هڪيو آهيان.
سواءِ اُنهن جي، جيڪي ٺُونٺا آهن،
آئون انساني جسم جو هڪ اهم عضوو آهيان،
(جنهن کي دنيا جو هر ٻار ڌائي سگهي ٿو)
اڳي اڻپڙهيلن کي آڱوٺي ڇاپ چئي،
مُنهنجي عزتِ نفس مجروح ڪئي ويندي هُئي،
مُنهنجو نالو اُن وقت بدنام ٿيو هو،
جڏهن آڱوٺي ڇاپ ”ماستر“ ڀرتي ٿيا هئا،
اوهان جي سموري بايو ڊيٽا،
فقط هڪ آڱوٺي جو خرچ آهي،
يعني اوهان جي اوقات هڪ آڱوٺو آهي،
ته پوءِ اِهو تسليم ڪرڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي؟
ته اوهين سڀ آڱوٺي ڇاپ آهيو..!

روحل ڪالرو
ٽنڊوالهيار- سنڌ