ٻيهر ڪوئي ٻار نه ڄڻجان...!!
دنيا جو ڪيئن ڌيان ڇڪايان؟
آءٌ مُسافر پنڇيءَ وانگي،
جنهن جو ڪو به ٺڪاڻو ڪونهي،
مُنهنجو ڪهڙو تعارف ماتا!
مُنهنجي ڪا به سُڃاڻپ ڪانهي،
آءٌ مِٽيءَ جو رانديڪو هان،
واريءَ تي ڄڻ ليڪو آهيان،
جيڪو واءُ مِٽائي ويندو،
مون وٽ پيلي پينٽ ڪٿي آ؟
مون وٽ سائي شرٽ به ناهي،
مُنهنجا پير اُگهاڙا آهن،
مون وٽ ڪوئي بوٽ به ڪونهي،
جنهن ۾ ڪو جوراب هُجي ها،
صحرا ڪوئي سمنڊ به ڪونهي،
جنهن ۾ ڪو غوراب هُجي ها،
جيڪو مون کي پار اُڪاري،
آيل! آءٌ اڪيلو آهيان،
ٻَرندڙ ڪوئي ٻيلو آهيان،
جنهن جي آڳ اُجهائڻ خاطر،
صحرا ۾ ته سُتي ڀي ناهي،
ڌرتيءَ تي ڪو راڄ ته ڇا پر،
مون وٽ پنهنجو پَڊُ به ڪونهي،
جنهن تي ڪوئي جهوپو اڏجي،
جنهن مان ڪونه ڪڏهن ڀي لڏجي،
مون کي لوڪ تڙي ٿو تڙ تان،
’’ڀَڄ پري ٿي ٿوري ٿريا!
تون ۾ آهي ڍپ اڌوتا!
پٽيا! تون ته پليتُ به آهين‘‘
مسجد مون تي ممنوع آهي،
مندر ۾ به اجازت ڪونهي،
مون سان ڪا به رعايت ڪونهي،
دانگيءَ تي ڪو نانءُ به ڪونهي،
نانءُ ته ڇا پر ٿانءُ به ڪونهي،
جنهن ۾ پاڻيءَ لپَ پيئان مان،
اِيئن ٻُڌائي ڪيئن جيئان مان؟
اَڪَ پُڙي ۾ اَڇَ پنان ٿو،
ڳڻتين جا ڄڻ ڳچَ ڳنان ٿو،
ليڪن مون لئه مُقدس آهي،
تنهنجي هَنجَ حياتيءَ جهڙي،
جنهن جي ٿڃ سُڪي وئي ماتا!
تُنهنجي ڪو نه ٻُڌي ڪنهن داتا،
آيل! ساهه اُڌارا آڻي،
وينٽي ليٽر تي نه تڳائي،
مون کي دل سان موڪل ڏي تون،
آئون هلان ٿو هاڻ هِتان کان،
وچن وٺان ٿو هڪڙو توکان،
ٻيهر ڪوئي ٻار نه ڄڻجان،
غربت جهڙي گار نه ڄڻجان،
توکي ڪوئي حاتم طائي،
هڪڙو سير اٽي جو ڏيئي،
اوڇا ويڻ اُگهاڙا ڏيندو،
پنهنجي تون تذليل ڪرائي،
ڌرتيءَ جيڏو درد پِرائي،
هيئن تماشو ڪيسين ٿيندين،
زندهه لاشو ڪيسين ٿيندين!!؟