شاعري

صحرا مون ۾ ساھہ کڻي ٿو

’’صحرا مون ۾ ساهه کڻي ٿو‘‘ جديد سنڌي شاعريءَ جي رنگن جي عڪاسي ڪندڙ اهڙو مجموعو آهي، جنهن جي فڪر تي ڪنهن جي ڇاپ ناهي بلڪه امر ساهڙ جي ٻوليءَ جي ٻه رنگي ڍنگ سبب منفرد اسلوب طور ڏسجي ٿو. هُو گهٽ لکيو پر سٺو لکيو جي پيروي ڪندڙ شاعر آهي، جنهن جي هر هڪ تخليقَ پنهنجي جوهر ۾ سگهاري ۽ وڻندڙ آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5489
  • 1082
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • امر ساھڙ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book صحرا مون ۾ ساھہ کڻي ٿو

تو ۾ مهڪ مٽيءَ جي مُرڪي

تنهنجيءَ ماڙيءَ تي تاڙيءَ مان،
جنهن ڀي سُرڪ سَوائي پيتي،
تنهن جو نينهنُ نيارو توسان،
انگل توسان، آرو توسان،
گهنگهور گهٽائن کان گهرو،
ساٿ سَجيلو سارو توسان،
توسان موکيءَ مَٽ سمورا،
حُسناڪين جا هَٽ سمورا،
وکر وڪامي تو وٽ تازو،
فِڪر فسانا هَڪيا تو وٽ،
نسل نئين جا تڪيا تو وٽ،
هڪڙو دؤر حَوالي توسان،
متقي مست جلالي توسان،
جوڳي توسان، سامي توسان،
هَڙئي شاعر حامي توسان،
ماڻهو، ماڻهو مُتفق توسان،
مُند به توتي مشفق آهي،
رُت جي توسان ريسَ نه ڪائي،
فطرت وٽ ڪو ڦير نه تولئه،
ڪا به مَدي ۽ مير نه تولئه،
جـﮬـوني شهر جهمپير مٿان هُو،
جهُور کجيءَ مان جهاتي پائي،
چيٽي چنڊ به توکي چاهي،
تارا تُنهنجي تعارف وانگر،
اُڀَ سڄي ۾ آويزان هِن،
سڀ ستارا ساکي تنهنجا،
رِند متارا راکي تنهنجا،
جهَوڪ جتائي ياري توسان،
سوچ اُنهي جي ڀاري توسان،
صُوفي مَسلڪ سارا توسان،
اناالحق جا نعرا توسان،
سَرمد جهڙي سنڌ سموري،
ڳوٺ اڀيچند جهڙو تنهنجو،
رڻ سان تنهنجو رشتو ناتو،
صحرا تنهنجو سنگتي آهي،
دريا جو ڌرميلو توسان،
سمنڊ پُراڻو ساٿي تنهنجو،
بلڪِ گهر جو ڀاتي تنهنجو،
سنڌوءَ جون سڀ لهرون توسان،
ويرون توسان، ڇوليون توسان،
لاهيارين جون لوليون توسان،
ٻاٻيهن جون ٻوليون توسان،
ديواليون ۽ هوليون توسان،
سڀئي لوڪ پروليون توسان،
نوري ڄام تماچي توسان،
رني ڪوٽ ڪلاچي توسان،
ڀُونءِ سموري ڀيڙي توسان،
پيار جي پوکي کيڙي توسان،
سَنَ مان جيڪا سوچ ڦٽي آ،
اُن جي چُونڊي ميڙي توسان،
توسان تعلق ڄام ندي جو،
رُوپا ماڙي ڪوٽ وڳهه جو،
شهر بٺورو ڀيڙو توسان،
اُن جو هر هڪ ڇيڙو توسان،
مڪلي توسان، منڇر توسان،
عشق ٺٽي جو انڇر توسان،
راهُوڪي ڀي راضي توسان،
موئِن دڙي جو ماضي توسان،
ماڃر تنهنجي ماتر ڀُومي،
ڀاءُ بديڻو ڀانئي توکي،
لاڙ گلي سان لائي توکي،
بڙ جو ڍورو ڀيڻي تنهنجي،
ونگو پتڻ ويڻي تنهنجي،
ٿر سڄي تي ٿورو تنهنجو،
هانسيسر کي هورو تنهنجو،
ميهڙ توڻي مورو تنهنجو،
ڏيهه جهونگاري ڏورو تنهنجو،
وڻ، وڻ تنهنجي وائي آهي،
ڀيڙو شاهه ڀٽائي آهي،
سچل جي سرمستي توسان،
رُوميءَ وارو رقص به توسان،
سيوهاڻي هر شخص به توسان،
مستومست قلندر توسان،
مسجد توسان، مندر توسان،
ڪوبه مذهبي متڀيد نه تو وٽ،
کر سان ڪوئي کيڌ نه تو وٽ،
تو وٽ نوڙت ناسي ڪپڙا،
پائي پاڻ پسائي پئي ٿي،
مُحبت مينهن وَسائي پئي ٿي،
جنهن ۾ وهنجي وار سُڪائن،
ڍوري جا سڀ ڊُوها کٻڙ،
امراڻي جا اڙٻنگ ماڻهو،
ننگراڻي جا ناسي ڏونگر،
تنهنجا ڌوڙي ڀيچي آهن،
روحل واءَ رچايون آهن،
ڪيئي مچ ڪچهريون توسان،
کرڙي توسان، کاهُڙ توسان،
وسنديون، ويڙها واهُڙ توسان،
تو ۾ مَهڪ مٽيءَ جي مُرڪي،
ساري سِرشٽيءَ جي مُرڪي،
واءُ ڏکڻ جو واقف تنهنجو،
سارو ڏيهه سُڃاڻي توکي،
تانگهه وطن جي تاڻي توکي،
مُحبت ويئي ماڻي توکي،
موت ڪندو ڇا هاڻي توکي؟!




(سنڌ جو ناميارو ڪهاڻيڪار اديب ۽ محبتي ماڻهو مُحترم سائين رسول بخش درس ڪجهه عرصو اڳم سخت علالت جي حالت ۾ اسپتال داخل ٿيو هو اُن وقت نظم جي صورت ۾ کيس پيش ڪيل خراج تحسين)