مُقي سان ڳوٺ جو منظر
حياتي ڄڻ ته موٽي هُئي،
مٿي کي ميٽَ سان ڌوئي،
ڪئي هر چيز چوٽي هُئي،
پرهه جي مک تان پوتي،
هِٽائي سج پي هوريان،
ڀنل هِن ڀونءَ ڀوريءَ تي،
ڪجل جي ريک جيئن قطرو،
ڪِريو ٿي ماڪ جو ڪوئي،
صُبحءَ جي سُرخ چولي تي،
ڀَريو ٿي ڀرت جان فطرت،
مُقي سان ڳوٺ جو منظر،
نِمن جي اوٽ مان نڪتو،
نظارو نينهَن جو نيرو،
اڱڻ تي اوٽليءَ ڀرسان،
ولوڙيو کير هُن ويٺي،
مَنهين تي مورَ ها ويٺل،
ڳليءَ ۾ ڳئون پي ڌاتي،
پراڻيءَ پار جي پَريان،
رڙهيا پي ريٽ تي جيڪي،
مَزي سان مينهَن – ماماڻا،
اُنهن جي ريشمي بُت کي،
ڇُهڻ لئه ڇيڳرا ڪيئي،
گِهٽيءَ ۾ ٻار پي ڪُڏيا،
مَليو پي هُن اٽو هٿ سان،
ڪلهي تي وار پي ڪُڏيا،
اُنهيءَ جي ئي ادائن ڏي،
نِهاري نازبو مُرڪيو،
هوا لوڏيو هندورو پي،
جتي هڪ ٻار پي مُرڪيو،
کنگهيو پي کٽ تي جهُونو،
ڪُراڙيءَ ڪنڌ پي ڌُوڻيو،
مَٿن ڄمار پي مرُڪيو،
کڻي رنگين رلڪي ۾،
کٿيري کاڄ آئي هُئي،
ڪري حيران هلڻيءَ سان،
سمورو راڄُ آئي هُئي،
ٻنيءَ ۾ ٻانهن کي لوڏي،
پُڳي جو هارياڻي هُئي،
پڄائي اوڙ ڇيڙي تي،
ڪنڊيءَ جي ڇانوَ ۾ ڇوڙي،
اڳئين جو اُٺ کي هاريءَ،
دُکائي پَن جي ٻيڙي،
ڏِٺائين اک ڏيڍيءَ سان،
وَني وڻ هيٺ ويٺل هُئي،
رکي جنهن گج گوڏي تي،
ڀَريو ويٺي ڀٽائي کي،
ڏئي اُن ڏند جي هيٺان،
ڇني هڪ تند ڌاڳي جي،
وَٽي، ويڙهي، وڌي سُئي جي،
بنههَ باريڪ پَاکي ۾،
ڏسي اُن ڏيک دلبر کي،
صفا هُو شخص پي ٺريو،
مٿان آڪاس اُجري تي،
سَمو پي سانورو تريو،
ڇڊو ڪو ڇانورو تريو،
وِچئين جي ويل ٿيندي ئي،
وري هُوءَ وانڍ ڏي واپس،
ڏٺائين واٽ تي ڏاچي،
ولر کان ڌار پي وڙڪي،
چَڙي جي لار سان ڀيڙي،
ڌنيءَ جي دل پي ڌڙڪي،
اچانڪ ڏُور ڪنهن ڏِس کان،
سُئي هُن سينڍ ۾ جيڪا،
ڌنارن ڌُن هُئي ڇيڙي،
وڃي ٿورو وري پريان،
مُڙي هُن جي نِهاريو هو،
وجهي ڄڻ وقت کي ڏانوڻ،
زمانو هُن بيهاريو هو،
وري ورهانڊ جي ٽاڻي،
وريو پي ڌڻ واهڻ ڏي،
ڀٽن تان شام جا پاڇا،
پيا ها پاڻ ئي تِرڪي،
لَڪن تان سج پي لڙيو،
رَتا نوان رنگ سڀ اوتي،
تڳوسر جي ترائيءَ تي،
اڪيلو هرڻ هو آيل،
اُنهي جو عڪس پاڻيءَ تي،
مَٿي کان تار پاڻيءَ تي،
الائي ڪير آئي هُئي،
لِڪائي پير آئي هُئي،
سڄڻ جي سيمَ تي تنها،
مسافر قافلي مان ڪنهن،
وڄائي بانسري ويٺي،
نديءَ تي نينگريءَ ڀرسان،
نچيو پي مور ڪو نيلو،
پکي آڪاس ۾ پيلو،
ڀڄي ويو باز کان ڀڙڪي،
وڻيو ٿي واهه جو مَنوا!
حياتيِءَ لئه اِهو حيلو.