چُميءَ جي بي حُرمتي
۽ اکين جي تارڙي هُئين،
راند رُوند سان رابطو هُيئي،
وڻ وڻ سان واسطو هُيئي،
گُلن سان هُيئي گهرائپ گهڻي،
نِمَ جي لام ۾ لُڏندي هُئين،
هڪ ٽنگ تي ڪُڏندي هُئين،
ڄڻ اُڀَ ۾ اُڏندي هُئين،
جي ٿورڙو ٿڪجي ٿي پَئين،
ته واريءَ تي وِڇاڻ ڪري،
ريگزارن سان رِهاڻ ڪري،
مون سان گڏجي مِٽيءَ منجهان،
گُڏين جا گهر جوڙيندي هُئين،
۽ مَٽڪُو راند رَمندي هُئين،
جي چَلهر ۾ چُڪتو ڪوڏيون،
مون هٿان هارائيندي هُئين،
ته ٺڪر سڀ ٺامَ جهڙا،
بلورن سان ڀَڃندي هُئين،
پاڻ کي پروليءَ وانگر،
کِل، ڀوڳ ۾ کولي ڇڏيئي،
راز افشان ڪري رولي ڇڏيئي،
اُڀ-کُڙيين اڱڻ تي بيهي،
اڌ رات جو آرس ڀڱئي،
جهُڳا سڀ جَهڻ ڪَيئي،
ڇُڳا سڀ ڇاڻي ڇڏيئي،
خيرپُور جي کجين جا،
ڊگها وڻ ڍيري ڪيئي،
ڪَچي ڪچنار جي ڪنهن،
ٽارِڙي جيئن ٽڙڪي پَئين،
ڄڻ ته ڪا ڄارِڙيءَ هُئين،
پيلوءُ جيئن پچڻ کان اڳ ئي،
اچناڪ تون وڏي ٿِي وئين،
تُنهنجي تراکڙي ڇاتي مٿان،
قلندر جي قُبي جهڙا،
ٻه اڇا ڪبوتر اچي ويٺا،
اُن کان اڳ جو، سندءِ جواني،
اَسوءَ جيئن اوهيرا ڪري،
مُنهنجي وجود جي وڻ مٿان،
ولين وانگر ويڙهجي وڃي،
تو کي جوان ٿيڻ جي جُرم ۾،
مون کان ائين الڳ ڪيو ويو،
جيئن پيدائش وقت ٻار کي،
ماءَ جي ناڙيءَ مان ڪٽي،
الڳ ڪيو ويندو آهي،
جواني جُدائي جو ڪارڻ بڻي،
ٻَرندڙ ٻيلي جو ٻارڻ بڻي،
اُهي ڏينهن، اَڄوڻا ڏينهن،
مون وري نه مَٽڪو راند رمي،
۽ نه ئي گُڏين جا گهر جوڙيا،
لائق ٿيڻ کان اڳ، لوڪ کان لِڪي،
تون مون کي جيڪا مِٺي ڏِني هُئي،
اُها مون مور جي کنڀَ وانگر،
شاهه جي رسالي ۾ رکي ڇڏي،
اڳياني ڪتابن تان دز ڇنڊيندي،
اُها الاهي ڪٿي گُم ٿي ويئي،
مون ڏاڍي ڳولا ڪئي،
جسم جي جَهڙتي ورتي،
بدن جون بَخاريون ڏٺيون،
پُراڻيون پاٿاريون ڏِٺيون،
گهر جو هر گُلدان جانچيو،
در، دريون دلان جانچيو،
ڪمري جون چارئي ڪُنڊون،
ڪتابن جا ڪٻٺ، الماريون،
۽ نِمن جون ٽاريون نِهاريون،
پاڙي وارن کان پُڇا ڪئي،
گِهٽيءَ گِهٽيءَ ۾ پڙهو گُهمايو،
ڌراڙن، وَڇارن کي وڙول ڏني،
اخبارن ۾ اشتهار ڇپرايا،
پر ڪٿان به ڪو پتو ڪو نه پيو،
نيٺ نا اُميد ٿي مون،
تُنهنجي چُميءَ جو تڏو وِڇايو،
۽ اڄ اوچتو هڪ خط مِليو،
جنهن کي کولي پڙهڻ کانپوءِ،
مُنهنجي حيرانگيءَ جي حد نه رهي،
تُنهنجي چُميِءَ تحرير ڪيو آهي،
ته “آئون عاقل ۽ بالغ آهيان،
مُنهنجا هڙئي حواس سالم آهن،
آئون بُري، ڀلي جي،
تميز ڪري سگهان ٿي،
مون کي نه ڪنهن وَرغلايو آهي،
۽ نه ئي ڪنهن ڀڄايو آهي،
آئون پنهنجي رضاخوشيءَ سان،
ڪتابن جي قبرستان مان نڪري،
ڳڱاٽيل ڳڀروئن جي ڳلن مٿان،
ڀونئر وانگر ڀري رهي آهيان،
هڪ ڳل کان ٻئي ڳل تائين،
ٺينڳ ٽپا ڏيئي رهي آهيان،
مون کي مُنهنجي آوارگي عزيز آهي،
اُن ڪري مون پنهنجا هڙئي حق واسطا،
پاڻ وٽ محفوظ رکيا آهن،
ته جيئن منهنجي مرضي کانسواءِ،
ڪو به ڪُراڙو شخص،
مُنهنجي چُميءَ جي بيحُرمتي ڪري،
پنهنجن چِکڙيون لٿل چپن تي،
ڳَر بنا ڳريل ڳلن جي ٽائيم لائين تي،
ٽئگ ڪري نه سگهي.‘‘