امر جي شاعري ۾ آزاد فضائن جهڙيون محبتون جَرڪن ٿيون
امر ساهڙ جي شاعري ۾ نه رڳو آزاد فضائن جهڙيون محبتون ساجهر جو سُهائو بڻجي جَرڪن ٿيون. پر هن نامياري قلم ڌڻي وٽ سنڌ ساڃاهه جو به سچو ويچار ۽ وکر سرس سانڍيل آهي. ان ڏس ۾ هي سنڌ ڌرتيءَ جي مسئلن ۽ دردن جو نه رڳو هوبهو عڪس ڏيکاري ٿو. پر مارو ماڻهن جي حالتن ۽ حقيقتن جو سچو ترجمان بڻجي وڃي ٿو. مون وٽ نياءُ واري نِهار اها ليکبي ته پنهنجو درد اورڻ روايتي طرح ته هرڪو ڄاڻي ٿو پر هڪ شاعر جي قومي سڃاڻپ طور پرک تڏهن ممڪن ٿئي ٿي، جڏهن هو قومي وجود، تهذيبي، تاريخي ۽ زميني حالتن پٽاندر نه صرف ديس ۽ ڌرتي وارن جي نمائندگي ڪري پر پوري ريت وارثي ڪرڻ جو فرض به نباهي. اِن ڪٿ تي پڻ امر جي ڏات امرتا ماڻيندي نظر اچي ٿي. امر ساهڙ هڪ پُختي ارادي وارو پُرعزم شاعر آهي. جنهن وٽ اُمنگ ۽ اُڌمو، ٻولي ۽ خيال جو اڻکُٽ خزانو آهي. وٽس سگهاري ڏات ۽ ڏانءُ جو سڦل ميلاپ، سهڻي جوڙ جڪ جو حَسين هُنر سادگيءَ جي سُونهن ۾ سمايل نظر اچي ٿو. جنهن آڌار سندس هي ڪتاب ادب ۾ اوَس اوچي پَد تي ليکيو ويندو.
مريم مجيدي
28 اپريل 2016