صحرا مون ۾ ساهه کڻي ٿو
ڄڻ ڪا چيخ پُڇي ٿي توکان،
وقت گهُري ٿو وَرندي ڏي تون،
ريت ڪُڌيءَ جي رکشا خاطر،
ڏيههَ نيڪالي ڏيئي مون کي،
هاڻ اجائي هام هڻين ٿو،
پنهنجي شانَ وڏائيءَ واري،
ڳوٺ سَڄي ۾ ڳالهه ڳڻين ٿو،
ليڪن جيءَ ۾ جهاتي پائي،
پنهنجو پوتا - ميل ڪري ڏس!
ڪيڏو اتياچار ڪيو تو؟
هڪڙيءَ اَٻلا ڌيءَ ڪُنواريءَ،
گهر ۾ ويهي عُمر گنوائي،
جنهن جا ويٺي وار اڇا ٿيا،
ٻئيءَ جا ڪهڙا ڪَم ڪچا ٿيا؟
جو بيدرديءَ سان کيس کنڀي،
اڙگي پار اُڪاري آئين،
ڄڻ ڪو بار اُتاري آئين،
گُونگيءَ گانءِ جهڙي ڏِڪري،
جنهن جي مَن مندر ۾ ويهي،
وينا ڪنهن نه وڄائي ڪڏهين،
جنهن کي ڏيههَ سڄي ۾ ڏيهي،
جيسُ نه ڪوئي جُڙيو جيڪو،
تِلڪ لڳائي، سينڌ سَجائي،
مُرڪي جنهن جي مانگ ڀَري ها،
مينهن - وساڙن جهڙا تنهن جا،
ٻاروتڻ جا خواب سُهانا،
ڦُٽري ڦُوهه جواني ان جي،
هڪڙي تُنهنجي حُڪم اُجاڙي،
ڪڙڪي ڄڻ ڪا تيز ڪُهاڙي،
ڌرتيءَ کان هڪ ڌيءَ جُدا ٿي،
هيءَ قيامت ڪيئن خُدا ٿي؟
سُڏڪا سُڏڪا سنڌ سڄي ٿي،
عرش ڪنايون اوڇينگارون،
فرش فضائون، سوڳ صدائون،
وڻ، وڻ وِڄکيو وقت وِداعُ جي،
فطرت ڦُونڌا، ڦونڌا ٿي پئي،
توکي پر ڪو ترس نه آيو؟؟!
جڳر سڄي جي جذبن توڻي،
ارمانن جو اپمان ڪري،
ٿانيڪو ٿي ويٺو آهين،
پنهنجي ڌيءَ پتاشي جهڙي،
ٿر مان ٿوهر جيئن ٿَڏاري،
چؤنريءَ بدران چکيا چاڙهي،
اُن جي هر هڪ آشا آئين،
گنگا جل ۾ غوطا ڏيئي،
لوڙهي ڄڻ ڪي لاشا آئين،
ڪاري پاڻيءَ کان به ڪڙي تون،
سخت سزا ڄڻ ڏيئي آئين،
تُنهنجي ليکي ڪَڇ ۾ آئون،
راجڪُماري راڻي آهيان،
توکي ڪهڙي ڪل پِتا جي!
آئون اڀاڳي ڪيئن جيئان ٿي،
پنهنجا ڳوڙها پاڻ پيئان ٿي،
سارو لوڪ سُمهي ٿو ليڪن!
آليءَ ڪاٺيءَ جيئن اڪيلي،
ساري رات سڙان ٿي آئون،
ساسُو مون تي شڪ ڪري ٿي،
ڪُرڪي ٿي ۽ ڪَڪَ ڪري ٿي،
ڏينهن ۾ ڏهه ڏيهه ڀيرا مون کي،
اوڇا ويڻ اُگهاڙا ڏي ٿِي،
مون مان ڪيئي مَٽَ ڀَري ٿي،
شيهي سان ڄڻ ڦَٽ ڀري ٿي،
جنهن جي پُٽ مَواليءَ مون کي،
سِگريٽن سان جسم سڄي تي،
ڪيئي ڀيرا ڏنڀَ ڏِنا هِن،
ڄڻ ڪنهن اُڏتي پنڇيءَ کي،
کُونڌي اُن جا کنڀَ ڏِنا هِن،
اُن کي ڪيئن پتي چانَ جيڪو،
اَملَ ٺري جو عادي آهي،
جنهن جي جهَرلو هوڏ-وڏائي،
ڄڻ ڪا وائي بادي آهي،
جنهن وٽ پنهنجو ٿاڪ نه ڪوئي،
هاڻ رهيو حُسناڪ نه ڪوئي،
اُن ئي گهر ۾ آئي آهيان،
جيڪو جَر جي فوٽي وانگر،
سگريٽ جي ٽوٽي وانگر،
ائش-ٽريءَ ۾ روز اُجهان ٿي،
تيليءَ وانگر طنز لڳي ٿي،
ٻيهر ڀڙڪي آئون ٻَران ٿي،
مون ۾ هڪڙو ديس دُلارو،
آئيني جيئن اُجرو آهي،
جنهن ۾ پاڻ پسان ٿي آئون،
نيڻ نديءَ جا مون ۾ مُرڪن،
ڀٽياڻيءَ جا ڀيدَ سمورا،
ڪجلاسر جي شام ڪُنواري،
سُرمي جيئن سَجي ٿي مون ۾،
مون ۾ سانگاهه ڍنڍ سدائين،
ڇُلڪي ٿي ۽ ڇوڙ ڪري ٿي،
راڻاسر جي تار ترائي،
مون ۾ تِڙڳي توڙ ڪري ٿي،
مون ۾ مور ڪلنگيءَ وارو،
روز نيارو رقص ڪري ٿو،
مون ۾ چارڻ چنگ وَڄائي،
مون ۾ مُرلي نانگ نچائي،
سانوڻ جا سڀ سانگ سَجائي،
مون ۾ ميران ٻائي جي ڄڻ،
سُرندي جا سڀ ساز وڄن ٿا،
رُوح رڙي ٿو راز وڄن ٿا،
مون ۾ مندر گِرجا گُونجن،
راڌا مون ۾ روز نچي ٿي،
گوپين جهڙا غم ۽ گوندر،
مون سان گڏجي مَٽڪُو ڪن ٿا،
سَڏونت جهڙي سِڪ سَمائي،
لاڳاپا ۽ لِڪ سَمائي،
واءُ تکيرا واهُوندي جا،
گهوڙن جيئن گهُمن ٿا مون ۾،
مون ۾ جهوري جهَڪ لڳي ٿي،
مون ۾ تؤڙي تيز ٿئي ٿي،
ڏينهن تندرون جيئن تپن ٿا،
راتيون مون ۾ روز ٺرن ٿيون،
مون ۾ پيلو روز پچن ٿا،
مون ۾ ڳاڙهي مَڪ ڇڻي ٿي،
مون ۾ ڪِرڙ ڪڪوريل ڪيئي،
مَروي وانگر موريل ڪيئي،
وليون واس وِرهائِن مون ۾،
گهانگهيٽيءَ جا گُل گهڻيرا،
اجرڪ جيئن اڇائِن مون ۾،
ٿوهر مون ۾ ٿڪ ڀڃن ٿا،
اڪ ڦُلاريل اک ڀڃن ٿا،
لِڪَ لِڪوٽي ڪن ٿا مون ۾،
سارڌڙي جا سارا منظر،
ننگراڻي جا ناسي ڏونگر،
گهرٽياري جا گهاٽ پُراڻا،
انچليسر جا اوسا، پاسا،
سڀئي سيمون سيڙها مون سان،
وارهاڙي ۾ ويڙها مون سان،
ڀٽ، ڀٽ مون سان ڀيڙي ڀٽڪي،
صحرا مون ۾ ساههُ کڻي ٿو،
حُب وطن جي مون ۾ هِڻڪي،
رتن سنگهه جي گهوڙيءَ وانگر،
رڻ ڪنڌيءَ تان روز اُڪاري،
مون کي سيما سار وطن جي،
ڪاش! هُجان ها ڪانگ ڪبوتر،
آزاديءَ سان اُڏري آئون،
ڏِيئاريءَ جي ڏينهن اچان ها،
ٽَيج سِرامڻ سکين سان گڏ،
پينگهه لُڏان ۽ ڪوڏ ڪُڏان ها،
گؤواڙي جا گس گهُمان ها،
جهولَ جُئان ۽ ڏهر ڏسان ها،
پاڻيارين جا پير پَسان ها،
کوهه پُراڻو، سيرڻ ساڳي،
هُرٻو توڻي هيرڻ ساڳي،
ڏيکي ڪيئي ڏينهن لنگهي ويا،
هاءِ الائي ڪيئن لنگهي ويا؟
امراڻي جي اڙٻنگ جهڙو،
هُو جي اوُچو ڏونگر آهي،
اُن جي اوٽ اجهو ٿي ڀانيان،
جنهن جي جهوليءَ منجهه جُڳن کان،
ڪوئي ڪيسوٻاءَ رهيو ٿي،
ٻَلوتَ جهڙي ٻَلئي کي جنهن،
لٺ سان لوڌي ڪڍيو ٿر مان،
غيرن جي هِن گهاڻي - گهر مان،
هوليءَ رات هَوائن ڀيڙي،
هڪڙي ياد اچي ٿي اڪثر،
ويساکيءَ جي ويل اَچي ٿي،
راجا واري ريل اچي ٿي،
ماضيءَ جو هڪ منظر کڻيو،
ڳاراڻا ۽ ڳڻتيون ڳڻيو،
اکڙيون ڀرجي اينديون آهن،
مُقدر جا هي کيل تماشا،
ليک لکي جا آهن ليڪن،
پنهنجي ڪوڙي انا خاطر،
ڌيءَ سڳيءَ کي دوکو ڏيئي،
پٿر جي دل ڌاري آئين،
مون کي جيئري ماري آئين،
ها پر بازي هاري آئين،
ها پر بازي هاري آئين!!
(ٿر جي هر اُنهي نياڻيءَ جي درد ڪٿا، جيڪا پنهنجي پَريوار جي ريتن، رسمن جو ٻارڻ بڻجي پَرائي ڏيهه پَرڻجي وڃي ٿي).