’’صحرا مون ۾ ساهه کڻي ٿو‘‘ جديد سنڌي شاعريءَ جي رنگن جي عڪاسي ڪندڙ اهڙو مجموعو آهي، جنهن جي فڪر تي ڪنهن جي ڇاپ ناهي بلڪه امر ساهڙ جي ٻوليءَ جي ٻه رنگي ڍنگ سبب منفرد اسلوب طور ڏسجي ٿو. هُو گهٽ لکيو پر سٺو لکيو جي پيروي ڪندڙ شاعر آهي، جنهن جي هر هڪ تخليقَ پنهنجي جوهر ۾ سگهاري ۽ وڻندڙ آهي.
جيڪڏهن انسان پَرتوو الاهي آهي ته يقينن شاعري انسان جو پرتوو آهي. اهڙي شاعري، جيڪا ضمير ۽ شعور جي لڪيل جُزيرن جي سياحت جو ڪشٽ ئي نٿي کڻي، پر سماجي ۽ خارجي مسئلن جي سهي تفهيم ڪري اعليٰ اظهاريت جو حقيقي منصب به ماڻي ٿي، ۽ مُنهنجي يار امر ساهڙ جي شاعري نه رُڳو اُنهي پرک تي پوري لهي ٿي، پر اُن ۾ جيڪو احساساتي وهڪرو ۽ رومانوي عڪس آهن، اُهي پڙهندڙ کي هڪ اهڙي جهان سان آشنا ڪرائين ٿا، جتي هُو خود کي اُنهي شاعريءَ ۾ پسي سگهي ٿو. امر جي شاعريءَ ۾ جيڪا بي ساختگي آهي، اُها سندس دل جي پاتال مان نڪري نروار ٿي آهي. تڏهن ته اندر جو ڪرب اهڙا استعارا ۽ تشبيهون کڻي ظاهر ٿئي ٿو، جو سندس تخليقي جوهر تي پيار ٿو اچي. امر مون کي ڪٿي به ابهام جو شڪار نظر نٿو اچي، ڇو ته سندس اندر جي اُڇل اُنهي آرٽ کي پاڻ ۾ سمائي ٿي ڇڏي، جيڪا فن ۽ فڪر کي به پاڻ سان گڏ کڻي هلي ٿي ته ادراڪ جي ڪيترن پيچيدهه مُونجهارن کي به سُلجهائي ٿي، تڏهن ته سندس وجدان اهي حدون به پار ڪري ٿو، جيڪي روايت پرست شاعرن مقرر ڪيون آهن. هِن نه رڳو روائتي موضوعن کان ئي بغاوت ناهي ڪئي، پر پنهنجا نوان شاعراڻا تجربا به اسان اڳيان پيش ڪيا آهن. ۽ اُنهن جي ادبي ڪارج کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي. ٿر، جيڪو پنهنجي پُوري حسناڪي سان به امر جي شاعريءَ ۾ نظر ٿو اچي ته گڏ هُو ٿر جو سمورو ڪرب ۽ درد به اسان کي محسوس ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. سندس تخليق ۾ اُها سگهه به آهي، جو روح جي گهراين ۾ به لهي ٿي وڃي. فرد جي لاشعور جي به ترجمان ٿيو پوي. مُنهنجي امر لاءِ بس اها ئي دعا آهي ته خدا سندس شاعريءَ کي اُٻهرن ۽ مٿاڇرن نقادن کان محفوظ رکي.