نيڻ جيڪي نَشائي هُيا
پاڻ لئه پارسائي هُيا.
ڳل-ڳراٺي، چُمي چاهه مان،
نينهن جي رُونمائي هُيا.
ڏات مون تي وَئي وار جي،
ديس جا درد داعِي هُيا.
سڀ نظارا، نِگاهُون نشا،
خوبصورت خُدائي هُيا.
سُونهَن تنهنجيءَ سندا سوجهرا،
رُوح لئه روشنائي هُيا.
ڏينهن ڪوئِل سنديءَ ڪُوڪَ جا،
باغ جي بادشاهِي هُيا.
عشق! تنهنجي عِنايت هُئي،
سُور مون وٽ سَوائي هُيا.
قؤل تي جي نه قائم رهيا،
مرد ماڻهو، نه مائِي هُيا.
لاڙ ڪينجهر، ڪلاچي ڪَچو،
حَسنَ جا حال ڀائي هُيا.
درد جنهن ۾ نه هو ديس جو،
شعر سي ڌوڙ، ڇائِي هُيا.
ڀيلجي سڀ وسيلا ويا،
وطن جا چور واهي هُيا.
وار هُن جا وراڻي جيان،
نيڻ ڄڻ سندس وائِي هُيا.
سنڌ جي سانوڻِيءَ اَؤجَ جي،
گيت لاڙي گواهِي هُيا.
آجپي جا ڏِٺل خواب ئي،
عُمر جي ڪُل ڪمائِي هُيا.
تلخ تاريخ جا تجربا،
آزمائش اجائي هُيا.
ڪو زمين تي نشان ڪو نه هو،
حادثا ڄڻ هوائي هُيا.
سامراجي پَٺو سنڌ سان،
توڙ تائين توائي هُيا.
ڌُوڙ ۾ دفن ٿي سڀ ويا،
فِيڪ فرمان روائي هُيا.