بيت
ڇورا! مون ڇانهين، پوکي تولئه پيار مان.
شفق سُرخي ڦهلائي، اُڀَ جي آڳُر تي،
ڄڻ ڪنهن ڪاڳر تي، هاري ڳاڙهي مَس وِڌي.
ٽِمڪيا پئي ٽيئي، ٽانڊاڻي جئين ٽيڙو،
کنڀ کنڊيڙي کيڙو، مورن ڪيا مينهَن ۾.
ڌيري ڌريا پير، چانڊوڪي لهرُن مٿان،
ڇولين ٻڌي ڇير، سُجاڳ ڪيو سَمُونڊ کي.
ڏِهرن ۾ ڏيئا، ٻاريا ٻانِهياريءَ پئي،
لڪن منجهه لِــيئا، وَنيءَ پَاتا وَرَ جي لئه.
ڪينجهر ۾ ڪنول، جوڀَن تُنهنجي جهڙِو،
گيڙو ويس غزل، گوري غالب جو.
چانڊوڪيءَ ۾ چيلهار، مَڌ پيئندي مون ڏِٺو،
ڳليون، وڻ ڳڱاٽيل، کِليو ڪَن کيڪار،
ڀاروءَ جي ڀليڪار، مُور نٿي مون کان وسري.
مُور نٿي مون کان وسري، راڻاسر جي رات،
ڏِيئا ڏيئا ڏات، جتي جاڳي ٿي پئي.
وڻجاري سان وڃي، ڪو ڪريان ڪاروبار،
ڀِڄان شال برسات ۾، ٻيليءَ سان ٻيهار،
وِڇوڙي ۾ وار، اديون! مون اَڇا ڪيا.
هُن کي حُسن پنهنجي تي، ايڏو هَٺُ، گُهمنڊُ،
ساري رات سمنڊ، ٻانهُون کيس ٻَڌندو رهيو.
o
مون ڏِٺو مِٺيءَ کي، بيٺي گڊيءَ ڀِٽَ تان،
هيٺ ڪنهن مندر مان، گُونجيا سُر گِٽار جا.
لڙي سُرمَئي سانجهه، مِٺيءَ جي ماٿاريءَ تي،
موهن ڇيڙي مانجهه، گڊيءَ سندي گود ۾.
مون کان مالڻهور، پُڇيا پار پکين جا،
خالي ڊُوهي کٻڙ جا آکيرا، اَجهورَ،
مينهوڳيءَ ۾ مور، سُڃي سَيم ڪري ويا.
ساري عُمر سيرڻ ۾، گُذري گوسيءَ جي،
نه شڪوا سرديءَ جي، نه گِلا اُس ڪوسيءَ جي،
ڏسي مُرڪ ڏوسيءَ جي، گُوندر ويس غائب ٿي.
هوليءَ رات حَسن، مليو مندر ٻاهِران،
ديدون اُنهيءَ دڳ تي، وَڏ-ڦڙي جيئن وَسن،
پُوڄارڻ ۾ پَسن، اکڙيون سندس عاشقي.
وَرت جيئن ويڙهي، ڀاڳيو رکي ڀُوڻَ تي،
مون کي تيئن ميڙي، مُحب وِهاريو من ۾.
ڌوٻي ڌوئي جيئن، لَٽا ڌوٻيءَ گِهاٽ تي،
مادر! مون کي ايئن، ڌوتو درد پرينءَ جي.
جوٽي جيئن ڪا جنڊ، اُٿي آڌيءَ رات جو،
آيَلَ! اِيئنَ اُڪنڊ، پيڙي پيار ڪندڙ کي.
ويڙهي وينڍ لاهُون، جيئن ڪا جتڻ نينگري،
اديون! اِيئن آئون، وِڇوڙين ويڙهي وتان.
o
سُگهڙ جيئن سِبي، ڪَٻري رلي ڪُتر مان،
جانِبَ اِيئن جڙي، ڇڏيو مُنهنجي جيءَ کي.
وينگي جا وڏيرو، وڍي ٽار ٽيئي ويو،
ڳُونڍ تي ڳيرو، سڄي رات روئندو رهيو.
آڌيءَ جو اوٺار، جهيڪيون اُٺين جهوڪَ تي،
سَرتيون! مون سنڀار، سُتي ساريا ساٿ جا.
جکرا! تنهنجيءَ جُوءِ ۾، هاڻ نه ڪوئي هَٽُ،
هاري ڏُور هَليو وَئين، موکي ڀَريل مَٽُ،
ڍوليا! تولئه ڍَٽُ، ڪارا ويس ڪيو وتي.
راڻاسَر تي رات، هَرڻي آئي هيجَ مان،
پيَسُ ڪا نه پَروُڙ ته، گيدي هڻندا گهات،
ڪانئر! تنهنجي ڪات، ڪيڏو قهر ڪري ڇڏيو..!
چؤنري مٿان چنڊ، بيٺو تڪي ڀُونءِ کي،
گُهوري وجِهي گُهنڊ، چيڙايو هُن چنڊ کي.
***
- ڀارو مل امراڻي سُريلو ليکڪ دوست.
- موهن ڀڳت: ٿر جو لوڪ راڳي.
- مالڻهور: سائين پريم شِواڻي ۽ پريم شِواڻي جو ڳوٺ.
- حَسن درس: سنڌ جو سرموڙ شاعر
- وينگو: ٿر جو ناياب وڻ
- ڍوليو: ٿر جو سماج سُڌارڪ سائين فقير مُقيم ڪنڀار.
o
اجهو اڄوڪي سنڌ جو، جهُونو شهر جهمپيرُ،
ڪينجهر کان به ڪُشادو، دِل جو درس فقير،
سدا جيءَ سو سفير، ماڻهوءَ جي مانِکي جو.
ماڻهوءَ جي مانِکي جو، جنهن وٽ وڏو دُڪان،
اهڙو عاليشان، ماڻهو ماڙيءَ تي مِلندو.
ماڻهو ماڙيءَ تي ملندو، ڏاهو ڏات ڌڻي،
ڳڻ جنهن جا ڳڻي، جڳ ٻُڌيا جهوڪ کي.
تاڙي سندس تڏي تي، پيتي جنهن پياڪ،
اُن کي ئي ادِراڪ، هوندو هر ڪنهن ڳالهه جو.
سِڪ، سُونهن، سادگي، سراپا سندس وجود،
تنهن مان ئي تازگي، مِلي مُحب وطنيءَ جي.
***
(رسول بخش درس جي نالي)
o
مومَل جي مَجاز جون، ڪاڪ ڪنڌيءَ ڪهاڻيون،
رُساما، رِهاڻيون، ماري وِجهَندَئي مينڌرا!
ماري وِجهَندَئي مينڌرا! مومَل جا ماڻا،
راز نياز راڻا! سنڀالڻ سَولا ڪونهي.
سنڀالڻ سَولا ڪونهي، پيار پَروڪا،
جهاتيون، جَهروڪا، هوت پَسي هَليو ويو.
هوت پَسي هليو ويو، ڪوجهيءَ، ڪميڻيءَ کي،
وِڌوا ويڻيءَ کي، ڪنگڻ سُونهي ڪو نه ڪو.
ڪنگڻ سُونهي ڪو نه ڪو، ساٿ بنا سَرتيون!
پاڙيچين کي پَرتيون، مون جي ڏنيون سيراهُون.
مون جي ڏنيون سيراهُون، ساجن سنگ سمهاري،
هنجون هاڻ هاري، ساريندو سي هُوندو.
ساريندو سي هوندو، گهاريل مون سان گهڙيون،
قُرب مان جي ڪڙيون، روحَ جي رليءَ تي مون.
رُوحَ جي رليءَ تي مون، ٽاڪِيا ڪيئي ٽنؤر،
ڀُلجي مون وٽ ڀَنؤر، آيا آڌيءَ رات جو.
آيا آڌيءَ رات جو، مون وٽ خواب – خيال،
پَسي پرينءَ جمال، ويئي وِهامي راتڙي.
ويئي وِهامي راتڙي، تڪيندي تارا، ڪتيون،
ڀَروسَي جون بَتيون، اڃان اُجهامن ڪين ٿيون.
اڃان اُجهامن ڪين ٿيون، مون جي ٻاريون ڏِياٽيون،
پيار سنديون پاٽيون، اَچ ته ڀَري ڏِيان اُڪير مان.
اَچُ ته ڀَري ڏِيان اُڪير مان، جهولي تون جُونجهار!
گيتن جي گُونجار، جيڏيون! شال جَهڪي نه ٿِئي.
جيڏيون! شال جهَڪي نه ٿِئَي، مُنهنجي تند-تنوار،
ٻيجل جي ٻيهار، تند ڪپيندي ڪنڌ ڪنهن جو؟
تند ڪپيندي ڪنڌ ڪنهن جو، هاڻ نه ڪوئي راءِ ڏياج،
ڏنو جنهن ڏاجُ، ڪوري ڪنڌ هٿن سان.
ڪوري ڪنڌ هٿن سان، ڏِنو جنهن ڏاتار،
ڀينر! اوُ ڀتار، هاڻ نه رهيو هِن ديس ۾.
هاڻ نه رهيو هِن ديس ۾، ڪو دُولهه دريا خان،
آيل! هِيءُ ارمان، ماري وجهندو مُٺيءَ کي.
ماري وجهندو مُٺيءَ کي، هيلوڪو هي ڏُڪار،
ساجَن! ڪر سُڪار، مينهنَ وسائي مُرڪ سندا.
مينهنَ وسائي مُرڪ سندا، وينگس وَڏ-ڦُڙي جيان،
ٿڌي آئون ٿِيان، اچين جي اوهيرا ڪري.
اچين جي اوهيرا ڪري، مُنهنجي ميري اڱڻ تي،
پرينءَ ساڻ پتڻ تي، اُجري آئون ٿي پَوان.
اُجري آئون ٿِي پَوان، اَڌُوتي اوڌار،
گندي هيءَ گُنهگار، ڍولڻ اچي ڍڪيندو.
ڍولڻ اچي ڍَڪيندو، مُنهنجا عَيب، ثواب،
جيڏيون! پوءِ جواب، ڏينديس ڏاڍ ڌڻيءَ کي.
ڏينديس ڏاڍ ڌڻيءَ کي، آڏي ڪاٺي آئون،
لهندِيس پو لائون، ڀينر! هِن ڀنڀورَ سان.
ڀينر! هِن ڀنڀورَ سان، مُنهنجو سڱ سِياپو،
جُوءِ بِنا جياپو، ڪوئي ڪيرت کان پُڇي.
ڪوئي ڪيرت کان پُڇي، وِڇوڙو وطن جو،
ڪپڙو ڄڻ ڪفن جو، ماڻهو پنهنجيءَ مِٽيءَ سِوا.
ماڻهو پنهنجي مِٽيءَ سِوا، بي پاڙي ول جيان،
هر ڪا هام مِيَان! ڀُونءِ بنا بيڪار آهي.
ڀُونءِ بِنا بيڪار آهي، آدَم! تُنهنجي اَنا،
فقيراڻي فنا، سُونهي ٿِي هر شخص کي.
سُونهي ٿِي هر شخص کي، هر ڪنهن اڳيان هٿ جوڙ،
مُرڪن سدا موڙ، شل نه مُرجهائجن سنڌ جا.
شل نه مُرجهائجن سنڌ جا، هِي باليشاهي ٻار،
اَچُ ته توکي پيار، اوتي ڏِيان اکين مان.
اوتي ڏِيان اکين مان، جَوانيءَ سندو جامُ،
توکي عُمر تمام، نشو نينهن جو نه لهي پو.
نشو نينهَن جو نه لهي پو، شال تُنهنجيءَ طلبَ مان،
ڪارايل قلبَ مان، ايندو آواز اُن جو رهي.
ايندو آواز اُن جو رهي، هستيءَ مان حق موجود،
واري هِيءَ وُجود، اَچُ ته بچايون اِنسان کي.
اَچُ ته بچايون اِنسان کي، ڏيئي ڏات ڀيٽا،
مايوس مُک ميٽا، آهن ڇو عوام جا؟
آهِن ڇو عوام جا؟ هيڻا حال سدائين،
پوءِ به پاڻ پَڏائين، سياسي پنڊت سنڌ جا!
سياسي پنڊت سنڌ جا، تنهنجو دينُ نه ايمان،
هر ماڻهو حيران، لڄي تُنهنجي لڇڻ ڪيو.
لڄي تُنهنجي لڇڻ ڪيو، سارو هي سنسار،
ڀنگ پياڪ ڀوتار! آهين ڄڻ اٽي تي چَٽي.
آهين ڄڻ اَٽي تي چَٽي، ويڪائو وڏيرا!
آڌيءَ جو اَويرا، ٿارا ٿاڪ تي ٿو ڪرين.
ٿارا ٿاڪ تي ٿو ڪرين، ڪنهن ويرَڻ وانگي،
پرين! هاڻ پان کي ماٺ سُونهي نٿي مُور.
ماٺ سوُنهي نٿي مُور، ڏاهي ڏات ڌڻيءَ کي،
طمعَ تمام گهڻيءَ کي، فِي الحال ڦِٽي ڪري ڪوي!
في الحال ڦِٽي ڪر ڪوي! هر ضرورت ذاتي،
پَدمڻي پرڀاتي، ايندئي آجپو کڻي.
ايندئي آجپو کڻي، ڪا تحريڪ تازي،
بشيرخان بازي، خُون ڏيئي کٽي ويو.
¬¬¬¬ٿوهر هيٺاڻ ٿَڪُ، ڀڱو ڀاڳئيي پَئي،
آڏو اُونڌيو لَڪُ، پيرَ ڀَرائي بيهي رهيو.
ٿوهر هيٺان ڍورَ، ويٺا آهن واٽ تي،
ماٿاريءَ تي مَور، ٽهوڪن ٽوليون ڪري.
ٿوهر هيٺان ٻارَ، رَمن ويٺا رانديون،
جوڀن مٿان جهارَ، هاريائڻي هڪلي پئي.
ٿوهر هيٺان ٿاڪَ، آيلَ! اوٺارين جا،
مٿان پيئي ماڪَ، وَسي وَڏي-ڦُڙي جيان.
ٿوهر هيٺان پيَر، ڪالهه ڏِٺا مون ڪيترا،
ڪولهين منجهان ڪير؟ اُٿي اڌ رات جو ويو.
ٿوهر هيٺان ڊيلَ، اچي آري تي ويٺي،
واهيري جي ويلَ، ايندو مور اُڪير مان.
ٿوهر هيٺان لوڪَ، ويٺي ويچاريو هِيئنَ،
قيد منجهان ڪيئن؟ ڪَڍجي پنهنجيءَ قوم کي.
ڪڍجي پنهنجيءَ قوم کي، هاڻِ هِن عذابَ مان،
خيال ۽ خواب مان، جيڪا جاڳي ئِي نٿي.
ڪنڊيءَ مٿان ڪانگ، ويٺو ڪان، ڪان ڪري،
هيٺيان ڪارو نانگ، ڦڻ ڪڍيو ڦُوڪون ڏي.
ڪنڊيءَ هيٺان ڪُونج، راتوڪي رهجي وَئي،
گهايل جنهن جي گُونج، پُڄي وئي پولارَ ۾.
***
- ڪيرت ٻاٻاڻي: هند، سنڌ جو مشهور اديب.
- ويرڻ: پيئڻ بلا
- بشير خان قُريشي: سنڌ جو قومپرست اڳواڻ.