ممنوع محبت
جنهن تو کي حاصل ڪرڻ لاءِ،
پنهنجن کان ايئن پرهيز ڪئي،
جيئن شُگر جو مريض مٺاڻ کان،
پرهيز يا ڪِري ڪندو آهي،
جنهن تُنهنجي دُک، درد کي،
ايئن وَنڊي وِرڇي کنيو،
جيئن جيالن ۽ ڀائي لوگن،
ڀٽائيءَ جي ڀُونءِ کي،
اقتدار خاطر اڌو اڌ ڪري،
پاڻ ۾ وَنڊي ورهائي رکيو،
جنهن تنهنجن صحرا جهڙن،
سُڪل ٺوٺ چَپن تي مُرڪ،
۽ اکين ۾ اُميدن جو ڏيئو روشن رکڻ لئه،
سڀئي سپنا نيلام ڪري ڇڏيا،
جيڪو تنهنجن غمن جو گراهڪ،
۽ اڪيلاين جو اُميدوار هو،
جيڪو تنهنجن لُڙڪن جو لڄپال هو،
جنهن تنهنجي تنهائيءَ کي،
پنهنجي ڀاڪُر ۾ ايئن ڀريو هو،
جيئن ڪا جهرڪي باز جي ڀَؤ کان،
پَرن ۾ پنهنجا ٻچا لِڪائيندي آهي،
اُها معصومِڙي محبت،
جيڪا تو کي جيجل ماءُ وانگر،
وڏي ڄمار ماڻڻ جون دُعائون ڏيندي هُئي،
۽ اُهو پاڪ پويتر پيار،
جيڪو تو کي سڳي پيءَ وانگر،
اشهد آڱر مان جهلي،
زماني ۾ زندهه رهڻ جا گُر سيکاريندوهو،
اڄ اُها ئِي اڇوت محبت،
تنهنجن نيڻن جي نيل – گگن تان،
ايئن هيٺ لاٿي وئي آهي،
جيئن ڪو ئي ڪولهي،
ڪنهن اُتم ذات جي اڱڻ تي،
پير ڌرڻ کان پهرين،
جُتي اوٽي کان هيٺ لاهيندو آهي،
۽ هاڻ تنهنجي اندر جي شِوَ مندر ۾،
مُنهنجي محبت جي آرتي اُتارڻ،
ايئن ممنوع آهي،
جيئن ڪنهن ملالا جو،
مڪتب ۾ وڃڻ ممنوع آهي..!!