اوهين سڀ آڱوٺي ڇاپَ آهيو!
پوءِ اُهو پڙهيل هُجي يا اڻ پڙهيل،
آئون آڱُوٺي جي نالي سان به سڃاتو وڃان ٿو،
ته ٺُٺُيو به مون کي ئي چوندا آهن،
هر پوڙهي پَڪي، عربي عجمي،
مرد، مائي يا خواجه سرا جي،
هٿن - پيرن ۾ موجود آهيان،
سواءِ انهن جي، جيڪي ٺُونٺا آهن،
آئون رنگ نسل ذات، پات،
۽ مذهبي متڀيد کان آجو آهيان،
صُوفي يا سيڪيولر به ناهيان،
مُنهنجو ڪو به مسَلڪ ڪونهي،
ڪا به نُک، ڪا به قوم ڪونهي،
ڪا ڌرتي، ڪو آسمان ڪونهي،
آئون اِنساني جسم جو هڪ عُضوو آهيان،
(جنهن کي دُنيا جو هر ٻار ڌائي سگهي ٿو)،
موئِن دڙي جي تاريخ کان به پُراڻو آهيان،
خالقِ ڪائنات جڏهن ڪُن فيڪون چَئي،
اِنساني جسمن ۾ رُوح ڦوڪيو هو،
آئون تڏهن به هَڪيو، تڪيو هُئس،
اڳي اڻپڙهيلن کي آڱوٺي ڇاپَ چئي،
مُنهنجي عزتِ نفس مجروح ڪئي ويندي هُئي،
تڏهن تپيدار فوتي کاتا ڦيرائڻ لاءِ،
يا عشر زڪوات جا چيئرمين،
بيواهُن جا وضيفا ڳڙڪائڻ لاءِ،
مون کي مِس يوز ڪندا هُئا،
پر هاڻ فِنگر پرنٽ سڀني کان،
حق ۽ واسطا واپس وٺي،
گوگِل جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن،
مُنهنجو نالو اُن وقت بدنام ٿيو هو،
جڏهن آڱوٺي ڇاپَ ”ماستر“ ڀرتي ٿِيا هُئا،
مٿان وري نادرا وارن مُنهنجي مدد سان،
ماڻهن جي اصلي ۽ نقلي هُئڻ جا،
نوان، نوان انڪشاف ڪيا آهن،
هاڻ اِهو زمانو اچي ويو آهي،
جو مُنهنجي هڪ ئي اشاري سان،
اوهان جا سڀئي راز افشان ٿي وڃن ٿا،
مُنهنجي اِنهي ڪِرت کوجي ڪُتن ۽،
پيرين جي پيٽ تي لت ڏِني آهي،
ڪُجهه به هجي دُنيا جو هر ڌنڌو،
مُنهنجي مرضيءَ جي مَرهونِ منت آهي،
آڱريون ته هُونئن ئي برابر ناهن،
پر آئون ڪانڊيري مان درخت،
اُن ڪري بڻيو آهيان جو،
اڄڪلهه جي ٽيڪنالاجي دؤر،
مُنهنجي هيڪاندي اهميت وڌائي آهي،
اوهين اعليٰ تعليم يافته هئڻ باوجود،
جڏهن به ڪنهن سان ايگري ٿيندا آهيو،
ته آڱوٺو ڏيکاري اوڪي ڪندا آهيو،
يا ڪنهن کي ڪم کان ٺُپ جواب ڏيڻ لاءِ به،
اڱوٺو ڏيکاري جانِ ڇڏائيندا آهيو،
اوهان مُنهنجي موجودگيءَ جا مُنڪر ٿي نٿا سگهو،
ڇو ته، منهنجي مدد ۽ مرضيءَ کان سواءِ،
اوهان جو نه ته ايڊنٽي ڪارڊ ٺهي سگهي ٿو،
نه ئي موبائيل فون جي ڪا سِمَ ملي سگهي ٿي،
نه مُلازمن جي بايو مئٽرڪ ٿي سگهي ٿي،
نه ئي وؤٽن جي ويريفڪيشن ٿي سگهي ٿي،
مطلب ته اوهان جي سموري بايوڊيٽا،
فقط هڪ آڱوٺي جو خرچ آهي،
يعنيٰ اوهان جي اوقات هڪ آڱوٺو آهي،
ته پوءِ اِهو تسليم ڪرڻ ۾ ڪهڙو هرجُ آهي؟
ته اوهين سڀ آڱوٺي ڇاپَ آهيو...!!!!