بيتَ
اوت، مٺا، تون اوت، متان وسامي وڃي!
*****
تون ئي منهنجو گيت، تون گيتن جو پڙلاءُ،
سائين، هيءُ سنگيت، توريءَ سُڃو ڀانئيان.
*****
گهوُرن جو گهايل، گهايل منهنجو جيءُ،
سائين، هي سائل، سائل تنهنجيءَ سونهن جو.
*****
ٿَڪا ٿَڪا نيڻ، سُڪا سُڪا ساهه،
رکي رکي روح مان، اُڏامي ٿي آهَ،
اڙي او الله، سگهو آڻج سوجهرو!
*****
منزل نڪو ماڳ، اسين آديسيئڙا،
پري پنڌ اَجهاڳ، آکيرا آڪاس ۾.
*****
جهُڙ ڦُڙ جي جهونگار، ساوڻ جهڙي سونهن،
ورهين جي ورونهن، پل ۾ پَسائي وئين.
*****
ڪاٿي آهه ڪَٽار، ڪاٿي آ وهه جو وٽو؟
ڪونڌر ڪسنداڪات سان، سرڙو ڌڙئون ڌار،
ٻاروچا ٻيهار، سُوري ساري هليا.
*****
ڳاٽن جو ڳاڻاٽُ، ڪانئر ڪيئن ڪندا،
اندر جو اُساٽُ، سمجهن ڪيئي سورما.
*****
پري ناهي پنڌ، اوڳا ڇو آتو ٿئين،
توڙي ساڻو سَنڌ، ته به هلڻو آهي هيج مان.
*****
انڌا اونڌا ويڄ، لولو لنگڙو لوڪ،
ڪاتي جَنين ڪاڄ، سوري جنين سيج،
اُتي ڪهڙا ڇيڄ، جتي روح نه رهي راتڙي.
*****
زنگ لڳازنجير، ڪَٽُ هاڻا پيڪَڙا،
ملهائي مَهمير، ڇِني ايندا ڇالَ سان.
*****
ڪيسين ڪاري رات، ڪيسين هيءُ ڪَلور،
پرهه ڦٽي پرڀات، ڪيسين رهندي دور،
جهَڪي ٿي آ جهور، اونداهي انياءُ جي.
*****
پگهر پورهيت جو، پاڻي ناهي، او پرين!
ڦُڙو ڦِري اوچتو، شعلو ٿي ويندو،
سَڙي ساڙيندو، سڃي هِن سماج کي.
*****
اَنڌا اُونڌا ويڄ، گونگا ٻوڙا گيت،
سڻندا ڪيئن سنگيت، ماري جَنين من ۾!
*****
هڻ کڻ جهڙو هٺ، واڳونءَ جهڙو وات،
ڪاسائيءَ جو ڪات، ماڻهو تنهنجي من ۾.
*****
منهنجا مٺڙا ڏيهه، سانگي تنهنجا سادڙا،
کٿوريءَ جان کيهه، سانڍن تنهنجي ساهه سان.
*****
گَپن گاڏڙ گوڏ، واريءَ هاڻا وارَ،
توڙي هيڻا پار، ته به ڊاهينداسين ڊوهه کي.
*****
اُکيڙي اَنياءُ، ساڙي ڇڏ سماج،
ڏکيو ۽ بکيو رهين، اُپائين اناج،
کَسي وٺ تون تاج، سهي سهندين ڪيترو؟
*****
اڃا به الله، ڏسندين ويٺو ڏيکَ،
سيج سُتو هڪڙو، ڳاهي پيو ٻيو ڳاههَ،
ٺاهينداسين راههَ، لاهي سانگو سر جو.
*****
سڏي ٿو ساڻيهه، ٻيجل ٻيهر آءُ،
سموهي سُرود کي، وري وارج واءُ،
اچ ته هي اَنياءُ، پاڙان ئي پٽي ڪڍون!
*****
ڌرتي ساري دانهن، اُڀ سڄو ئي آڳ،
مانجهي تنهنجا ماڳ، ڪهڙي ڪُن نِهوڙيا.
*****
جَلي اُٿي جوت، نمي آيو نُور،
جهَڪي ٿي آ جهُور، اونداهي اَنياءَ جي.
*****
موٽيو آهي مورڙو، هوشوءَ ڪئي هڪل،
سنڌڙي تنهنجا سورما، آيا ڄاڻ اجهل،
مٽيءَ منجهه محل، ڪيرائيندا ڪوڙ جا.
*****
رات رتوڇاڻ، ڌرتيءَ جا ڪي ڌِڳ ها،
مَنڊي ڇو مانڊاڻ، گهوٽن کي گهائي وئين!
*****
راڻا ڪهڙيءَ ريت، هي ماڳ آهي موهه جو،
پئسي ڪارڻ پريت، ور ور وڪامي پئي!
*****
چُريو آهي چنگ، ڀَڙڪي اُٿي باهه،
ساٿي، ڪَر هو ڪاهه، ڪانهي ويل وهڻ جي.
*****
اکڙين جي آلاڻ سان، ڌوئي ڇڏ تون داغ،
چَريا هي چراغ، ڪيسين جلندءِ جيءَ ۾.
*****
لال رتا راڳا ڏئي، جهنڊا جهُولايو،
ڏونگر ڏاري راهه جا، وکون وڌايو،
ڪِرو ڪيرايو، سورهيه ساري سوڀ کي.
*****
ڪيرائي ڏي ڪوٽَ، ڇِني ڇڏ زنجيرَ،
اڙي او اَسيرَ، تون لهين لکين ماڻهو!
*****
وريو آهي واءُ، اَڏيون ٻيو عالم،
ظلم ۽ ظالم، رهي رهندا ڪيترو؟
*****
جڳمڳ جليا ديپ، جَرڪيو آهه جهان،
جاڳيو آ انسان، سهسين ٿيندا سوجهرا!
*****
توڙي ڪاري ٻاٽ، توڙي اوکو ماڳ،
ٻارينداسين، ساٿيو، آنڌيءَ ۾ ڀي لاٽ،
ملي ويندي واٽ، متان يَر ماندا ٿيو!
*****
ڪانگو جا اوڪارڙا، متان ٿئين مَلول،
محنت تنهنجو ماڳ آ، محبت رکج مول،
الفت جنهن اُصول، سو مريِ به اَمر رهي!
*****
رڱي ڇڏيئي رت سان، ڪوٽ ڪڙا ۽ ڪِيرَ،
ظلمت جا زنجيرَ، روڪيندا ڇا روح کي!
*****
قيدي آَهي ڪوٽ ۾، ازل کان انسان،
الفت ۽ ايمان، ڏکيو لڀي ڏيهه ۾!
*****
باغي ڙي باغي، باغي ٿيو ڀنڀور،
ڪيسين ڪو ڪمزور، قيدي رهندو ڪوٽ ۾!
*****
مونکان پوءِ ڪو مينڌرو، ٻيهر ڀي ايندو،
سُڏڪي سَلِيندو، ڳُجههَ انهيءَ ڳالهه جا.
*****
بُکَ پئي باهي، بيهي وچَ بزار ۾،
سُورن وارا سيڪڙون، سينو ڪير ساهي،
اهڙو ڪو آهي، جو ڏک لاهي ڏيهه تان؟
*****
اهڙو ڪو آهي، جو ماڳ پهچائي مارئي،
ڏاڍاين ۽ ڏاڍ جا، ڪوٽ قلعا ڊاهي،
اولاوا لاهي، ڏکين ڏوٿيئڙن جا.
*****
پُڇي ڀائِج پيرُ، پوءِ متان روئين رت،
دودو جو دليرُ، ڪڍندئي ڪانُ ڪپار مان.
*****
سنڌڙي تنهنجا سورما، سوريءَ تي چڙهندا،
پوءِ ڀي نه پڙهندا، ڪلمو ڪڏهن ڪوڙ جو.
*****
دَزَ اُٿِي ڌڌڪا ٿيا، مچي ويو مانڌاڻُ،
سي ڪيئن سڏجن سورما، سِرُ جنين کي ساڻُ،
مٿو آهي ماڻ، سوڍا تنهنجي سوڀ جو!
*****
سَرُ اُٿيو، سٽڪو ٿيو، پري ڪريو ڪنڌُ،
ساٿي اهو سنڌُ، لتاڙِن ته لالُ ٿئين.
*****
سوئي رام رحيم، سوئي ٿيو ڀڳوان،
الا، هي انسان، اکرن ۾ اُلجهي ويو!
*****
ڏکن ڏڌو ڏينهن، راتين جو رولا،
ڳَڀي جي ڳولا، سدائين آ ساهه کي.
*****
ڌرتي تنهنجي ڌيءَ، در در وڪاڻي،
ننگي نياڻي، پئسي لئه پِنندي وتي!
*****
بي پاڙيءَ جو بار، سَهي ڪينءَ سُهاندڙو،
ڏائڻ اڳيان ڏارُ، سڙي ويندو سوڪَ ٿي.
*****
بي پاڙي آ باغ ۾، بچو بچو ڀاءُ،
ساوڪ جو سماءُ، متان سونهن سڙي وڃي.
*****
رڻ مان ڪهڙو روڄ، اُڏاڻو آڪاس،
ريت نه آئي راس، موتئي جي مهڪار کي.
*****
تارن ۾ تارا وجهي، تَڪيم راڻي راهه،
سُتا سڀئي ساهه، نينهن ويري ننڊ جو.
*****
وکريل منهنجا وار، گهاٽا منهنجا گهاءَ،
سالن جا سوداءَ، کُلي پيا کن ۾.
*****
انڌيارو آڪاس، ساڻو منهنجو ساهه،
پاڳل منهنجي پريتڙي، چريو منهنجو چاهه،
پويون آهه پَساهه، سِگهو پهچ، او پرين!
*****
سڏڪي پيا سنگيت، آسون اُجهاڻيون،
راڻيون ويڳاڻيون، راڻا تو ريءَ روح جون.
*****
چمڪي آ چانڊاڻ، مشڪي آهي ماٿري،
پرڏيهي منهنجو پرين، اِجهو آيو ڄاڻ،
منهنجو من مهراڻ، ڇولين جيئن ڇُلڪي اُٿيو.
*****
من _ مندر جي مورتي، اُٿي اکيون کول،
ٻول ٻه _ ٽي ڪي ٻول، لهي اُڃ ازل جي.
*****
ديوي! تنهنجو داس، جهلي بيٺو جهول،
اُٿي اکيون کول، لهي اُڃ ازل جي.
*****
آڌيءَ رات اگهور، ستا سڀئي ساهه،
گهوري ڪوئي راهه، روئي روئي رڃ ۾.
*****
وڻ وڻ ۾ ويڻا وڄي، پن پن ۾ پَڙلاءُ،
رَچي رَچي روح ۾، گهرو گهرو گهاءُ،
سانول! سَنجهي آءُ، آسائتي آهيان.
*****
ٽاريءَ ٽاريءَ ٻُور، لالڻ جهڙو لاڏ،
پرين، تنهنجو پُور، تو جئن تڙپائي ويو.
*****
ترسن پيا تارڙا، لڇي پئي لاٽَ،
رکي رکي رُڃ ۾، گهورن ويٺا گهاٽَ،
ويندڙ تنهنجي واٽَ، واجهائيندي ورهيه ٿيا.
*****
مان راهي تون راهه، مون کي تنهنجي تات،
مان چارڻ تون چاهه، ڳايان تنهنجون ڳالهڙيون.
*****
لڱين لوهه لهي، هٿين لهن هٿڪڙيون،
ماڻهوئڙي جي ماس تي، ٺاهه نه ڪو ٺهي،
ريڌو روح رهي، شل ڪانڌ نه رهن ڪوٽ ۾.
*****
ڪانڌ نه رهن ڪوٽ ۾، جانب جيئندا هونِ،
نه ڪي راتيون رونِ، نه ڪي ڏکيا ڏينهڙا.ـ
*****
ڪانڌ نه رهن ڪوٽ ۾، گيت نه ٿين گهايل،
انهن لئه، آيل! بر ۾ ٻاريم باهڙي.
*****
بَرَ ۾ ٻاري باهڙي، ويٺي ورهيه ٿيا،
سورهيه منهنجيءَ سنڌ جا، ڪهڙي پار ويا،
مُرڪي ماڳ پيا، سوڍن جي سنيهه سان.
*****
ڪبوتر ڪوئي، نياپو آڻج نينهن جو،
بيٺي آهيان بانوري، کُڏَ مٿان کوئي،
رٺل کي روئِي، مڃايان ڪيئن ماٺ ۾!
*****
پرين پنڌ پيا، جهڙا هنج تري هليا،
مُگري جهڙا ماڻهو، ڏئي ڏُک ويا،
دُکي داغ پيا، جڏهن ڏٺائون ڏاڍ مان!
*****
[b]شڪارپور جي شام
[/b]
آءُ سڀاڳي شام، جيڪا گذري ”سِنڌ“ تي،
سورج جي ڪا لام، جهولي پئي جيءَ ۾!
*****
آءُ سڀاڳي شامَ، پپل هيٺان پريت جي،
جاڳي اُٿيا جامَ، اکڙين سنديءَ اوٽ مان!
*****
”سِنڌ“ مٿي ڪي سندريون، چَهه چههَ چاڳا ڪن،
هٿين پيرين ميندڙي، لائي پيون لچڪن،
ڳاڙها ڳل سندن، چهرا چاڻان چنڊ جا!
*****
موتيو موتيو مُرڪَ، چوٽو چنبيليءَ سان،
سوڀيا جي ڪا سُرڪَ، اکڙين مان اوتي پيان!
*****
باغن ۾ ڀنڀوريون، نَچَن ٽَپَن ناز مان،
اهڙيون ڪي ٿوريون، چهڪ نه جن کي چاهه جا!
*****
لکِي دَرَ تي لوڏَ، گيتن جو گهراءُ،
اَڇا اُجرا سپرين، ڦِيڻِ ڀريو ڦهلاءُ،
گهوٽَ اهو ئي گهاءُ، روڳي روح ڪري ويو!
*****
لَکِي دَرَ تي لوڏَ، گورين جي گونجار،
ڪَنڍي ڪارائيءَ ۾، ونگيل واسيل وارَ،
ساڙهيءَ مٿان سِجَ جي، ترڪي پوئين تارَ،
سرتيون ساري سارَ، نڪري پيون ناز مان!
*****
سهڻا ماڻهو سنڌ جا، پاسي تي پهراڻَ،
ڳالهيون ڳَهيرن جون، موتين جا ڄڻ ماڻَ،
سانجهيءَ ويل سڄاڻ، مِڙي آيا مَچَ تي!
*****
جهوُنجهڪڙي جي جهانءِ، سُريلا سنگيتَ،
چؤچاڪيءَ گاڏيءَ ۾، گهُلن پيا گيت،
موتئيءَ جهڙا مِيتَ، گهورن سان گهائي ويا!
*****