هو ۽ مان
هو،
جنهن جڳ جي جاڳرتيءَ خاطر
پنهنجو پاڻ وڃايو،
جنهن تَنَ، مَنَ، ڌن جو دانُ ڏنو،
۽ چاهَ جي راهَ ٻڌائي:
جنهن لڙڪ وهائي مُرڪ ڏني.
۽ نفرت جي ماري، انڌياري
هن دنيا کي،
پيار جي پياري سُرڪ ڏني.
هُو ڪير آهي – ؟
جو سيني ۾ صدين جا سوداءَ ڇپائي،
طوفانن ۾ لاٽ جلائي،
ميري ڌرتيءَ جي آڳنڌ تي،
آيو پيرُ پيرَ ۾ پائي.
جنهن پيار جي بدلي،
سر تي پاتو تاج ڪَنڊن جو!
جنهن پنهنجو لاش ڪلهن تي نيئي
گليءَ گليءَ ۽ چوراهن تي،
جوڙيون پريم جون گرجائون.
هر بار جڏهن ڀي نياءَ انياءَ جي
جنگ ڇڙي،
هر بار جڏهن ڀي ڏاڍَ ڏکويو
دنيا کي،
هر بار جڏهن ڀي ڪوٽن ۾
ڪا ڪُوڪ اٿي،
تڏهن اتي هُو آيو آ.
واريءَ جي ميدانن ۾
۽ دهشتناڪ سمونڊن پار،
ڌرتيءَ جي هر ڪُنڊ ڪڙڇ ۾،
رام، گوتم ۽ عيسيَ بنجي،
زنجيرن کي ٽوڙيندو،
طوفانن جا رخ موڙيندو،
هُو ايندو آ سوراج کڻي.
هُو ڪير آهي، سو هُو ئي ڄاڻي،
پر مامَ ڀَري ڪا مهما آ!
مان
ڪنهن مون کان پڇيو، مان ڇا آهيان؟
مون ڪِي نه چيو، مان چپ ئي رهيس،
مان چپ ئي رهيس جو ڄاڻان ٿو،
جو ڄاڻان ٿو مان ڇا آهيان.
مان ديس ديس جي ڀُون آهيان،
مان تارن جي پرڇائين،
مان جنم جنم جي جاڳرتي،
مان بَنَ بَنَ جو بنواري.
مون ئي مٿرا ۾ ويهي
پنهنجا گهنڊ وڄايا،
مندر مندر مچلي مون
پنهنجا سَنکَ سجايا:
گوتم بنجي در در تان مون دان مڱيو،
گانڌي بنجي، گوليون کائي،
ڌرتيءَ کي مون گيان ڏنو.
مان مارئيءَ جو ورلاپ آهيان،
مان قرباني مان آهوتي،
مان آزاديءَ جي آسَ آهيان:
مان مورڙئي جو ماڳ!
سچ جي خاطر
جو سوريءَ کي سينگار مڃي،
مان سو عيسيٰ، مان سو هوشو،
مان ئي راءِ ڏياچ !