ڪارو بادل
روز اچي ٿو، روز وڃي ٿو،
بيهي بيهي روز گجي ٿو،
ليڪن برسيو ناهه ڪڏهن ڀي.
هيٺ زمين تي ڍورَ اُڃايل،
ڌرتي کاميل، ماڻهو تايل،
وڻ ٽڻ ٻوٽا،
ڳاڙها پِيلا،
ڪومايل ۽ مرجهايل،
روز تڪِن ٿا آس – اکين سان:
ليڪن ڪڪ ٿي اميدن کان،
رڳ رڳ ۾ ڪو روڳ لڪائي،
آس جي ڌيمي لاٽ اُجهائي،
خاموشيءَ سان بيٺا آهن،
ڪنڌ جهڪائي.
ڪانگ اُڏي ٿو – ڪانگ اُڏي ٿو،
پياسو پياسو ڪانگ اُڏي ٿو،
پاڻيءَ ڪارڻ ڪانگ اُڏي ٿو:
هيڏي هوڏي ڦيرا پائي،
وات پٽي، پرڙا ڦڙڪائي،
بوند بوند جي لئه واجهائي،
نيٺ زمين تي آيو آهي،
ڦٿڪي ٿو، ڄڻ گهايو آهي،
هاءِ، ڪانگ اُڃايو آهي!
نٽهڻ اُس ۾ پوڙهو مالهي،
خالي ڦوهاري سان بيٺو،
ڪلراٺيءَ ۾ پاڻي هاري،
ليڪن پاڻي ڪاٿي آهي؟
ڪاٿي آهي – ڪاٿي آهي؟
ڌرتيءَ مان اڄ تيل ڳڙيو آ،
شاخ شاخ ۾ تيل جي بُو آ:
نديون نارا، ٻنيون ٻارا،
نهر نيسارا تيل ٿا ڳاڙن،
پاڻي جي ڪا بوند نه آهي!
ڪارو بادل اڄ به نه برسيو،
ايڏو عرصو ڇا لئه ترسيو –
ڪارو بادل اڄ به نه برسيو!
ٻيڙيءَ وارا، ونجهه هلاءِ،
زور زور سان ونجهه هلاءِ!
ريتيءَ جي رڻ پٽ ۾ ٻيڙي
بيٺي آهي صدين کان:
سڙهه سمورا ڇيهون ڇيهون
رڻ پٽ سارو ريهون ريهون!
ڪنهن جو ماتم ڪير ڪري ٿو؟
ڌرتي آ، يا اُڀ ڏري ٿو؟
سج سوا نيزي تي آيو،
پاڻي بڻجي پهڻ ڳري ٿو:
ٻيڙيءَ وارا، ونجهه هلاءِ،
زور زور سان ونجهه هلاءِ!
رُڃ سان اُڃ لهي ته نه سگهندي،
ڌرتي ڌاڙ سهي ته نه سگهندي،
ڏاڍَ سان ڏات رهي ته نه سگهندي:
ونجهه هلاءِ، تون ونجهه هلاءِ،
ٻيڙيءَ وارا، ونجهه هلاءِ،
تڪڙو تڪڙو ونجهه هلاءِ!
ڪڙڪي سان هو ڪارو بادل
وڏ – ڦڙي وسڪاري سان
برسي پيو برپٽ مٿان.
وڄ وراڪا ڏيندي اُڀري،
اوهيڙي سان برکا اُتري:
اُڀ منجهان اڄ خون وُٺو آ،
آڪاسن تي ڪير ڪُٺو آ؟
ڪارو بادل ڦاٽي پيو آ!
ٻيڙيءَ وارا ونجهه هلاءِ،
ونجهه هلاءِ، تون ونجهه هلاءِ!
ڪانگ اُڏي ٿو ڪانگ اُڏي ٿو،
بود ۾ ڀرجي ڪانگ اُڏي ٿو!