زندگي
مرڪ تنهنجي ابتدا،
۽ لڙڪ تنهنجي انتها:
ڪا گهڙي تنهنجي سلوڻي ساز کي ٻڌندو رهيس،
ڪا گهڙي ويران دل، آليون اکيون اگهندو رهيس:
ڪير آهي، جنهن جي اکڙين ۾ نراشا ناهه، چئه،
ڪير آهي؟
هر مسافر جي اڃايل ۽ ستايل سيني ۾
ڇا تنهنجوئي نيشان ناهه؟
تون ماءُ ڀي آن، موت ڀي،
تنهنجي اونداهي انڌاري روح ۾
ٽمٽمائي ٿي ڪا جهيڻي جوت ڀي،
هڪ هٿيليءَ تي رکي امرت نچين –
ڇنن ڇن ڇن، ڇنن ڇن ڇن –
مرڪ سان پر زهر ڦهلايو ڇڏين،
خاموشيون – خاموشيون – خاموشيون!
هر ڦول ۾ توکي ڏٺم،
هر ڪراڙي، بي سهاري جي بکايل گهور ۾
توکي ڏٺم،
هر پڄاريءَ جي پراڻي پاپ ۾،
هر بِکاريءَ جي وڇايل جهول ۾ توکي ڏٺم:
ساز ۾، آواز ۾،
آلاپ ۽ ورلاپ ۾ توکي ڏٺم،
او زندگي،
سچ ٿو چوان، توکي ڏٺم!