شاعري

چنڊ رهين ٿو دور

”قمر شهباز جيڪو لکيو آهي، سو ڏات جي ڏيئن جي اُنهيءَ ”جوت مان جلندڙ جوت“ جو تسلسل آهي، جنهن جي پهچ امرتا کي اورانگهي ٿي. سندس شعر توڙي نثر، پنهنجي مورچي مان اُڇلايل آهي زهريلا ٻاڻ آهن، جن جو چُڀڪو هڪ طرف ويرين کي ويساهي نٿو ڏئي ته ٻئي طرف اُنهن جو تجلو پري پري تائين پکڙيل ساٿين جي ذهنن ۾ عزم ۽ اعتماد جو سوجهرو ڀريو ڇڏي.
”چنڊ رهين ٿو دور“، قمر جي شروع کان اڄ تائين ڪيل معياري شاعريءَ جو مجموعو آهي، جيڪو مٿي بيان ڪيل قومي سجاڳيءَ واريءَ تحريڪ جي پس منظر سان گڏ، سندس ذهني اوسر جو پيش منظر به ڏيکاري ٿو.“
  • 4.5/5.0
  • 2280
  • 942
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • قمر شھباز
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book چنڊ رهين ٿو دور

دوها

ڇَرَ جو ڇوهُ گهڻو هو پوءِ به مانجهي ڪين مڙيا،
لهر لهر کي جن ليٽايو، جانب سي ئي جڙيا!

*****

سُوريءَ جو سينگار جَنِين يَرَ وري ۾ ورتو،
ڏيههَ گهڻو ئي ڏاڍ ڪيو، پر يارُ تنين پرتو!

*****

انگ اُگهاڙو، پيٽ بکيو ۽ راتيون جي جاڳن،
هيري – کاڻيون تن جي من ۾، سچ جو سودو ڪن!

*****

جهونِي ڪاٺي، مَڪڙي ماٺي واڳون آ ويري،
پوءِ به لهرن کي ليٽائي، ڄاڻ پُڳو پيري!

*****

رات انڌيري رهندي ڪيسين، نيٺ اجالو ٿيندو،
سک جو سج ڄاڻ ته اڀريو، منزل جو ڏس ڏيندو.

*****

سنڌڙيءَ خاطر ڪو سودائي آيو ٻيهر ٻاڻُ کڻي،
ڪلهه جا سپنا، اڄ جون يادون سورهيه آيو ساڻ کڻي!

*****

آڌي ٿي، آواز نه آيو، چارڻ چنگُ اڪيلو آ،
ڌڙڪ نه ڌرتيءَ جي دل هاڻي اچڻو سويلو آ!

*****

دل جا داغ ڀلا ڇا ڌئندين، يادن کي ڇا ميٽيندين،
ساهَ ساهَ ۾ چاهُ ئي چڀيندءِ، چاهت کي ڇا چيٺيندين؟

*****

پتنگ بنجي مان پڄران، لا! تون به نير وهاءِ،
ويل وري نا اچئي آهي، پل پل کي پرڀاءِ!

*****

نچندو نچندو، لوءَ تي لُڇندو، ايندو آهي پتنگُ،
دل دل ۾ ديول جي سوڀيا، دل جو ڪهڙو رنگُ.

*****

ڪنهنجو ڪنهنجو گهاءُ ڏسي ڪو، ڪنهنجي ڪنهنجي گهور،
پل پل هتڙي پنهنجو ناهي، پاڇولا ۽ پُورَ!

*****

منهنجي دامن ۾ ٿو جهاتين، گهائن کي ڇا گهوريندين،
پاڇولن جا پُور پراڻا، پريتم ڪهڙا پُوريندين؟

*****

ريت ته ريتيءَ جي ڀت آهي، ڄاڻ ڀُري، ها ڄاڻ ڀُري،
پريت ته آهي وڄ – وراڪو، پل کن ۾ اُڀ تي اُڀري.

*****

سچ کي سوري چاڙهين ويٺا، ڀوريءَ جا اڄ ڀاءُ،
سَرِ سَرِ سِرڙا سانگي ڏيندا، ماندي ٿيءُ نه ماءُ.

*****

ڊَهَ ڊَهَ ڊهندا ڪوٽ پراڻا، ڇڄندا هي زنجيرَ،
ڄاڻَ اسانجي ٻاڻَ ۾ آهي، بدليندو تقديرَ.

*****

باهِ جڏهن ڀنڀور ۾ ڀڙڪي تَنُ تَنُ تڙپي اُٿندو،
ساهَ ساهَ ۾ چاهُ سنڌوءَ جو، لنوءَ لنوءَ ۾ پيو رڇندو.

*****

ڪيسين ڪوٽ اڏيندو رهندو، ڌرتيءَ جو دشمن،
انگ انگ ۾ آڳ لڳي آ، تڙپي ٿو تن مَنُ.

*****

جُڳ جُڳ ۾ آ جلندو آيو، هن ڌرتيءَ جو ڌيان،
ڪيسين سهندو، ڪيسين رهندو،ڄاڻ اُٿيو انسان.

*****

پڻيءَ پڻيءَ کي پوڄيو آهي، سنڌڙي منهنجي ساههَ،
تنهنجي مٽيءَ ۾ ئي مرڪن، ڪي ئي سامي شاههَ.

*****

جيجل ٻيجل آيو آهي، چنگ چڙا اڄ ساڻ کڻي،
سچ جي ڪارڻ موڪل ڏي تون، سرڙو ڏيان مان راءِ بڻي!

*****

باندي بڙڇي بنجي ويندا، تَنُ تَنُ ٿيندو تِيرُ،
تنهن جو سينو چيري رکندا، پيسو جنهن جو پِيرُ.

*****

وڌندا پاڇا، لهندي ڇايا، ههڙي دنيا ڪنهنجي مايا،
اوڀر کان جو باکَ ڦٽي آ، مستانا ڀي ڄاڻ ته آيا!

*****

توسان نينهن لڳائي پاتم پل پل جا پڇتاءَ،
تنهنجون يادون سيني ۾ ڄاڻ گهڙيءَ گهڙيءَ جا گهاءَ.

*****

تنهنجي اکڙين مان ئي اوتي، جانب! پيتم جامَ،
وار ڇڏيا تو ڇوڙي، مٺڙا شرمائِي آ شامِ.

*****

سنڌو، تنهنجيءَ لهر لهر ۾ منهنجا گيت سمايا،
تنهنجي ڇولين ۾ جا ڇَلڪي، سائي منهنجي ڇايا.

*****

ڪنهن سان نينهن نڀائين ويٺو، بادل، منهنجا ڀاءَ،
منهنجي سيني ۾ ڀي تو جئن ساجن جا سؤ گهاءَ.

*****

پرينءَ پڄاڻا من هي پياسو، پل ڀي چَين نه پائي،
رات جي راهين کي ڇا ڪوئي من جو ميت بنائي.

*****

تار ٽُٽا من – ويڻا جا، مان ڪيئن جيئان هئه ڪيئن جيئان،
پيار بنا وهه جيون-امرت، ڪيئن پيئان هئه ڪيئن پيئان.

*****

سِر جو سُر سان سَنگ رهيو، ناگل ۾ خوشبو باقي،
پيار بنا ميخانو موڳو، سڏڪي ويٺو ساقي.

*****

ڪاڏي مومل، ڪاڏي راڻو، ڪاڏي وئي سا ڪاڪ،ـ
پيار پڄاڻا ديپ اُجهاڻا، اُڏي پئي ٿي خاڪ.

*****

ڪوئل ڪوڪي تو لئه سائين، سرنهن جهليو آ ٻُور،
موٽ مٺا هڪ وار ته مرڪي دل زخمن سان چُور.

*****

ڪاريون ڪڪريون شرمائينديون آيون هوري هوري،
دل تي چَهڪ نه ڏي، او چارڻ، چنگ کي چوري چوري.

*****

سانجهي آئي مانجهي ايندا، لهندا دل تان بار،
هوري هوري من تي ڇانئِي، ساجن، تنهنجي سار.

*****

من کي مان پرڀايان ڪيسين، ڪيسين لڙڪ لڪايان،
ڄاڻان ٿو تون منهنجي ناهين، دل کي ڪيئن سمجهايان.

*****

پري پري کان واجهائي ٿو، اڄ ڇا لاءِ پتنگ،
اڄ ڇو ويڻِا ويٺي روئي، چُپ ڇو آهي چَنگ؟

*****

اڄ ڇو منهنجي من ۾ ڪوئي، مرڪيو ناهه ڪنول،
بات بات تي ڀرجي آيون، اکڙيون هاءِ اجهل!

*****

گنگا جمنا کان ڀي پوتر، هيءُ نيڻن جو نِير،
تِير چڀوئي، ويِر بنايو، سنگم آهه سرير!

*****

پياسا پياڪا، هاريا ڳولي، مَڌ جهڙي ڪا مُنڌ،
هرڻيءَ جهڙي هوڏ جنهين جي، ساهن منجهه سڳنڌ!

*****

مَڌ جهڙي ڪا مُنڌ ڀلا ڇو ڳولي منهنجو جيءُ،
اکڙين سان اکڙين ۾ اوتي، چوي ”چريا هي پيءُ!“

*****

مَڌ جهڙي ڪا مُنڌ ڀلا ڇو ڳاراڻو ڳولي،
سهسين ساوڻ آيا، ڪوئي کيپَ اسان جا کولي!

*****

پِرهه پِرهه کان پنڌ پڇائي، آيس تنهنجي دوار،
مٺڙا ماڻهو، مُرڪي، ويهي، گهڙي اسان سان گهار،

*****

منهنجي ويڻا کان ڀي ٻيڻا، تنهنجا سُر، صنم!
ايندي ايندي رڪجي ويندا، قاتل جا به قدم.

*****

ڪو پَل آشا آتي آهي، ساعت آهي سنگ،
ڄاڻ ته آيا ڪارا سايا، اُڏري ويندو رنگ.

*****

وکري ويندا گيت خوشيءَ جا، وڇڙي ويندا يار،
پل پل تنهنجو پيار ڏنگيندو، ساعت ساعت سار.

*****

تِرڪي ايندءِ تِرَ تي آنسوُ، روئندين زارو زار،
منهنجون يادون بنجي ايندءِ، دل تي غم جو بار.

*****

توئي چيو هو، ”پريم امر آ“، پريت ۾ ڪهڙو پاڻ،
ڇا لئه پاڻ لڪائي ويٺين، پِرين، هلائي ٻاڻ؟

*****

لهر لهر ۾ نغمو ڄاپي، ڇولين ۾ ڇَن ڇَن،
سندر تارا سيج سَجائن، چنڊ بنيو دلهن.

*****

تنهنجون يادون، مٺڙا سائين، ماڪ ڦڙا ڄڻ ڦولن تي،
البيليون ڄڻ وار کنڊائي، جهومي ڳائن جهولن تي.

*****

تنهنجون يادون، جيئن سدائين، جگنوءَ جيئن جرڪن،
جهونجهڪڙي ۾ ديپ جلائي، ڄاڻ ڪو پياسو من.

*****

تنهنجون يادون، مٺڙا ماڻهو! بادل جئن برسن،
هاءِ اڃايل منهنجون اکڙيون، بوندن لئه ترسن!

*****

تنهنجون يادون موتيءَ داڻا، خوابن جي خوشبو،
رات اوهان جي ياد جو آئي، هِير گهُلي هرسُو.

*****

اُڏري اُڏري ٿڪجي پوندين، کوهي ويهندين کنڀ،
پيار ڏنا جي پنڇي توکي، ڏکيا لهن سي ڏنڀ.

*****

رات رئاري، چِکيا چاڙهي، ڏِيل ڏُکوئي ڏنگ،
روح اسان جو ريت نه ڄاڻي، دل ڇا ڄاڻي دنگ!

*****

سونهن اوهان جي ساهه اسان جو، صدين جو آ سنگ،
توبن، سائين، مان ويڳاڻو، جئن چارڻ ريءَ چنگ.

*****

در در تان مان دان مڱان، پرڪين ملي جو چاهيان،
ڪاش، ڪوئي هڪوار ٻڌائي، هاءِ الا، مان ڇاهيان!

*****

مَڌ جهڙي ڪا مُنڌ ڀلا ڇو ڳولي ڳاراڻو،
جنهن ريءَ موڳو ميخانو آ، ساقي آ ساڻو.