سنڌو وهندي رهندي آ
سنڌو ديس دليرن جو،
شهميرن جو، شهزورن جو.
هت ڌرتي سونا سنگ ڪري،
هت سانوڻ سَوَ سَوَ رنگ ڪري،
هت چانڊوڪي ڄڻ چاندي آ،
هت محبت سڀجي باندي آ،
هت مهمانن کي مان ملي،
هت دردوندن کي دان ملي،
هت دولهه دريا خان هئو،
هت شهبازن جو شان هئو،
هن ديس جي ڪهڙي ڳالهه ڪيان،
هن ديس ۾ ڪيئي لعل مڻيان!
هت هوشوءَ جي هوڪار هئي،
هت لالڻ جي للڪار هئي،
هت سورهيه ها، سردار هئا،
هت واسينگن تي وار هئا،
هت سهڻيءَ جا سينگار هئا،
هت هوت مٺا حبدار هئا،
سنگيت هئا، ۽ ساز هئا،
هت نينهن وارن جا ناز هئا،
هت سچل جهڙا سالڪ ها،
جي ملڪ سڄي جا مالڪ هئا،
هت هيموءَ جهڙا گهوٽ هئا،
جي ارڏا ها، اڻموٽ هئا.
سنڌو ديس دليرن جو،
شهميرن جو شهزورن جو
(2)
صدين کان هيءَ سهڻي ڌارا،
ڏُک سک سهندي رهندي آ،
سنڌو وهندي رهندي آ!
ڏٻرا گهوڙا ڏيساور جا،
ڪوٽ ڪڙا ڪنهن زوراور جا،
ڳاڙها ڳوڙها ڪنهن شاعر جا.
ماروئڙن جون اکڙيون آليون،
ننگيون نياڻيون غربت پاليون،
پوءِ به مٺڙيون پيار جون ڳالهيون.
ڏينهن ڏکن جا، راتيون رولا،
هاءِ حياتي ڳڀي ڳولا،
چڳون چِيڙهيون، چيهُون چولا.
گند ۾ گوهر جيئن جواني،
خواب انهن جا اڻڀي ماني،
کنهنبي چٽڪو ۽ پوءِ فاني.
پيِرن جو هيءُ ڏيهه پراڻو،
گهوٽن لاءِ هيءَ ڌرتي گهاڻو،
مارئي ماڻي انڌو ڪاڻو.
مومل جي ماڻي جا سودا،
راڻي بدران غنڊا شودا،
ٽُپي ٽِنڊ تي واڇون گودا،
ڪونڌر ڪُسندا رهندا آهن،
سچا سختيون سهندا آهن،
مَندا سڀ جا مهندا آهن.
جنهن کي آڌر ڀاءُ ملي ٿو،
تنهن کان توکي گهاءُ ملي ٿو،
اوندهه ۽ انياءُ ملي ٿو.
سهڻي مهڻي سنڌي ٻولي،
جنهن ۾ لال ڏني آ لولي،
ان جي بدلي ڀالا گولي.
صدين کان هي سنڌو ڌارا،
خواب خوشين جا لهندي آ:
سنڌو وهندي رهندي آ،
سنڌو وهندي رهندي آ.