سجاڳي
وري خون خوابن جو هر سُو ٿيو،
وري خشڪ ڌرتيءَ جي صدين کان سانڍيل
انڌيري تَهن جي سحر جي ستايل،
ڪا ديرينه خواهش،
ڪنهن اپڇڙا جيئن پرڙا پٿاري،
اُڏامي اُٿي آ.
وري روح راڻي جو ساڻو ٿيو آ،
وري ڪاڪ ماڻڻ لئه
چانگي تي ڪوئي،
ڪَتين جي سهاري
انڌيرا اُجاري،
پرينءَ کي پڪاري،
هليو آ، هليو آ:
۽ مومل جي ماڙيءَ جا
ديپڪ اجهاڻل
وري وقت جي واڳ واري به آيا.
انڌيري ۽ سنسان کنڊر ۾ سايا،
گهڻي دير هڪٻئي کي ڇهندا ئي رهندا:
ڄاڻڻ، سڃاڻڻ ۽ ماڻڻ جي خواهش
دلين ۾ ئي سانڍي،
گهڙي پل لئه جاڳي
مگر پوءِ ساڳي
اوندهه ۾ گم ٿي
اُجهامي، اُجهامي، اُجهامي ئي ويندا.
(تڏهن ڪوئي سايو،
ڪينجهر جي ڪپ تي
هوري هوري آيو.)
ڪينجهر ۾ پر اڄ ڪا ڪشتي نه آهي،
لهرن جي لُرَ ۾ ڪا مستي نه آهي:
نه ڪا لاٽ سُرَ جي نه رقصان جواني،
نه راڻيون، نه واڻيون، نه رنگين ڪهاڻيون،
نه گندري نه گندريءَ جو ورلاپ آهي:
نه راڻو نه مومل، نه سهڻي نه ميهر،
نه ليلان نه ڪونئرو، نه راجا چنيسر،
نه داڻو، نه داڻي جو چمڪو ئي آهي،
نه ٻيجل، نه ٻيجل جي سر جي صدا آ.
(فقط خاموشي آ،
الا، خاموشي آ!
ڪوئي ناهي، ڪوئي ناهي،
منهنجو هتڙي ڪوئي ناهي،
هتڙي ڪنهن جو ڪوئي ناهي،
ڪوئي ناهي!)
تڏهن اوچتو، دل جي تاريڪ تَهه مان
ڪو احساس آ جو پڪاري پڪاري،
بغاوت جو پرچم اُڏاري اُڏاري،
چوي ٿو:
مان ڄام آهيان، مان ڄام آهيان،
۽ منهنجي نوري سُوري آهي؛
منهنجي ڪينجهر ڪپ تي ڪائي
گندري اڄ ڀي پُوري آهي!
مان ڄام آهيان، مان ڄام آهيان،
مون جهڙو ڪوئي ڄام نه آ!
ٻڌ، اي ڄام تماچي،
تنهنجا جام سمورا ڀوريان ٿو؛
سمان، تنهنجي ڪينجهر ڪارڻ
پنهنجو سڀڪجهه گهوريان ٿو.
ڌرتيءَ جون ڪوماڻيل مکڙيون،
پنهنجي دامن ۾ پائي مان
چپي چپي تي قنديلون ٻاري ٻاري
آيو آهيان؛
هوشوءَ واري هوڏ وري اڄ جياري جياري
آيو آهيان؛
متوالن کي ميري مَٽ مان ڪا شي ٻيهر
پياري پياري آيو آهيان!
تو ڌرتيءَ کي آڪاس ڏنو،
مون پستيءَ کي وشواس ڏنو؛
تو اوندهه کي اتهاس ڏنو،
مون جنم جنم جي اونداهين کي
قربانيءَ جو واس ڏنو:
تو پريت ڏني،
مون ريت ڏني،
تو چاهه ڏنو،
مون ساهه ڏنو:
ڪلهه توسان نوريءَ نياز ڪيو،
اڄ مون تي سُوري ناز ڪندي!